ٻوليءَ جي سونهن
پهاڪا، چوڻيون، ورجيسيون،
اصطلاح!
مٺل جسڪاڻي
لکڻ جي معاملي ۾ ٻوليءَ
جو ماهر هجڻ نه، پر ٻوليءَ جي بنيادي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. شايد ۱۹۸۰ع کان ڪجهه سال اڳ، يا وري پوءِ جي ڳالهه
آهي. مون کي پھاڪا گڏ ڪرڻ جو شوق ٿيو. مون جڏهن به، جتي به، ڪٿي پڙهيو يا ڪنهن جي
واتان ٻُڌو، ته اهو پهاڪو لکي، ڄڻ ته هڪ ڪم شروع ڪيو ھو. ڪي ٿورا ڏينهن پوءِ، پھاڪن
تي گهڻو ڪم ٿيل ھجڻ جو ٻُڌي، وري ڪنھن ٻيءَ ڪِرت ۾ وڃي مصروف ٿيو ھئس. مون جيڪي به
پهاڪا لکيا هئا، اهي جيئن جو تيئن، پاڻ وٽ رکيل هئا.
ڪجهه ڏينهن کان
آئون پاڻ وٽ پيل ڪاڳر پٽ اٿلايان پٿلايان پيو. ان دوران ڪجهه ڪاڳر سھيڙيندي، اک چڙھيل
اھي صفحا به مليا، جن تي مون پهاڪا لکڻ شروع ڪيا هئا. انهن صفحن جي عڪسبندي ڪري،
فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيم ۽ لاڳاپيل صفحا رديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيم.
فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيل
صفحا سنگت ساٿ پڙهيا، ته اهي صفحا هٿيڪا رکڻ ۽ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جون صلاحون مليون.
ڪجهه سوال پڇيا ويا.
مون کي اندازو نه
آهي، ته مستقبل ۾ ڇا ڪبو؟ پهاڪن تي ڪم ڪري سگهندس يا نه، پر جيڪي به پاڻ وٽ لکي
رکيل آهن، اهي ۽ انهن کي ٻيهر لکندي، جيڪي به پهاڪا، چوڻيون، ورجيسيون ۽ اصطلاح
ياد ايندا رهيا، شامل ڪندي، پڙهندڙن جي نظر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. ڇو ته انهن کي ٻوليءَ
جي سونهن سمجهيو ويندو آهي.
1.
اتفاق
۾، برڪت آهي.
2.
انت ڀلو،
سو ڀلو. (ڪم سو ڀلو، جنھن جو انت ڀلو.)
3.
انڌن ۾
ڪاڻو، راجا.
4.
انڌي
کي گهرجي، اک.
5.
انڌي ڪتي،
تڪڙا گلر ڄڻي.
6.
انهن
ترن، تيل نه ٿيو. (ورجيسي جملو)
7.
آئي ٽانڊو
کڻڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي. (ورجيس)
8.
بيڪار
کان، بيگار ڀلي.
9.
ٻاراڻي
پوتي، ڌوتي نه ڌوتي.
10.
ٻٻرن
کان ٻير گهرڻ. (اصطلاح)
11.
ٻڌيءَ
۾، برڪت آهي.
12.
ٻلو به
کاڌو، ڪُک به نه ڀري. (ساھتي ۾ چون؛ ڪتو به کاڌو، ڪُکِ به نه ڀري.)
13.
ٻن ملن
۾ مرغي، حرام.
14.
ڀتين
کي به ڪن آهن.
15.
پاڻ نه
پاري، ڪتو ڌاري.
16.
پاڻي ڦيري
ڇڏڻ. (اصطلاح)
17.
پنج ئي
گيهه ۾ ھئڻ. (اصطلاح) (ڪي ”ڏهه ئي گيهه ۾“ چون، لکن).
18.
پنڻو،
پنڻي کي نه سهي. (ڏسو؛ ڪتو، ڪتي جو ويري.)
19.
پوڙهو
اٺ، ٻه ڪنواٽ لهي.
20.
پير ڀلو،
يا ويساهه ڀلو!؟
21.
ڦڙيءَ ڦڙيءَ،
تلاءُ.
22.
تازيءَ
کي اشارو. (ڏسو؛ عقلمند کي اشارو.)
23.
ترن جو
تيل، ترن مان نڪرندو آ.
24.
تندرستي،
هزار نعمت.
25.
جتي وڻ
ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
26.
جنهن
جي گنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
27.
جهڙي (پوک) پوکيندين، تهڙو لڻندين. (جيڪو پوکبو، سو
لڻبو.)
28.
جهڙو
پيءُ، تهڙو پٽ.
29.
جهڙو
ديس، تهڙو ويس.
30.
جهڙي ڪرڻي،
تهڙي ڀرڻي.
31.
جيترا
وات، اوتريون ڳالهيون.
32. جيڪو اڀرندي نه تاءُ ڪري، ته لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو.
33.
ڄڃ ۾ سڃاڻيس
ڪير نه، چي؛ ”گهوٽ جي پڦي آھيان.“ (ورجيس)
34.
چڱائي ڪر
ڄٽ سان، ڦيرائي هڻي پٽ سان.
35.
دال ۾ ڪارو
ھئڻ. (اصطلاح)
36.
دٻي ۾ ٺڪريون
ھئڻ. (اصطلاح)
37.
دل کي
دل سان، راهه ملندي آهي.
38.
دوست
اهو، جو آئي ويل ڪم اچي.
39.
ڏاچي هڻي
ڏهه، توڏو هڻي تيرنهن.
40.
ڏاڍي
جي لٺ کي، ٻه مٿا.
41.
ڏاهو ڪانءُ،
ٻه ٽنگو ڦاسي.
42.
ڏنگي
هر کي، جهل ئي ڪانهي.
43.
ڏي به،
ڏر به.
44.
ڏيئي
هيٺان، اوندھ.
45.
ڌوٻيءَ
جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو.
46.
رڍن اڳيان
رباب وڄائڻ. (اصطلاح)
47.
زبان
چم جي، ڪنهن نه ڪم جي.
48.
زبان
شيرين، ملڪ گيرين.
49.
سڀ کان
ڀلي، چپ.
50.
سکئي
جا سالا گهڻا، بکئي جو ڀيڻويو ئي نه ٿئي.
51.
ضرورت،
ايجاد جي ماءُ آهي.
52.
عزت ڏي
ڄٽ کي، ڄٽ جتيءَ سوڌو کٽ تي.
53.
عقلمند
کي، اشارو. (ڀيٽيو؛ تازيءَ کي اشارو)
54.
علم، وڏي
دولت آهي.
55.
قرض،
بري بلا آهي.
56.
قناعت،
وڏي شيءِ آهي.
57.
کٿي جي
ڀريءَ کي، جهل ئي ڪونهي.
58.
کٽر؛
پنهنجو به هاري، پرائو به هاري. (کٽر؛ پنھنجو ته ھاري، ٻيءَ کي به کاري)
59.
کنئين
کپي ڪو نه، ڳولي لڀي ڪو نه.
60.
ڪارو
منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
61.
ڪانءَ
کي، لُڙ ۾ مزو.
62.
ڪتو، ڪتي
جو ويري. (ڏسو؛ پنڻو، پنڻي کي نه سھي)
63.
ڪجهه پڙهه،
ڪجهه پراءِ.
64.
ڪک جو
سهارو به، لک جو.
65.
ڪمُ
پيارو آهي، چمُ پيارو ناهي.
66.
ڪوئلن
جي دلاليءَ/ ڪاروبار ۾، منهن ڪارو.
67.
گهڻن
کنئي، ڇپر کڄيو وڃي.
68.
لکي
لکانو، پڙهي الهانو. (ھيئن به چون؛ لکي لکانو، واچي واحدنو)
69.
مال
مفت، دل بي رحم.
70.
مِٺي
به ماٺ، مُٺي به ماٺ.
71.
مهانگو
روئي هڪ وار، سستو روئي بار بار.
72.
موت جو
علاج، ڪونهي.
73.
نادان
دوست کان، داناءُ دشمن چڱو.
74.
ناڙي
راڻي، ڇٽ ٻانهي.
75.
نڪو
لهر، نڪو لوڏو. (ورجيس) (لھر لوڏو نه ھئڻ. اصطلاح)
76.
ننهن
کان گوشت، جدا نه ٿيندو. (ساھتيءَ ۾ چون؛ ’نُھن کان ماس، ڪڏھن جدا ٿيو آھي؟‘)
77.
نه ڪتو
ڏسي، نه ڀونڪي. (ورجيس) (نه ٽڪر بچي، نه ئي ڪتو ڏسي ڀؤنڪي. ساھتي)
78.
نه
هوندو بانس، نه وڄندي بانسري.
79.
نيڪي ڪري،
درياءَ ۾ وجهه.
80.
نيم حڪيم،
خطره جان.
81.
نيم
ملان، خطره ايمان.
82.
هاٿيءَ
جا ڏند؛ ڏيکارڻ جا هڪڙا، ته کائڻ جا ٻيا.
83.
هر فن
مولا. (ورجيس) (هر فن مولا ھئڻ. اصطلاح)
84.
هر ڪمال
کي، زوال.
85.
هڪ مِڙي
ڪا نه، ٻيو چئي؛ ”چُئي ڏُهجانءِ!“
86.
همت
مردان، مدد خدا. (فارسي)
(روزاني آجيان شڪارپور،
جمعو ۱۹ مارچ ۲۰۲۱ع)
(نوٽ: ڇپيل مواد منجھ آيل پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن جي، الفابيٽ ترتيب سان گڏ، نوڪ پلڪ سنواري وئي آھي. جتي ضروري سمجھيو ويو، اتي اڻ-لکي سڌائي، واڌارو سڌارو ۽ وضاحت پڻ ڪئي وئي آھي. ورجايل داخلائون ختم ڪيون ويون آھن. ساڻ ساڻ ھڪجھڙين داخلائن کي، ھڪ داخلا اندر سانڍيو ۽ سھيڙيو ويو آھي. اصطلاح ۽ ورجيس ۽ ورجيسي جملي جي چٽائي ڪئي وئي آھي. باقي بچيل يا پھاڪا آھن، يا چوڻيون. تن جي چٽائيءَ کي، ڄاڻي واڻي ڇڏيو ويو آھي. اميد ته پڙھندڙن لاءِ، ڪنھن حد تائين تحرير لاڀائتي ٿي ھوندي. انجنيئر عبدالوھاب سھتو)
No comments:
Post a Comment