چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Friday, December 16, 2011
ٻير - نواز ڪنڀر
منجهيل سُٽ - مٺل جسڪاڻي
منجهيل سُٽ!
مٺل جسڪاڻي
پاڻ ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا،
مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻُڌندا اچون ٿا. اڪثر وڏڙن ۽ وڏڙين جي
واتان ٻُڌبا آهن، ڪي استادن، ڪي هم عمر، ته ڪي ننڍن کان ٻُڌڻ جو به موقعو ملي ٿو،
پوءِ به روزمرهه جي زندگي ۾ ٻُڌجندڙ ۽ پڙهجندڙ نون توڙي پراڻن مان ڪيتريون ئي
چوڻيون، پهاڪا، مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره رهجي به وڃن ٿا. اهي ٻُڌڻ يا پڙهڻ ته بس
اتفاق سان ٿيندو رهندو آهي، پر انهن کي سمجهڻ جو ڪو هڪ نه، انيڪ طريقا آهن ۽
جيتوڻيڪ اهي سڀ نهايت ئي سليس ۽ عام فهم به آهن، پوءِ به ڪن چند کي ڇڏي، مون پارن
جي گهڻائي، پيري کي پهچڻ باوجود، اڪثر چوڻيون ۽ پهاڪا سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿي!
ان ڪري اصولي طور سنڌي ٻولي جي مُحققن کي صرف تحقيق ڪرڻ جي منٿ ڪبي، ته هڪ ٻن
ڪتابن، ٻن ٽن ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مقالن جو حوالو ڏئي، ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش
ڪندا! تنهن ڪري “مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ”
ڪرڻ کپيم، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي پڪ آهي ته اڃا به ڪيترا ئي پهاڪا سهيڙجي نه
سگهيا آهن، ان ڪري هن موضوع تي ٿيل تحقيق کي اڳتي وڌائيندي، اڃا به کوجنا ڪرڻ کپي.
Thursday, December 15, 2011
لکي لکاڏنو ۽ پڙهي الهڏنو - حيات علي شاهه بخاري
Friday, December 2, 2011
ورجيسون پسمنظر ۽ ڪارج - انجنيئر عبدالوهاب سهتو
پسمنظر ۽ ڪارج
چند سنڌي چوڻيون SOME SINDHI SAYINGS
پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون - ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو
مون کي احساس آھي ته ڪنهن به زبان جي اصل جوھر جي پرک ان جي
لساني، صوتياتي ۽ صرف و نحو جي تپاس ۽ اپٽار سان ٿئي ٿي. منجھس ڪھڙيون خوبيون ۽
نرالايون آھن، انهن جي جاچ ڪجي ۽ کولي مثالن سان بيان ڪجي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لسانياتي جائزو زبان جي حسن کي
پوري آب و تاب سان ظاھر ڪري ٿو. سنڌي زبان جي ماھرن اِن باري ۾ گھٽايو ڪونهي،
ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام
علي الانا ھن سلسلي ۾ بنيادي ڪم ڪيو آھي ۽ لسانيات توڙي گرامر جي ھر پھلو ۽ باريڪ
نڪتن کي کولي بان ڪيو اٿن. آءٌ ھن باب ۾ زبان جي حسن ۽ جلوي کي آشڪار ڪرڻ ٿو
گھران، جيڪو پھاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسن ۾ به موجود آھي ۽ زبان جي ماھيت ۽
جوھر کي ظاھر ڪري ٿو.سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ - الطاف حسين جوکيو
Monday, November 28, 2011
جيڪي ڪندا مئي - محمد يامين
هن ڀيري برساتون اُڙم وسيون. گاهه پٺو
به اڻ ميو اُڀريو. ويران ٿر ۾ به گاهه ۽ وليون وڻن تي چڙهي ويون. مڇر، مکيون ۽ ٻيا
زهريلا جيت به اناف سناف پيدا ٿيا آهن. تن ساهوارن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
نه ڪا رات ٿي گذري سُک سان ۽ نه ڪي ڏينهن ٿو تمام ٿئي آرام سان! هڪ ٻوڏ جو روپ، ۽
ٻيو سم نالن جي گهارن متيون منجهايون، ٽيون زهريلن جيتن جاندار جانيون جلائي ڇڏيون
آهن. مسڪين ماروئڙن وٽ ڪٿي آهن اي سي ۽ بجلي، پکا، جيڪي ڪجهه بچاءُ ڪن. اڳي مڪڙ
مار دوا ميٽوڙي پائوڊر جهاز ڇٽڪاري مڪڙن جي ٻچن کي ختم ڪندا هئا ۽ مليريا عملو به
ميٽوڙي پائوڊر ڳاري در در وڃي ڦوهارو ڪري مڇر، مکين ۽ ٻين زهريلن جيتن کي يعني ڦڪن کي ناس ڪندو
هو. هاڻي خبر ناهي ته اُهو مليريا عملو ڪيڏانهن ويو؟ Tuesday, November 22, 2011
پهـاڪو - قاسم ٻگهيو
Monday, November 21, 2011
ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون! - دليپ رتناڻي
Monday, November 7, 2011
رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا - الطاف شيخ
Tuesday, November 1, 2011
“پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر - پروفيسر نذير احمد سومرو
ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو
موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو
اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو
Monday, October 31, 2011
ٿاريلا ۽ ٿر - دوست ڏيپلائي
ويچارا ٿر جا ٿاريلا، رائي رتين
ريلن جا رهاڪو. سندن ملڪ بر. وٺو ته وهه واهه! نه ته
دربدر. رات ڏينهن سندن مهاڙ مال ڏي. جُوءِ ۾ نه اٿن جر ۽ نه جاگير. ڪي وڻ
تي ڪي ڪڻ تي ته ڪي وري ڌڻ تي. ڇن پٽ پوي ته کيتن ۾ الله جي آسري اوڙون ڏين. مينهن
وٺي وڻ ڦٽن. ڪڻ ٿين. به خوب کير ڏين. “برسات کان اڳ،
ڦوڳ به ڦلاريا”. ڦوڳيءَ مان ڦَڪ ڀري، ماڇڪن ڏي موٽيا. “چيٽ چٽيا، ويساک ورهايا” پائر ۽ پارڪر ۾ پيرون پچي
لال ٿيا. هاڻي ته وڻ وڻ هيٺ وهانءِ لڳي وين. ساڏوهين ۾ سيڙهڪن جي ڏنگڙن ڏارن تي
چڙهيو، لامن ۾ لڙڪيو- پيا ڏيهاين کي ڏورڪيون ڏين. “....پيلوُ
پڪا لامان لڙيان، آءٌ ته ملون چن يار....” سائو سڱر ساڻيهه جو سيڪي خوب
کاڌائون. هاڻي کوکا به کيربا ۽ پيرون به اچي پورا ٿيا. هر ڪنهن پئي اُڀ ڏي نهاريو.
موسم مينهن جي سنڀاريو چي: “ادا ڏيو خبر چار ته ڪهڙا آهن سال جا آثار!” “ڀائو، سال
ته مولا کڻي موچارو ڪندو!” پر چوندا ته ‘چيٽ چمڪيو نه
ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ راجا رُٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ!’ شڪ ٿو پوي ته ان
ڏهاڙي چيٽ ۾ کنوڻ پئي ٺلها چمڪا ڪيا. مولا خير ڪري، سياڻن سچ چيو آهي، ته چيٽ جو
چمڪڻ چڱو ناهي، چيٽ جو وسڻ... راجا رُٺي نقصان آهي. سيٺ راضي ته چڱو. سيٺ جو رنج
معنيٰ قرض جو انڪار. وکت پاس ٿي ويندو. قرض کنيو ته ڄڻ ڳهيو. پر ادا، ماروڙين مَڪَ
به جام جهلي آهي. سال سڻائو اچي کپي. ڪيڙي ماڪوڙِ، پکي پکڻ ۾ به سٽا ۽ سهاڳ ٿو
ڏسجي. پر هڪڙِي ڳالهه آهي، هن سال وڻ ڦرپاڇوٽو هو... شايد سال پاڇاٽ ڪري؛ پر ڪڏهن
به آرڇو نه اچڻ کپي. جهنگ جهاڙي وڍي کيٽ بڻايو. مينهن اِجهو آيو ڪي آيو. چوندا آهن
ته “ورهيه کري ته جهَڪَ ڪري مڙس کري ته بَڪ ڪري، ڌرتي
کري ته اَڪ ڪري”. چوڌاري اِهي چميگويون ۽ چؤٻول..... “روهڻ تپي، مگسر وائي- ادا مينهن وهلو آئي”. روهڻ،
مگسر ۽ آڊ... اهي برسات جا نِکٽ آهن. ويچارا ماروئڙا روهڻ تپي ۽ مگسر وائي ته خوش.
کين ويساهه آهي، ته آڊ ۾ برسات ضرور پوندي ... پر جي آڊ جي نکٽ به ملڪ کي اَوسر ۽
اَريج بنايو، ته چوندا: “اکاڙا ٻيج واڏرڪا ويڄ، سوڙها
رکو ٻڙڌيا کوري رکو ٻيج...” اَکاڙ جي ٻيج جي رات آسمان ۾ بادل يا کنوڻ
ڏٺائون ته پڪ ٿيندن ته سال سورهن آنا، پر جي: “آکاڙ
ٻيج واڏرنا ويڄ، پهلي بيچو ٻڙڌيا پاڇي چٻو ٻيج” ٻيج جي رات آسمان چٽو- کليل
ڏٺائون ته دل لهي ويندن، چوندا ته مينهن ملڪ کان موڪلائي ويو. ڍڳا ڍور وڪڻي ٻچن جو
سمر ٺاهيو. آڊ کان پوءِ به برسات جا نِکٽ آهن؛ وڏو وايو، ننڍو وايو، آسريس، منگهه.
آڊ جو نکٽ وٺو ته ملڪ سورهن آنا؛ پر جي واين ملهايو ته پڻ ملڪ ٿيو سوايو...
پاڇاٽين وسن ۾ به سانگيڙا سرها... پر جي واين به ڇنڊ پٽ تي نه وڌي، ته چوندا؛ “آسريس ڏيسا ڏيس...” آسريس ۾ ملڪان ملڪ مينهن وسندو؛
پر جي آسريس به الله توهار چئي موڪلائي ويو ته چوندا؛ “منگهه،
تاڻي ٻڌو تنگ”؛ اهي اکر ماروئڙن جا نا اميدي جا آهن.... پنهنجا سندرا ثابوت
ٻڌو.. اَڃا به کين اميد هوندي... “ست- ستاويهه سترهن-
چوڏهن چار- هن ونيءَ جا ور گهڻا نو ٻيا به نهار...” اهي جملي 72 ڏينهن ٿيا،
جن کي ٿاريلا ٻاهتر وچون. ائين تڏهن ٿيندو جڏهن، روهڻ نکٽ ۾ کوٽي کنوڻ ڏسندا... چي
روهڻ ڏجهي پيئي ٻاهترو پوندو... مطلب ته ٻاهتري ۽ اڌڪ کان ٿاريلڙا گهڻو ڇرڪن.. اڌڪ
ٻيو ته چوندا سال پاڇاٽو آهي. هن سال ٻه سانوڻ آهن..اَلاجي ڪهڙو سانوڻ سانگيڙن کي
وسي وسون ڪري ڏي.. ڌنار ويچارا ڌڻ نهاريندي ڪيڙي ماڪوڙي ۽ مال جو اوسر وغيره به
نهارين. جي ماڪوڙي جو اوسر، آنا کڻي ڪنهن اُتاهين دڙي ڏي ڏٺائون، ته پڪ ٿيندن ته
برسات جلد پوندي... پر جي ڍولير پکيءَ جو ڪنهن پٽ تي آکيرو ڏٺو ته غور سان
نهاريندا ته ڪهڙي طرف اونو ڪيو اٿس... جنهن به طرف کان آکيري جو اولو ڏٺائون ته
چوندا برسات اُن طرف کان ايندي ...چي “ڍولير اولو
رکيو آهي...” ٻڪرين وٿاڻ تان رات جو اوڀر طرف اوسر ڪئي، ته ڄڻ کين مينهن جي
مبارڪ ڏنائون... ڍڳن ڍورن پگهر ڪري ڪونٽ ڪارا ڪيا ته چوندا، ته ضرور مال جي ڪونٽن
جي مر برسات سان ڌوپندي .... مطلب ته ماروئڙا پنهنجي ڍنگ ڍول ۾ سارنگ کي پيا
سارين. وسڪاري جي وائي واتون مور نه وسارين ... ماروئڙا چوماسي هوائن تي به گهڻو
ويساهه رکن- چي؛ “...سامونڊي ساڻي ته مينهن نڪو پاڻي...”.
“ڪا مهوڙي ٿي لاگي- ڀتو کڻيو ڪلا ئي ڀاڳي” “سوريو ٿي بايو، پڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو”. اها ڪهاوت
ٻنيري ۽ ٻنيري جي زال جي وچ ۾ ٿي هئي... ٿاريلا اتر يا اوڀر جي هوا لڳي ته سمجهندا
برسات ضرور پوندي. ڪامهوڙي (اتر جي هوا) سوريو (اوڀر جي هوا) آڙنگ اُڀ ۾ ڏٺائون ۽
ان سان گڏ ڪامهوڙي- سوريو لڳو ته پيا وهسندا مندائتي مينهن جون مبارڪون ڏيندا....Tuesday, October 25, 2011
ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي - پيارو شواڻي
(ٿر/ ڍٽ)














