منجهيل سُٽ!
مٺل جسڪاڻي
پاڻ ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا،
مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻُڌندا اچون ٿا. اڪثر وڏڙن ۽ وڏڙين جي
واتان ٻُڌبا آهن، ڪي استادن، ڪي هم عمر، ته ڪي ننڍن کان ٻُڌڻ جو به موقعو ملي ٿو،
پوءِ به روزمرهه جي زندگي ۾ ٻُڌجندڙ ۽ پڙهجندڙ نون توڙي پراڻن مان ڪيتريون ئي
چوڻيون، پهاڪا، مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره رهجي به وڃن ٿا. اهي ٻُڌڻ يا پڙهڻ ته بس
اتفاق سان ٿيندو رهندو آهي، پر انهن کي سمجهڻ جو ڪو هڪ نه، انيڪ طريقا آهن ۽
جيتوڻيڪ اهي سڀ نهايت ئي سليس ۽ عام فهم به آهن، پوءِ به ڪن چند کي ڇڏي، مون پارن
جي گهڻائي، پيري کي پهچڻ باوجود، اڪثر چوڻيون ۽ پهاڪا سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿي!
ان ڪري اصولي طور سنڌي ٻولي جي مُحققن کي صرف تحقيق ڪرڻ جي منٿ ڪبي، ته هڪ ٻن
ڪتابن، ٻن ٽن ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مقالن جو حوالو ڏئي، ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش
ڪندا! تنهن ڪري “مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ”
ڪرڻ کپيم، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي پڪ آهي ته اڃا به ڪيترا ئي پهاڪا سهيڙجي نه
سگهيا آهن، ان ڪري هن موضوع تي ٿيل تحقيق کي اڳتي وڌائيندي، اڃا به کوجنا ڪرڻ کپي.
کوجنا جي ضرورت تان ياد آيو ته “جي لوچين، سي لهن”، پُڇن سي پسن”، “علم پرايو، چاهي ان
لاءِ چين وڃڻو پوي”، پر ان ڏينهن ڪچهري ۾ ڪنهن چيو هو ته “ڪيڏي نه عجب جهڙي
ڳالهه آهي ته سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ جرمني وڃڻو پوي ٿو”. اها ڳالهه ڪندڙ کي
جيڪڏهن آئون حوالا ڏئي به “گهر جو پير چُلهه جو
مارنگهه” چوان ها، ته مُمڪن آهي، مون کي ٺهه پهه جواب ڏيندي ڪي ٻه چار نالا
به ڳڻائي وٺي ها، ۽ اهو به چوي ها ته اهي “فلاڻا ڪي فلاڻا”، “تون مون کي حاجي چئو ته آئون توکي قاضي چوان”، واري
نقطي تي عمل ڪندي، هڪ ٻئي کي عالم چئي ۽ مڃي رهيا آهن، پر منجهن اهو دم نه
آهي!....
هونئن به جيڪڏهن ايمانداريءَ سان
سوچبو ته، حيرت جي ڪا حد نه رهندي! اوهان به ڪجهه يادون تازيون ڪري وٺو، شاهه، سچل
۽ سامي، گڏ گڏ، يا وڏي وڏي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيا؟ انهن کان پوءِ شيخ اياز،
ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، استاد بُخاري، احمد خان مدهوش، ويندي حافظ نظاماڻي،
لياقت علي لياقت تائين، ڪيترا ئي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن کي مڃتا به ملي، ته انهن
تي اختلاف به گهڻن ئي ڪيا.... اهو هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري ويچار
ونڊبا، يا ڪو ٻيو ئي کڻي مهرباني ڪري لکي وٺي. منهنجو في الوقت موضوع سنڌيءَ جون
ڪجهه اهي سليس چوڻيون، پهاڪا، محاورا، اصطلاح آهن، جيڪي مون سميت گهڻن لاءِ
مونجهاري جو سبب بڻيل آهن. انهن چند چوڻين کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر وقتي
طور سمجهي سگهڻ جي پڪ، ته ڪيڏي مهل وري پنهنجي عقل ۽ فهم تي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو...
چون ٿا “ٻار
مُڇ جو وار، جيڏانهن وراءِ، تيڏانهن وري”! مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته
ٻار کي ورائڻ وارا نه رهيا آهن يا ورڻ وارا ٻار ڄمڻ بند ٿي ويا آهن! اوهان جا ۽
منهنجا ته کڻي ڪيترن لاءِ مثالي ٻار بڻيل آهن، پر ٻار رڳو اهي ته نه آهن. ڪيترن ئي
ڪالهوڪن ٻارن ۽ اڄ جي نوجوانن توڙي جهونن کي ڏسو، اوهان کي هيءَ سليس چوڻي سمجهه ۾
اچي ٿي؟
هڪڙي ٻيءَ به ڪهاوت ياد پئي اچي ته “مار، ٻار جي سنوار”! ٻالڪپڻ ۾ مارون ته پنهنجي
آدجڳاد وارن وڏڙن به کاڌيون هونديون، جنهن ڪري ئي هيءَ چوڻي چوڻ ۾ اچڻ لڳي هوندي.
انهن مارن ۾ ضروري نه آهي ته رڳو ڌڪ هڻي مار ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هجي، پر پاڻ وٽ ان
چوڻي تي عمل ڪنهن به گهر ۾ رُڪيو نه آهي. ڪو لفظن جي مار ته ڪو لٺين جي مار به
کائي ٿو، پوءِ به اڪثر ٻار آهن، سي ڪُتي جي پُڇ وانگر
ٻارنهن مهينا نوڙ ۾ ٻڌي کولڻ تي وري به ساڳئي ور سان ڪر کنيو بيٺا هوندا آهن!
ان ڪري مون کي هيءَ سليس چوڻي به سمجهه ۾ نه پئي اچي؟
هو ڪيئن چوندا آهن ته “سُگهڙ عورت پهرين گند گهر ۾ ئي ٻوهاري رکندي، ان مان ڪم
جون شيون نه هجڻ جي پڪ ڪري، پوءِ ڪچرو ٻاهر اُڇليندي آهي”؟ هي چوڻي به عام
ته آهي پر مون سان لاڳاپيل ٻولي واسي، هي چوڻي گهٽ استعمال ڪندا آهن، ان ڪري لفظ
به لفظ ياد نه پئي اچي. اِن چوڻي ۾ به مونجهارا نه هجن ها ته “هڻ ڌيءَ کي ته سکي نُنهن” يا وري “دٻ دانگي واري کي، ته ڪُني واري ڪن ڪري” جهڙيون
چوڻيون ڇو ميدان تي لهن ها؟ معذرت سان عرض ته سنڌي منهنجو مضمون نه رهيو آهي، ۽
جيئن ته مون ان چوڻي ۾ لفظ “دٻ” ئي ٻُڌو آهي، تنهن ڪري ئي لکيو آهي، نه ته مون کي
نه ٿو لڳي ته “نُنهن ڌيءَ برابر” مڃيندڙ اسان جا پهاڪا، چوڻيون، مُحاورا ۽ اصطلاح
وغيره خلقيندڙ، اهڙي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا! اهي ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون، ۽
اهڙيون سوليون سلوڻيون چوڻيون، مون کي ۽ مون جهڙن ٻين به ڪيترن کي سمجهه ۾ نه پيون
اچن، ان ڪري به وڌيڪ تحقيق جي گهُر ڪري رهيون آهن.
“سڌي ڪاٺي تي بار” واري چوڻي به روزاني روز، بار بار
ٻُڌون ٿا، پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته سڌي ڪاٺي تي ايترو بار وجهجي، جو اها ڀڄي
ڀورا ڀورا ٿي پوي؟!... اڙي عقل جا اڪابرو، اها سڌي ڪاٺي ڀڄڻ کان بچايو، ته جيئن
اڃا ڪو عرصو هلي، ڪم اچي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو “لوٽو
ٻگهڻي کان ڳرو” ٿي پوي!
اهڙي طرح ڀلي ته “بيڪار کان بيگار ڀلي” هجي، پر “اهو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني”!؟ ڪڏهن ته ونگار
به نه وٺجي يا وري اُجوري واري ڪم مهل پنهنجا، مُفت واري ڪم وقت وري نِڌڻڪا! شايد
اهڙين حالتن سبب ئي “نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار”
واري چوڻي عام ٿي، يا “اُو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي
پرينءَ کي” ( هيءَ آهي ته لطيف جي بيت جي هڪ سٽ، پر استعمال چوڻي طور به
ٿئي ٿي). اهي سڀ چوڻيون سوليون هوندي به مون پارن گهڻن اٻوجهن کي سمجهه ۾ نه ٿيون
اچن، ان ڪري ڪو/ڪي مهرباني ڪري اسان عام خلق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري، ته سندس/سندن
ٿورائتا رهنداسين.
منهنجو عرض اتي ڪونه ٿو دنگ ڪري.....
ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکي وٺجي ٿو ۽ اهو
ڇپجي وڃي ٿو، پڙهجي ٿو، ته ان جو ڀلا اهو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو، ڪي پڙهندڙ تنقيد ڪن،
ته ڪي وري وري تعريف ڪري، فرمائشون ڪن، ته هِن يا هُن موضوع تي لک! منهنجو جيڪو به
پڙهندڙ منهنجي لکڻين تي تعميري تنقيد ڪري ٿو، اهو ڏاڍو وڻي ٿو، پر جيڪو مختلف
موضوعن تي بحث ڪري، انهن تي لکڻ جي فرمائش ڪري ٿو، اهو زهر لڳي ٿو. ٻيو ڪير ڇا به
سمجهي، پر جيڪو فرمائش تي لکرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مون کي اهو “ٻئي جي ڪلهي تي بندوق هلائڻ” وارو لڳي ٿو ۽ جيڪو به
ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي لکي ٿو، ان کي حد درجي جو بيوقوف ليکڪ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا
چئجي؟ کيس ڇا سمجهجي؟ ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ جي اها لکڻي سُٺي، وڻندڙ، سولائي سان سمجهه
۾ ايندڙ ۽ رواني سان پڙهجي سگهندڙ هوندي آهي، جنهن تي هن پاڻ پتوڙيو هوندو آهي،
پاڻ ڪم ڪيو هوندو آهي، پاڻ ان پيڙا مان نڪتو هوندو آهي يا ٻئي جي پيڙا کي پنهنجي
پيڙا جي حد تائين ڇُهيو هوندو آهي، ان ئي تحرير ۾ دم هوندو آهي، پيغام هوندو آهي،
ڪو ڏس، ڪو ڏانءُ هوندو آهي. جڏهن ته ٻئي جي خيال کي قلمبند ڪرڻ واري لکڻي ۾ وڏو
جهول ۽ ڪيتريون ئي اوڻايون رهجي وينديون آهن.
جيڪڏهن منهنجو اهو خيال غلط آهي، مون سان ڪنهن کي اختلاف آهي، تڏهن به ۽ جيئن ته منهنجي هن موقف ۾ خود مون کي به وڏو جهول پيو محسوس ٿئي، ان ڪري به، سنڌي ٻولي جي محققن کي منٿ ٿي ڪجي، ته مهرباني ڪري مون کي، پڙهندڙن کي، “ٻئي جي ڪلهي تي بندوق هلائڻ” ۽ “پوڙهو اُٺ؛ ٻه ڪنواٽ لهي” واري چوڻي، محاورو، استعارو، ڪهاوت، جيڪو به آهن، ان جي تاريخ ۽ تمدن تي تحقيق ڪري، اهو فلسفو سمجهائڻ جي مهرباني ڪن. ڇاڪاڻ ته منهنجا ڪجهه پڙهندڙ، جيڪي سمجهن ٿا ته آئون سُٺو لکان ٿو، ان ڪري منهنجون لکڻيون ڇپجن ٿيون، پڙهيون وڃن ٿيون، اهي منهنجو مٿو کائي ويا آهن، ته آئون “پوڙهو اُٺ؛ ٻه ڪنواٽ لهي” تي به لکان!؟ جڏهن ته اها چوڻي ننڍپڻ کان ٻُڌندو به اچان پيو، رکي رکي پنهنجي پت بچائڻ لاءِ هاڻي آئون به ورجائيندو رهيو آهيان، پر مون کي اهو پهاڪو/ چوڻي، گهڻا ڀيرا غلط ۽ ڪجهه دفعا صحيح به لڳي آهي. مقصد ته آئون ٻٽي راءِ رکان ٿو. هنن تاريخي هٿيارن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ منٿ ڪرڻ جي اوچتي ضرورت ان ڪري به محسوس ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن تي اڃا به وڌيڪ تحقيق ۽ تشريح جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment