لکي لکاڏنو...
حيات علي شاهه بخاري
اِجهو سائين، خير سان
جمعي جو سڀاڳو ڏينهن ۽ اوهان جو من پسند ڪالم ”فري پيريڊ“ اچي ويو، جنهن کي پڙهڻ
لاءِ پڙهندڙ جو ”فري“ يعني واندو هئڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو هي ڪالم تڙ تڪڙ ۾ نه
پر سانهه ستيءَ ۾ پڙهڻ جو آهي. هونئن به جيڪو به ڪم ڪجي اُهو ٻين ڪمن مان فارغ ٿي
ڌيان سان ڪجي، جيئن مان اوهان جي وندر ۽ ورونهن لاءِ بلڪل سانتيڪو ٿي پوءِ هيءُ
ڪالم لکندو آهيان. يقين ڪريو ته هيءُ ڪالم دل سان لکندو آهيان، تڙ تڪڙ ۾ گهڙيندو
ڪو نه آهيان. هونئن گهڙڻ وارو ڪم واڍن جو هوندو آهي، جيڪي ڪاٺ مان خوبصورت شيون
گهڙيندا آهن. ان تي مون کي ڪنڀار به ياد پيا اچن، جن جون آڱريون مٽيءَ مان خوبصورت
ٿانوَ گهڙينديون آهن.
هڪڙي ڳالهه منهنجي ذهن تي
آئي آهي، چوندا آهن ته؛ ”لکي لکا ڏنو ۽ پڙهي الهڏنو“ مان سوچيندو آهيان ته
اِئين ڇو آهي. يعني لکاڏنو لکي ۽ الهڏنو پڙهي. منهنجي خيال ۾ ته هيئن هئڻ گهرجي ته
لکاڏنو پاڻ لکي ۽ پاڻ پڙهي، ويچاري الهڏني ڪهڙو ڏوهه ڪيو. جيڪڏهن لکاڏني جا اکر
مون جهڙا هوندا ته الهڏنو ۽ خداڏنو ته ڇا، ڪو به ڪو نه پڙهي سگهندو. مون کي پڪ آهي
ته منهنجا لکيل اکر اداري ۾ جنهن ڪمپيوٽر آپريٽر جي ڳچيءَ ۾ پوندا هوندا، سو مون
کي دل ئي دل ۾ تمام ”خوبصورت“ لفظن سان ياد ڪندو هوندو. پي ٽي وي جو اڳوڻو جنرل
مئنيجر مرحوم عبدالڪريم بلوچ منهنجا اکر ڏسي چوندو هو؛ ”بخاري! تنهنجا اکر اهڙا
آهن، جو پڙهجن نه، پر اکين تي رکي چمجن.“ ريڊيو ڪراچي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر گل حسن
قريشي چوندو آهي ته؛ ”اوهان جي ڊرامي جي لکيل اکرن وارو پنو ڪنهن ميڊيڪل اسٽور
واري کي ڏجي ته ڍڳ دوائن جو ڏيندو.“ هاڻي ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه، تڙ تڪڙ ۾ ته اهڙا
ئي اکر پڙهڻ لاءِ ملندا.
خير، مون الائجي ڇا ٿي
لکڻ چاهيو ۽ وري لکي الائي ڇا ويس. گٿو ڳالهائڻ لاءِ ته اهو بهانو ڪبو آهي ته ”زبان چم جي، ڪنهن نه
ڪم جي“
هاڻي مون واري ٿڙيل موضوع کي، ڪهڙن لفظن سان ياد ڪجي. اهو ڪم ڇڏيون ٿا ”فري پيريڊ“
پڙهڻ وارن تي. پر لفظ تجويز ڪرڻ وقت، منهنجي جذبن جو خيال رکندا ۽ اهو به خيال
رکندا ته هروڀرو منهنجي لاءِ اهڙا لفظ نه لکندا، جو منهنجو دماغ خراب ٿي پوي ۽
ڪپڙن ۾ ئي نه ماپان، پر نه هيئن چوڻ گهرجي ته ”ڪاڳرن ۾ ئي نه ماپان“. فنڪار دوست
اسرار لغاري جو صبح ساڻ مليل SMS ملاحظه ڪندا:
”سڄي دنيا جا ماڻهو تو کي
پنهنجي فائدي لاءِ ٿا چاهين، صرف هڪ تنهنجو رب آهي، جيڪو تو کي تنهنجي فائدي لاءِ
چاهي ٿو.“ (سبحان الله)
منهنجي هن ”فري پيريڊ“
واري ”فيس بوڪ“ يعني ٻوٿ ڪتاب ۾ ڪافي پڙهندڙ مون سان لاڳاپيل آهن، جن جون دعائون
مون کي بلائن کان محفوظ رکن ٿيون ۽ سندن مشورا منهنجي لاءِ خوبصورت سرمايو آهن. رب
سائين کين پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي.
”فري پيريڊ“ لکڻ وقت
منهنجي ذهن ۾ ڪو به فلسفانو موضوع ناهي هوندو، جيڪي ڳالهيون دماغ تي تري اينديون
آهن، سي لکندو آهيان. ڀوڳ چرچي جي مون کي عادت آهي ته هن ڪالم ۾ به پڙهندڙن کي ان
جو سواد ملندو هوندو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪو اهڙو موضوع جيڪو منهنجي دل ۽ دماغ کي وڻي
ويندو آهي، ان تي قلم کي وهائيندو آهيان، نه ته ٻيو ٿيو خير. موڪلائڻ کان اڳ دوست
گل محمد جکراڻي جو موڪليل SMS اوهان جي نظر ڪجي ٿو:
Un-refutable
facts:
Today we
have bigger houses but small families, more degrees but less common sense,
advance medicines but poor health, landed on moon but no contact with neighbor,
high income but less peace of mind, because we believe in Allah but not obey
Allah.
اِن خوبصورتSMS کانپوءِ مون لاءِ وڌيڪ لکڻ اجايو ٿيندو، اِن ڪري
دعائن ۾ ياد ڪندا. کلي موڪل ڏيندا- الله نگهبان.
No comments:
Post a Comment