Tuesday, October 25, 2011

جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ - جوڳي اسد ميرواهي


”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو مفروضو
جوڳي اسد ميرواهي/ حيدرآباد
22 مئي 2011ع واري ڪاوش دنيا مئگزين ۾ هڪ تحرير شايع ٿي آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته، ”نواز شريف جو سنڌ جو دورو: جويو صاحب، قومپرست ۽ ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ.“ آئون هتي ان مضمون ۾ استعمال ڪيل محاوري ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ“ لاءِ پڇڻ چاهيندس ته، ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو محاورو ڪيئن رائج ٿيو؟ ان جو ڪهڙو تاريخي پس منظر آهي، جنهنڪري اهو اڄ به عام توڙي خاص ماڻهن پاران استعمال ڪيو وڃي ٿو؟ ان محاوري جو حقيقت سان ڪيترو تعلق آهي؟ انهن سوالن جا جواب ته سنڌ جي اديبن ۽ تاريخدانن کي ضرور ڏيڻ گهرجن ٿا، جڏهن ته آئون ان محاوري کي هيٺين بنيادن تي غلط ثابت ڪريان ٿو. (1) “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” محاورو نسلي متڀيد ۽ نفرت آميز معنيٰ رکي ٿو. (2) “راڄپر” سما آهن ۽ راڄپر ذات جا 56  پاڙا/نکون آهن، جهڙوڪ: ڦل، اڄڻ، ٻانڀڻ، جوڳي، ڪٻر، ويسر، ناگور، پاتا، مانڊڻ وغيره، جنهن ۾ “جوڳي” راڄپر ذات جو هڪ پاڙو آهن. هي راڄپر سماٽ ذات جو جوڳي پاڙو، جيڪي سڀ مسلمان، زميندار ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، ضلعي خيرپور، تعلقي ۽ شهر ٺري ميرواهه جا رهواسي ۽ ابن ڏاڏن کان آباد آهن، جن منجهان ڪافي گهراڻا پڙهيل، اعليٰ تعليم يافته، ڪاروباري، نوڪري پيشه، هاري مزدور ۽ زميندار آهن. راڄپر ذات جي اڪثر پاڙن جهڙوڪ: ڦل، ٻانڀڻ وغيره وانگر جوڳي پڻ پنهنجي پاڙي کي ذات سڏرائين ٿا. ٺري ميرواهه جي جوڳي ذات ۾ مختلف ذاتين ۾ شاديون ٿيل آهن، مٽيون مائٽيون ٿيل آهن، پوءِ ان محاوري کي ڪيئن درست مڃجي ته، “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ”. ان کان علاوه ڪجهه مسلمان جوڳي فقير به ڍارو هڻن ۽ نانگ پالين ٿا، اهي جوڳي ڀٽ شاهه جا رهواسي  آهن. اهڙي طرح ٻيا جوڳي فقير، جيڪي نانگ، بلائون پالين، ڍارو هڻڻ ڄاڻن، سي هندو جوڳي فقير آهن. هي اهي ئي اصل گرناري جوڳي آهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ جن جو ذڪر آيل آهي. هنن جوڳين جو پنهنجو الڳ صوفياڻو ۽ فقيري مقام آهي. جوڳين جو ڀارتي پنجابي ادب ۾ پڻ ذڪر ملي ٿو. جوڳي جاکوڙي، محنتي ۽ انقلابي Role Model آهن. عام زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ٻين ذاتين جو جوڳي ذات ڏانهن رويو نامناسب، متڀيد، تعصب وارو ۽ نفرت آميز رهيو آهي. مختلف سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۽ گڏ ڪم ڪندڙ اسان جي ذات وارن کي ۽ مون سان يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ پڻ نالي پڪارڻ بجاءِ جوڳي سڏين ٿا  ۽ جڏهن ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي کي مختلف ذاتين هئڻ باوجود سندن نالن سان پڪارين ٿا. جوڳي سڏرائڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ڇو ته جوڳي لفظ جي معنيٰ آهي جوڳ، يوڳاYoga  مطلب ته ملائڻ. هن محاوري “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” کي نفرت آميز پس منظر ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر غلط، توهين آميز آهي.


“جوڳي” ڪرت يا ڌنڌو آهي
ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ “جوڳي نه ڪنهن جا مٽ” جي عنوان سان اسد ميرواهيءَ جو خط ڇپيو آهي. جيئن ته همراهه پاڻ کي جوڳي ٿو سڏائي، سو ان چوڻيءَ (جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ) کي مفروضو سڏيندي ان کي توهين آميز ڪوٺيو آهي. اها چوڻي ڪنهن به صورت ۾ توهين آميز نه آهي. ان وڻندڙ ۽ پياري چوڻيءَ جو پس منظر هي آهي ته جوڳيءَ جي ڪڇ ۾ سدائين هڪ بوڇڻ، جنهن ۾ رلي، چادر، وهاڻو ۽ ضروري ٿانوَ هوندا آهن، يعني اهو بوڇڻ سندس گهر آهي، جتي رات ٿي، اتي ٽڪي پوندو. وري صبح جو اهو نانگ، اها مُرلي ۽ اهو ڪشڪول (ڪشتو). جوڳي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ گهمندو، پنڌ ڦرندو وقت گذاريندو آهي. سندس نه گهر، نه ڳوٺ، اڪيلو، يڪ و تنها - تڏهن ئي ته اها چوڻي رائج ٿي ته، “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ” ڇو جو بنا ٺڪاڻي هر وقت متحرڪ ماڻهو ڪنهن جو مائٽ ٿي ئي نٿو سگهي. اسد ميرواهي پاڻ ئي جوڳيءَ جي معنيٰ جوڳ يا يوگا مان ڪڍي آهي، ته جيڪو جوڳ ڪڍندو يا يوگا ۾ چلو ڪاٽيندو، سو ئي جوڳي آهي. مُرلي نه وڄائيندو، نانگ نه نچائيندو، نه ئي جهليندو، نه ئي ڪشتو کڻي ڳوٺ ڳوٺ جي گهر گهر تي ويندو ته اهو هرگز جوڳي ڪونهي. جوڳي ذات نه، بلڪ ڪرت/ ڌنڌوProfession  آهي، جيئن موچي، درزي، واڍو، لوهار. “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ” چوڻي نفرت انگيز نه آهي، نه ئي توهين آميز، بلڪ جوڳي اسان جي سنڌي معاشري جي سونهن ۽ سڄاڻپ آهن.
مولا بخش بڪڪ/ ڪراچي

“جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” محاورو نه پر حقيقت آهي
ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ جوڳي اسد ميرواهي جو خط بعنوان “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” پڙهيم، جنهن ۾ ليکڪ هن پهاڪي کي غلط ۽ توهين آميز قرار ڏيندي سنڌ جي اديبن ۽ تاريخدانن آڏو سوال رکيو آهي ته اهو محاورو ڪڏهن ۽ ڪنهن رائج ٿيو ۽ ان جو تاريخي پسمنظر ڪهڙو آهي. آئون نه اديب ۽ نه ئي ڪو تاريخدان آهيان پر جيتري قدر هن پهاڪي جي باري ۾مون کي ڄاڻ آهي ته اهو پهاڪو انهن جوڳي فقيرن لاءِ رائج ٿيل آهي، جن جو ذڪر شاهه جي رسالي جي سر رامڪلي ۽ سر مومل راڻي ۾ ٿيل آهي، جن کي سامي ۽ ڪاپڙي به چيو ويندو آهي، جيڪي ڍارا هڻن ٿا ۽ نانگ پالين ٿا، جن جي زندگيءَ جو گهڻو حصو جهنگ ۾ ئي گذري وڃي ٿو. اهي جوڳي هڪ هنڌ ناهن رهندا. جتي به ويندا آهن ته اتي ڏهن ٻارنهن ڏينهن کان وڌيڪ ناهن ٽڪندا. ان وچ ۾ اگر انهن مان ڪو مري وڃي ٿو ته ان کي اتي ئي دفن ڪري هليا ويندا آهن ۽ ماڳ مٽائيندا آهن، سي ڪيئن ٿا ڪنهن جا مِٽَ ٿي سگهن؟ انهن جوڳين جي سنڌ جي ٿر پارڪر ۽ ٺٽي ضلعي ۾ گهڻائي آهي ۽ “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” وارو محاورو انهن جوڳين تي ئي ٺهيل آهي، نه ڪي مسلمان جوڳين تي، جنهن اسد جوڳيءَ لکيو آهي ته ٻين ذاتين وارا کيس نالي سان سڏڻ بدران “جوڳي” چئي سڏيندا آهن، جيڪو توهين ۽ نفرت آميز عمل آهي، سو اها هن جي پنهنجي سوچ ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ ائين ناهي...!!
دلمراد راهمون/ ٿرپارڪر

No comments:

Post a Comment