Monday, November 7, 2011

رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا - الطاف شيخ


رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته، اتي مونسان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ڏهاڪو کن ماڻهو مختلف ملڪن جا هوندا هئا. سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن شاگرد هئا. ڪجهه ٿورن ملڪن کان علاوه هر ان ملڪ جا هئا جيڪو يونائيٽيڊ نئشنس جو ميمبر ملڪ هو. ظاهر آهي اها يونيورسٽي ئي UNO جي اداري  TMOجي هئي. ٻن سالن جي اتي رهائش ۾ روزانو مختلف ملڪن جي شاگردن سان خبر چار ٿيندي هئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيندا هئا جن جو احوال پنجن ڪتابن (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، ڪراچي کان ڪوپن هيگن، جت برف پوي ٿي جام ۽ يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون) ۾ قلمبند ڪيو اٿم. ڪنهن کان ڪو سٺو شعر، پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو هوس ته نوٽ ڪري وٺندو هوس. انهن شاگردن ۾ هڪ عبدالوهاب اڪوح نالي موراڪو جو پورٽ ڊائريڪٽر پڻ هو. وڏو نفيس قسم جو ۽ شاعراڻي طبيعت جو هو. مادري زبان عربي ۽ تعليمي زبان فرينچ کان علاوه انگريزي به سٺي ڳالهائيندو هو. پاڻ مونکي ٻڌائيندو هو ته، سندس ذات اڪوح موراڪو (مراڪش) ۾ اتاهين درجي جي مڃي وڃي ٿي- جيئن اسان وٽ سيد پير آهن. ضرور سندس خانداني رتبو مٿانهون هوندو تڏهن ته سعودي عرب توڙي يمن ۽ مصر جا عرب به سندس عزت ڪندا هئا. سياري جي موڪلن ۾ هو ڳوٺ ويو ته مونکان به پڇڻ آيو ته؛ ”ڇا آڻيان؟“
”هڪ ڪم ڪجانءَ!“ مون چيومانس؛ ”پير صاحب ته آهين. پنهنجي ڪنهن خليفي کان توهان جي ملڪ ۾ عام استعمال ۾ ايندڙ پهاڪا لکرائي اچجان. آئون اخبار ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان!“
”ضرور، پر انهن سان گڏ منهنجو به ذڪر ڪجان!“ 

عبدالوهاب اڪوح مهيني بعد رباط کان موٽيو ته مون لاءِ نه فقط اتي جي مشهور چانهه وٺي آيو پر منهنجي چوڻ مطابق پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ آندائين. اهي عربيءَ ۾ هيون. يمن جي پورٽ انجنيئر مون لاءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهن مان گهڻا ته اهي ئي آهن جيڪي اسان وٽ ۽ ٻين زبانن ۾ به عام استعمال ٿين ٿا. ڪجهه جيڪي مونکي دلچسپ لڳا آهن سي هتي ڏيان ٿو.

1.        جهرڪين کي ٻگهه پکين سان نچڻ نه کپي. ظاهر آهي نچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽنگن جو برابر هجڻ کپي. ٻگهه پکي ۽ لومڙ جي دعوت جي ڳالهه ته پاڻ ڪتابن ۾ پڙهي چڪا آهيون.

2.        خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جهڙو ڳارو ناهي. اها چوڻي پاڻ وٽ هند سنڌ ۾ به مشهور آهي ۽ سؤ سيڪڙو صحيح آهي. بشرطيڪ صحيح معنيٰ ۾ خوشي هجي. رڳو ٻاهر جا ٽهڪ نه هجن.
هڪ فليٽ ۾ هر وقت ٽهڪن جا آواز آيا ٿي. هڪ اخباري رپورٽر ان ۾ رهندڙن جو انٽرويو وٺڻ ويو. هن کي پڪ هئي ته هن فليٽ ۾ رهندڙ زال مڙس دنيا جو خوش قسمت جوڙو آهي، جيڪي ڪڏهن به نٿا وڙهن. ”توهان جي هن ڪامياب ۽ کل خوشي واري زندگي جو راز ڇا آهي؟“ رپورٽر پڇيو.
مڙس جواب ڏنو: ”جڏهن زال جو ويلڻ مونکي لڳي ٿو ته، هوءَ خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ جڏهن گسيو وڃي ته آئون ٽهڪ ڏيان ٿو.“

3.        دوست اهو جو آئي ويل ڪم اچي. اسان وٽ به اها چوڻي عام آهي. انگريزيءَ ۾ به چوندا آهن؛
A friend in need is a friend indeed
هڪ شخص پنهنجي ڪنهن شاهوڪار دوست سان گڏ بازار ويو. بازار پهچي هن پنهنجي دوست کي چيو: ”هزار رپين جو سامان وٺڻو هوم پر ٻٽون گهر وساري آيو آهيان. ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو؟“
 شاهوڪار دوست جواب ڏنس: ”ڇو نه. دوست اهو جو اوکيءَ مهل ڪم اچي. اچي وٺ هي ٻه رپيا. ڪنهن به بس ۾ چڙهي گهران وڃي پنهنجو ٻٽون کڻي اچ!“

4.        بيوقوف جي دل وات ۾ ٿئي ٿي، عقلمندن جو وات دل ۾.

5.        اهو ڪتو جيڪو پٺ ڏيئي ڀڄي رهيو آهي ان کي بنا ڊپ جي ٿڏو هڻي سگهجي ٿو.

6.        ڪنهن ڪتي وٽ ناڻو اچي وڃي ته ماڻهن لاءِ اهو به وڏو رئيس.

7.        ماکيءَ کي هٿ لائڻ وارو، آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

8.        جنهن هٿ کي چڪ نٿا هڻي سگهو، ان کي چمي ڏيو.

9.        گهڻو کائڻ وارو پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽي ٿو.

10.     ٽاڪ منجهند جو ملڪ جو والي اعلان ڪري ته؛ "رات آهي" ته توهان بحث ڪرڻ بدران تارا ڏسو.

11.     ڪتن جون جي دعائون قبول ٿين ها ته آسمان تان هڏن جو مينهن وسي ها. اسان وٽ به ان سان ملندڙ جلندڙ چوڻي آهي ته ”ڳجهن جي پـِـٽن سان ڍور نه مرندا آهن!“

12.     ڪنهن ماڻهوءَ جي اخلاق جو اندازو اڇي اجري پڳ مان نه لڳايو، اڄ ڪلهه صابڻ اوڌر تي به ملي ٿو.

13.     اُٺ جي اندر ۾ پنهنجا ارادا، اٺ جي مالڪ جا پنهنجا.

14.     جيئن هڪ ٿڪل مسافر لاءِ رڻ پٽ ۾ واري آهي، تيئن خاموشي پسند لاءِ لفظ آهن.

15.     ڪتو چڪ نٿو هڻي ته ضرور هن جي وات ۾ هڏو آهي.

16.     هر ڪتو پنهنجي جسم جي ٻگهين کي هرڻيون سمجهي ٿو. (يعني پياري شيءِ سمجهي ٿو)

17.     جيڪو ڪانگ جي پٺ وٺي هلي ٿو اهو گند تي ئي پهچي ٿو.

18.     عورت جو ڪم ٿڃ ڏيڻ آهي، مرد جو ڪم ڌن ڏيڻ آهي. ان جو اهو ئي مطلب ته عورت جو ڪم گهر جي ديک ڀال ۽ ٻار جو نيپاج ڪرڻ آهي، مرد جو ڪم پورهيو ڪري پئسو آڻڻ آهي. تڏهن ته گهر جو ڪاروبار هلندو. آفريڪي توڙي ايشيائي، خاص ڪري جپاني سوسائٽي ۾ مرد وڏي بلا سمجهيو وڃي ٿو. هو ڀلي ٽوٽي هجي، پنهنجي زال تي هو وڏا رعب رکي سگهي ٿو. پر ڪٿي ڪٿي شايد ائين به هجي ۽ عورت کان وڌيڪ مرد فرمانبردار ثابت ٿيندو هجي. اسڪول کلڻ تي نون آيل ٻارن کان استاد سڃاڻپ خاطر ساڳيو ساڳيو سوال ڪندو ويو؛ ”پٽ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“
”واڍڪو ڪم ڪندو آهي!“ ڇوڪر جواب ڏنو.
”تنهنجو پيءُ؟“ هن ٻئي شاگرد کان پڇيو. جنهن جو پيءُ سرجن هو.
”آپريشنون ڪندو آهي.“ شاگرد وراڻيو.
”ڀلا تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“ هن ٽئين شاگرد کان پڇيو.
”منهنجو پيءُ هر اهو ڪم ڪندو آهي جيڪو امان چوندي اٿس.“

19.     انسان عادتن جو غلام آهي. انسان توڙي جانور کي هڪ دفعو عادت پئجي وڃي ته اها نڪرڻ محال آهي. هڪ ٽانگي وارو، ٿوري ٿوري دير بعد ٽانگي مان لهي گهوڙي اڳيان شرنائي وڄائي نچيو ٿي. جيڪي سوار هئا انهن پڇيس ته ”هي ڇا ٿو ڪرين؟“ ٽانگي واري وراڻيو: ”هي سرگس جو گهوڙو آهي. عادت کان مجبور آهي. هن اڳيان ٿوري دير بعد جيسين ڪو نچي نٿو تيسين هلي نٿو.“

20.     پيار محبت سان توهان شينهن جون مڇون به پٽي سگهو ٿا.

21.     ڳوٺ جو در بند ڪري سگهجي ٿو، پر بيوقوف جو وات هرگز نه.

22.     گهر ۾ اٺ بيهارڻ واري کي پنهنجو در وڏو رکڻ کپي.

23.     ڀاڳ واري کي نيل نديءَ ۾ اڇلائيندائو ته، هو ان ۾ ٻڏڻ بدران وات ۾ مڇي جهلي نڪرندو. يعني ڀاڳ وارو ماڻهو ڏکين حالتن ۾ به فائدو حاصل ڪري وٺندو.

24.     چنڊ جو چمڪاٽ، سج جي غير حاضريءَ ۾ ئي رهي ٿو.

25.     رڇ راڳ ڳائي سگهي ٿو پر اهي مڙئي ماکيءَ بابت هوندا. ماکي رڇ جي دلپسند خوراڪ آهي.

26.     بيضي سان توهان پٿر ڀڃي نٿا سگهو.

27.     اچو ته چٻا ٿي ويهون پر ڳالهه سڌي ڪيون.

28.     سوني کنڀن واري ڪڪڙ کي ديڳڙي حوالي ڪرڻ عقلمندي ناهي.

29.     ڄار ۾ ڦاسڻ بعد مڇي به سوچي ٿي.

30.     جيڪڏهن توهان کي ڪو چوي ته؛ ”ڪتو توهانجو ڪن کڻي ويو آهي!“ ته توهان ڪتي پٺيان ڊوڙندائو يا پهرين پنهنجو ڪن ڏسندائو.

No comments:

Post a Comment