ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو
دنيا
جي مڙني قومن ۾، چاهي ڪهڙو به مذهب رکندڙ هجن، پنهنجي جداري ثقافت ۽ تهذيب، تمدن ۽
ٻوليءَ هوندي به جيڪا ڳالهه گهڻي ڀاڱي مشترڪ آهي سي آهن پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽
ورجيسون. فرق رڳو ٻوليءَ جو ٿئي ٿو. مثال طور انگريزيءَ ۾ سوئيٽي (Sweetie) فارسي، اردو ۽ پشتو ۾ شيرين ۽ سنڌيءَ ۾ مٺڻ. ائين پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سڀني قومن جي ٻولين ۾
(سواءِ سنسڪرت) ساڳي طرح استعمال ٿين ٿا يا ڪيا وڃن ٿا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ محاوري
يا پهاڪي ۽ ورجيس جي. جيئن پشتو ڳالهائيندڙ هڪ پروفيسر شميم اختر يوسف زئي (ڪراچي)
مون کي پشتو ٻوليءَ جو پهاڪو ٻڌايو ته :
پنهنجي ڪُڪڙ جو منهن ڪارو نه ٿئي جو پراون
گهرن ۾ آنا لاهي ته پاڙي وارن سان جيڪر ڇو وڙهئون؟
هونءَ ته کوڙ مثال ڏئي سگهجن ٿا ته محاورن، پهاڪن ۽ ورجيسن
جي مختلف ٻولين ۾ ڪيڏي هڪجهڙائي آهي پر هتي رڳو هڪ ٻه مثال ڏجن ٿا:
مثال سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: هنڌ اهو سڙي، جتي باهه ٻري.
۽ انگريزيءَ ۾ It is wearer, who knows where the shoe pinches.
يا سنڌي ءَ ۾: ميهار نڪتو
مينهن مان، وڇن ڪهڙي پارت؟
اردوءَ ۾: ڇوڙي گائون سي ڪيا
ناتا رشتا؟
۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ : جهڙا ڇڊ ديان گران، اوندا لينا ڪهڙا نان؟
ڪنهن به ٻولي ۽ زبان ۾ محاورن ۽ ورجيس جي اهڙي اهميت آهي
جهڙي ادب ۾ تشبيهن ۽ استعارن جي. سنڌين سان ته ان معاملي ۾ الله پاڪ وڏا وڙ ۽ ڀال
ڪيا آهن جو اسان جي زبان ۾ گهڻي تعداد ۾ محاورا ۽ ورجيسون، پهاڪا يا چوڻيون موجود
آهن. جڏهن ته سنسڪرت جهڙي پراڻي ۽ قديم زبان ۾ محاورا يا چوڻيون نٿا ملن. وڏي
ڳالهه ته محاوري جي لاءِ سنسڪرت ۾ ڪو به لفظ نه ٿو ملي. سنڌي زبان جي مقابلي ۾ ته
هندي زبان به پهاڪن ۽ ورجيسن جي معاملي ۾ سڃي ۽ مفلس آهي. خود اها ڳالهه هنديءَ جا
عالم به مڃين ٿا ته هنديءَ جا سڀئي محاورا ۽ ورجيسون، اردو زبان مان ورتل آھن يعني
اُڌاريون ۽ ڌاريون آهن.
عام گفتگوءَ ۾ جڏهن پهاڪا ۽ ورجيسون استعمال ڪجن ٿا ته ان
سان اسان جي گفتگوءَ ۾ وزن ۽ چستي پيدا ٿئي ٿي ۽ جملا خوبصورت ٿي پون ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه ته وڏي مفهوم واري
ڳالهه ٻن يا ٽن لفظن واري هڪ جملي ۾ سمائجي سوڙهي ۽ مختصر ٿي وڃي ٿي. محاورن،
پهاڪن ۽ ورجيسن جي خاص خوبي اها آهي ته اهي ڏاڍي سولائيءَ سان هميشه لاءِ ياد ۽ دل
تي / ذهن تي نقش ٿي وڃن ٿا. محاورا ۽ پهاڪا، اصطلاح ۽ ورجيسون پنهنجو پاڻ وجود ۾
اچي وڃن ٿا. انهن جي ٺهڻ ۾ / ٺاهڻ ۾، ڪا به قوت يا ارادو شامل ناهي پر تجربو ۽
مشاهدو ضرور شامل ھوندو آهي.
هڪ دفعي سيد عبدالحي شاه
راشدي (فرزند ذوالفقار راشدي) وٽ، محترم قمرالدين قادري، قدرت الله طارق سومرو ۽ هي خاڪسار، ويٺا هئاسون ته قمرالدين قادريءَ سوال ڪيو ته؛ “توجهه طلب ڳالهه آهي ته سائنسي
ايجادن جي حيرت انگريز ترقيءَ جي باوجود به ڪهڙا سبب آهن جو نوان پهاڪا، نوان
اصطلاح ۽ ورجيسون نه جڙي / ٺهي سگهيا آهن! ڇو؟”
واقعي نوان پهاڪا، نوان اصطلاح ۽ ورجيسون ڪونه ٺهيون آهن پر
ايترو ضرور ٿيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اردو زبان جا کوڙ محاورا ۽ ورجيسون،
سنڌي ٻوليءَ قبول ڪري ورتا آهن. مثال طور اردوءَ ۾محاورو آهي ته؛
v
تم ڪس کيت ڪي مولي هو؟
v
تون ڪهڙي باغ جي مُوري آهين؟ ( سنڌيءَ
۾)
v
دو چائي مارو (هي ممبئي جي هوٽلن جي بيرن جي ٻولي هئي/ آهي)
v
مالِ مفت، دل بي رحم
v
نيڪي اور پوڇ پوڇ
پاءُ صدي اڳ جي ڳالهه آهي، ضلعي خيرپور (ميرس) جي تعلقي
گمبٽ جي اتر ۾ ڳوٺ علي بخش سروهي (مرحوم نسيم کرل جي ڳوٺ
سائدي ۽ رپڙيءَ ڀرسان) وڏيري جي اوطاق ۾ويٺو هيس. سياري جي مند هئي ۽ رات جا 9 پئي
ٿيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ امن ۽ شانتي هئي. سنڌ ۾ امن ۽ امان واري پکيءَ کي ڪٺو نه
ويو هيو. نه ئي سنڌ جي روايتي اوطاقي ثقافت، (ڪلچر ان ڪري نه لکندم جو لفظ ڪلچر
انگريزيءَ جي لفظ Cult مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي غلط روايتن کي قائم
دائم رکڻ. ان ڪري لفظ ڪلچر ڪنهن به طرح لفظ ثقافت جي هم معنيٰ ۽ هم مزاج ناهي.
ثقافت ۽ تهذيب ڪلچر کان ڌار معنيٰ وارا
جدارا لفظ آهن جن جو انسان جي عقيدي، روزمره واري زندگي ۽ جاگرافيءَ سان سڌو سنئون
تعلق آهي) کي سنڌي ڌاڙيلن برباد، تباهه ۽ تاراج ڪونه ڪيو هيو. اوطاق جي لانڍ ۾، وچ
تي باهه جو مچ پئي ٻريو. مچ مان ڀڙڪو ڏئي اٿندڙ شعلا ۽ اُلا، ويٺلن جي چهرن تي
سونهري روشني ڦهلائي اهڙو ته وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيا هيا جيڪو ٿري ۽ فور اسٽار
جهڙن وڏن هوٽلن ۾ به ناپيد آهي. ڳوٺ جا ماڻهو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيا، ڪي ڪرسين ۽ موڙن
تي ۽ ڪجهه مچ جي چوڌاري، هيٺ اجرڪن جي ڪانڀ ڪڍيون ويٺا هيا. عبدالحميد سروهي جي ڪئسٽ پليئر تي محمد معروف ديوانه جي آندل ماسٽر چندر جي ڪئسٽ هلي رهي هئي. ويٺلن مان هڪ پير مرد خدا بخش سروهيءَ خاص طور تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول رپڙيءَ جي هيڊ
ماسٽر محترم الاهي بخش سومرو، مولوي نورمحمد ۽ اسان سان مخاطب ٿيندي چيو:
“توهان سڀ پڙهيل ويٺا آهيو! اسان ته اڻ پڙهيا جاهل آهيون. ڇا سبب آهي جو پراڻا
ڪلام يا پراڻي شاعري ۽ پراڻا ڳائڻا، انهن جا آلاپ ۽ آواز دل کي وڻن ۽ ڇُهن ٿا جو
اڄ ڏينهن تائين، هيترن سالن گذرڻ جي باوجود به ماسٽر چندر، خانصاحب الله ڏنو
خان نوناري ۽ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز پنهنجو مزو ڪونه وڃايو آهي پر نوان ڪلام ۽ نئين شاعري بيزار ڪري وجهن ٿا. چئبو هر
پراڻي شيءِ سُٺي آهي.” انھي تي محمد نواز سروهي چيو؛ “ائين به هروڀرو ڪونهي. انسان پراڻو (پوڙهو) ٿي وڻندڙ نٿو ٿئي.” جنهن تي
ڪاڪي خُدا بخش چيو؛
“پوڙهي وٽ تجربو آهي، جيڪو توهان نوجوانن وٽ ڪونهي.”
بحث هلندي وڏيرو علي بخش
سروهي، پنهنجي گهران اوطاق ۾ آيو ته ويهڻ سان ئي ديواني کان
پڇيائين ته: “ديوانا! فلاڻن کي ٻانهن ملي؟”
فوري طور ذهن ۾ انهن پراڻن مگر سادن لفظن جي اهميت واضح ٿي
وئي ته روزمره جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن، چوڻين ، محاورن يا اصطلاحن ۽
ورجيسن ۾ ڇا ته معنيٰ ۽ مفهوم سمايل ٿئي ٿو. رڳو ٻانهن لفظ چوڻ سان هڪ عورت جو نهن
کان چوٽيءَ تائين سمورو وجود، سڄو سراپو، ذهن جي پردي تي نمايان ۽ نروار ٿي بيٺو.
اڃا به ياد اٿم، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ اسرندڙ هڪ بهترين
غزل گو شاعر، اڻ ڌرئي ۽ بي ڊپي، نقاد، اديب ۽ صحافي ذوالفقار راشديءَ سان سندس بنگلي ۾ ڪچهري پئي ڪيم جو اوچتو سندس
راڄ جا ماڻهو ڪنهن تنازعي جي سلسلي ۾ اندر لنگهي آيا. انهن آيلن منجهان هڪ ڄڻي ذوالفقار راشدي صاحب سان ڏاڍي هجائتي
نموني ۾ گفتگو شروع ڪري، ڏوهاريءَ جي حق ۾ ڄڻ ته وڪالت پئي ڪئي ته ذوالفقار راشديءَ چيس؛ “سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي
ته، هجائتي ڪُتي ھجري ۾ هنگي! پر مان ان ۾ ڪجهه وڌاءُ ڪندي چوان ٿو ته هجائتي ڪُتي هجري ۾ هنگي، اڃا وڌي اچي ته پوءِ کيسي ۾ هنگي!”
ذوالفقار راشديءَ جي واتان ادا ڪيل ٻن لفظن واري وڌاءَ،
اڳلي جو وات بند ڪري ڇڏيو. هونءَ به ضرب المثل جي معنيٰ اها آهي ته مثالي ڌڪ هڻڻ. ڪنهن ٻئي ڀيري به ائين
سندس (ذوالفقار راشدي) بنگلي ۾
ڪچهري پئي ڪئيسون ته ڳالهين ڳالهين ۾ چيائين: “سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ اٺين آني جو اُٺ، ٻارنهن آنا گهلاڻي! پر مان چوان ٿو ته؛ اٺين آني جو اُٺ،
ٻارنهن آنا گهِلاڻي، جي ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ روپيو ڪڍاڻي!”
ڊسممبر 1970 ع ۾ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون ته ٻه وڏيون
پارٽيون اڪثريت سان چونڊجي آيون. سابق اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش ) مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۽ سابق اولھ
پاڪستان (موجوده پاڪستان) مان ذوالفقارعلي ڀٽي جي پيپلز پارٽي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ جڏهن رسه ڪشي وڌي وئي
ته ان وقت پاڪستان جي صدر آغا محمد يحيٰ
خان، هنن ٻنهي ليڊرن کي ڳالهائڻ لاءِ ڍاڪا جي گورنر هائوس ۾
گهرايو.
ڍاڪا جي گورنر هائوس جي ڪمري ۾ جڏهن هي ٻئي ليڊر نويڪلا ٿي
ويٺا ته شيخ مجيب الرحمان، ڪمري جو
جائزو وٺي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو ته: “ڀٽا صاحب! هي بند ڪمرو اسان جي ڳالهين لاءِ ناموزون آهي. ڇو ته اسان
بنگالين وٽ محاورو آهي ته؛ ڪنڌين کي به ڪن آهن. هل ته ٻاهر باغيچي ۾ ڪنهن وڻ هيٺان بيهي ٿا ڳالهايون.
اُستاد بخاريءَ جي شعر
وانگر:
هتي ڪَن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿي هوا،
هل ته چنڊ تي هلي ڪي ڳالهيون ڳجهيون ڪيون.
تنهن تي جناب ذوالفقار علي
ڀٽي کلي کيس چيو ته ساڳيو محاورو اسان سنڌين وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾
به موجود آهي.
پهاڪا، محاوار، يا اصطلاح ۽ ورجيسون، هر ٻوليءَ جا فڪري،
تهذيبي ۽ لساني سطح تي مددگار هوندا آهن ۽ اهي هڪ انمول خزاني جي حيثيت رکن ٿا.
جيڪڏهن انهن کي علم جو خزانو چيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو. هي اهو خزانو آهي جيڪو خرچ
(استعمال) ڪرڻ سان کُٽي نه ٿو، ويتر وڌندو رهي ٿو. ورجيسون هجن يا پهاڪا، اصطلاح
هجن يا چوڻيون، سي هر دور ۾ سدا بهار ۽ جوان آهن. ٻُڍاپا ۽ خزائون، هنن جي ڀرسان
به لنگهي ڪونه گذريا آهن. هن ڌرتيءَ تي جيستائين سنڌي ٻولي ڳالهائي، لکي، پڙهي ۽
سمجهي ويندي، تيستائين هي سدا ساوا رهندا، ائين جيئن دعا سدائين سائي رهي ٿي يا ملڪه پکراج جي گنڀير آواز ۾ ڳايل غزل جي ٿلهه
وانگر:
اڀي تو مين، جوان هون،
خزان نهين، بهار هون.
ورجيسون، پهاڪا، اصطلاح يا محاورا پنهنجي جاءِ تي معنيٰ ۽
مفهوم جي لحاظ کان انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جي پسمنظر ۾ مڪمل
وضاحت ۽ تشريح هوندي آهي ۽ لساني تحقيق ۾ انهن جي اهميت کي ڪنهن به طرح نظرانداز
نٿو ڪري سگهجي ڇو ته انهن جي، پنهنجي تجربي جي بنياد تي ڳوليل، چيل لفظن ۽ جملن جي
اهميت طئه ٿيل آهي.
ورجيسين، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن يا محاورن تي سنڌيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪم نه ٿيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب
شايع ٿيا ته ڇا ٿيو؟ جڏهن ته اردو زبان ۾ محاورن تي مشتمل باقاعده هڪ لغت موجود
آهي. جيڪا مرزا محمد اسماعيل 1702ع ۾
مرتب ڪئي. مرزا محمد اسماعيل، فارسي،
عربي ۽ سنسڪرت جو وڏو عالم هيو. هن جو لقب مرزا جان طپش هو. هن جي ترتيب ڏنل لغت جو ٻيو ڇاپو سنه 1849ع ۾، مُرشد
آباد بنگال مان شايع ٿيو هو. اردوءَ ۾ هڪ ٻي لغت، لغت جهاز راني جي نالي سان موجود آهي. هيءَ لغت 1811ع ۾
ڪلڪتي بنگال مان ۽ ٻيهر 1813ع ۾، لنڊن مان شايع ٿي، جنهن ۾ سمنڊ، بحر، دريائن ۽
جهاز رانيءَ سان تعلق رکندڙ محاورا موجود آهن.
محترم عبدالوهاب سهتي جون هي ورجيسون مون کي تڏهن پڙهڻ لاءِ مليون آهن، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي درسي
ڪتابن مان سبق آموز مواد (سَبَقَ) جنهن ۾ پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون شامل
هوندا هيا سي جدت جي آڙ وٺي هڪ ڌڪ سان ڪڍي ڦٽا ڪيا ويا. چي؛ اهي پراڻا ۽ دقيانوسي
سبق ڏاڏي آدم جي زماني کان پڙهيا پيا وڃن.
جدت جي نالي ۾ جيڪو مواد سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پڙهايو پيو
وڃي، ان مان نئين ٽهيءَ ڪهڙو لاڀ حاصل ڪيو آهي؟ بي معنيٰ، بي مقصد اظهار واري عمل
جي فريب سان انساني حيات جي لاثاني قدرن کي ڪهڙي تقويت ملندي؟ ويتر انساني قدرن جي
نفي ڪئي وئي، حالانڪ انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Old is Gold پراڻن درسي
ڪتابن ۾:
- تڪڙ ڪم شيطان جو.
- پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ناهي.
- بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري.
- لالچ، بڇڙي بلا.
- اجايا پهه نه پچاءِ.
- گهر جو اڌ، ٻاهر جي سڄي.
- اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏي وڃي، ان کان اڌ به وڃي ته سڄي به.
- سوڙ آهر، پير ڊگهارڻ گهرجن.
- اهو ڪي ڪجي جو آئيءَ ويل ڪم اچي.
- اوڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ڀاڳئي جي.
- سبق سيکارڻ وغيره.
اهڙا انيڪ پهاڪا موجود هوندا هيا. خدا جو خوف، انسانيت جو
درس ڏيڻ، انسان- دوستيءَ جو سبق ڏيڻ، با ادب ٿيڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا سبق درسي
ڪتابن مان ڪڍيا ويا. ورجيسن ۽ پهاڪن تي مشتمل ڪهاڻي نما، سبق آموز سبق ختم ڪيا ويا
ته نتيجو ڇا نڪتو؟ نوجوان نسل جا پرڪار ڪهڙا آهن؟ اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي.
حالت اها آهي جو ستين اٺين نائين ۽ ڏهين جماعت جا شاگرد ته
ڇا پر انٽر جي امتحان ۾ ويهندڙ )ڏگهه) شاگرد به سوالنامي ۾ پهاڪا، محاورا يا
اصطلاح ۽ ورجيسون ڏسي پڙهي وائڙا ٿي وڃن ٿا. اهڙن محاورن، پهاڪن اصطلاحن ۽ ورجيسن
کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٻاهرئين پني (نقل ڪاپي) تي ڀاڙين ٿا ۽ اهي بظاهر معمولي نظر
ايندڙ سوال به اهڙن شاگردن لاءِ رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ
برابر آهن. ساڳيو حال ايم اي سنڌيءَ جي زباني امتحان (واءِ واس)
۾ شاگردن جو آهي جو ممتحن جي واتان اهڙا سوال ٻڌي ڇت کي گهوُرڻ لڳندا آهن!!!
محترم عبدالوهاب سهتو، تعليم جي لحاظ کان حسابن جي علم (انجنيئرنگ) جو ماڻهو آهي. عام مشاهدو ته
اهو آهي ته ادب ۾ حصو وٺندڙ ماڻهو حسابن ۾ ڏُڏَ هوندا آهن ۽ حسابن ۾ ڀڙ ماڻهو وري
ادب ۾ ڏُڏَ هوندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ ادب جو هڪ صفحو پڙهڻ به سندن لاءِ ذهني
ڪوفت جو باعث هوندو آهي. محترم عبدالوهاب سهتو، فطري طور ادب جو ماڻهو آهي ۽ ڀُلجي
انجنيئرنگ واري شعبي ۾ هليو ويو آهي. ادب ۾ شاهدي طور سندس ڪهاڻين جا شايع شده هڪ
نه پر ٽي مجموعه آهن. لڳي ٿو ته سهتو صاحب مشڪل پسند ماڻهو آهي جو ڪهاڻين کان موٽ
کائيندي هڪ وڏو مشڪل ۽ وقت- طلب تحقيقي ڪم ٻين لفظن ۾ مٿي جو سُور يعني خشڪ موضوع هٿن ۾ کنيو اٿس.
پهاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ ورجيسون گڏ ڪرڻ هڪ اهم پر دقيق ۽
مشڪل ڪم آهي. ورجيسن جو تصديق شده يعني مستند مواد، پس منظر سميت ميڙي چونڊي گڏ
ڪرڻ، هڪ انتهائي محنت طلب ۽ وقت گهرندڙ ڪم آهي. ان جي لاءِ شوق، محنت، طويل وقت جي
فراغت ۽ پيسي جي ضرورت هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته؛ سواءِ ناڻي ۽ لشڪر جي، ٿيڻ سلطان مشڪل آ.
ورجيسن جي افاديت هر دور ۾ رهي ٿي ۽ رهڻي آهي. جيترو مواد
هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، اهو ڪو گهٽ ناهي جيڪو سهتي صاحب جي عميق مطالعي ۽ جاکوڙ جو
احساس ڏياري ٿو. هي هڪ محنتي ۽ کاهوڙي شخص آهي، جنهن ڪم جو ارادو ڪري ٿو، ان ڪم جو
پورائو ڪرڻ خاطر قدرت طرفان مليل سڀئي صلاحيتون استعمال ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ ڏنل
ورجيسن ۽ انهن جي پسمنظر تي نظر وجهڻ سان محترم عبدالوهاب سهتي جي محنت، تلاش ۽ جستجو کي بي اختيار ٿي داد
ڏيڻو پوي ٿو. سهتو صاحب هڪ علم-
جُو انسان آهي. هي عالمن کان سواءِ، اڻ پڙهيلن جو صحبتي پڻ آهي. انهن سان ڪچهريون
ڪرڻ ۾ هن کي کوڙ ساترو مواد ملي وڃي ٿو.
هي ورجيسن تي مشتمل ڪتاب علم جي
اُڃايل ۽ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو. ههڙي خشڪ موضوع تي محترم
عبدالوهاب سهتي جي هن
ڪارنامي (منهنجي نظر ۾ وڏو ڪارناموآهي) تي کيس دلي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪيان ٿو
ته سهتو صاحب آئنده به
اهڙي تحقيقي ڪم، بلڪ ان کان به زياده بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هميشه آماده ۽ تيار
رکندو ڇاڪاڻ ته هي اسان جو قديمي ۽ ڪلاسيڪل تهذيبي ورثو آھي، ۽ محترم عبدالوهاب سهتي اسان جي ڪلاسيڪل تهذيب جي
بي شمار پهلوئن کي گڏ ڪري، اسان جي سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو آهي.
No comments:
Post a Comment