Friday, December 2, 2011

ورجيسون پسمنظر ۽ ڪارج - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

ورجيسون
پسمنظر ۽ ڪارج
انجنيئر عبدالوهاب سهتو

ٻولي/ زبان، خيالن جي اظهار جو ذريعو آهي. منجهس جيترا لفظ، مفهوم جي لحاظ کان عام / مشهور هوندا، اوتروئي اها سليس هوندي ۽ اوتروئي منجهس سمايل علوم، سمجهڻ ۾ سولا ٿيندا ويندا. بلڪل آسان ۽ ٻاراڻي زبان به پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي آهي. ان ڪري هر سڌريل/ سڌرندڙ ٻوليءَ لاءِ لازم آهي ته منجهس، وقت جي تقاضائن/ گهرجن آهر نوان، اڻ ٻڌل لفظ جڙندا / ملندا رهن. نون اصطلاحن جي وڌڻ سان، ٻوليءَ ۾ ترقي/ واڌارو ٿئي ٿو. ٻولي شاهوڪار ٿئي ٿي. شاهوڪاريءَ سبب، برقرار به رهي ٿي ۽ سندس ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾ واڌ به اچي ٿي.
مٿي بيان ڪيل سموريون خوبيون/ صفتون، سنڌي زبان ۾ موجود آهن. منجهس وڌڻ، نون اصطلاحن هضم ڪرڻ يا کين پنهنجو بنائڻ جي به وڏي صلاحيت موجود آهي. انهيءَ واڌاري ۾ روز نوان اصطلاح ۽ ورجيسون جڙي شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻوليءَ جو جُز بنجي، کيس سينگاريندا به رهن ٿا.



اهو فقرو، جيڪو مصدر سان گڏ، جملي ۾ ٻي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي اصطلاح چئبو آهي. جهڙوڪ: هٿڙي هڻڻ، ڄنگهه ٻانهن لڳڻ، هٿ پير هڻڻ، کُرڙي لڳڻ، ڄاڙي لڳڻ، اک هڻن، اک ۾ رکڻ، مڇ جو وار هئڻ وغيره.
ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل ٽڪرو/ فقرو، جيڪو غير مڪمل جملو هئڻ سان گڏ، جملي ۾ استعمال ٿيڻ وقت ٻي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي ورجيس چبو آهي. هيئن به چئي سگهجي ٿو، اهو ضرب المثل فقرو (Idiomatic Phrase) جيڪو غير مڪمل جملو هئڻ جي باوجود جملي ۾ استعمال ٿيڻ وقت ٻي معنيٰ ڏيکاري ۽ مصدر کان آجو هجي، تنهن کي ورجيس چئبو آهي. مثال طور: اڻ گهڙيو ڪاٺ، سڪ ٻلو ڪاٺ ۾، چهو تتر گنديءَ ۾، مغز ۾ اٺ، پيٽ ۾ پوليس، پيٽ ۾ ڪوئا، نه گهر جو نه گهاٽ جو، ڍنڍ جو پکي، ڌوٻيءَ جو ڪتو، وغيره وغيره.
ڪن محققن، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ورجيس کي ننڍڙو پهاڪو سڏيو آهي، جيڪو غلط آهي. هر هڪ شيءِ کي پرکڻ لاءِ، ڪسوٽي مقرر ٿيل آهي. پهاڪن ۽ ورجيسن کي پرکڻ لاءِ به معيار مقرر ٿيل آهي. پهاڪو، مڪمل جملو هوندي، ٻي معنيٰ ڏيکاري ٿو. جڏھن ته ورجيس غير مڪمل جملو ھوندي، ٻي معنيٰ ڏيکاري ٿي.
اصطلاح ۽ ورجيس ۾ فرق هي آهي ته ورجيس مصدر کان آجي هوندي آهي ۽ اصطلاح سان مصدر لڳل هوندي آهي. جيئن اڻ گهڙيو ڪاٺ هئڻ، هٿن جو ٻار هئڻ، هٿ جو پليل هئڻ، ڪنن جو ڪچو هئڻ، وغيره وغيره ورجيسي اصطلاح آهن. منجهانئن مصدر ڪڍڻ کان پوءِ، باقي بچيل فقري کي ورجيس سڏبو آهي.
ورجيس منجهان جڙيل جملا به ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
  1. ورجيسي جملو
  2. ورجيسي چوڻي
  3. ورجيسي پهاڪو
  1. ورجيسي جملو
اهو مڪمل جملو، جيڪو ورجيس جي ڪري ٻي معنيٰ ڏيکاري پر حالتن سب سندس روپ به بدلجي سگهي، ان کي ورجيسي جملو سڏبو آهي.
مثال:
1.1 ادا ڏٺيسون، اوهان جي گهاٽي سرنهن
1.2. پڻهين جي گهاٽي سرنهن ڏسي ڇڏي.
1.3. وڏيري جي گهاٽي سرنهن ڏٺي پئي آهي.
1.4. چاچنهن جي گهاٽي سرنهن ڏسڻ مان ڇا فائدو؟
1.5. هن جي گهاٽي سرنهن نه ڏٺيسين ته ڇا ٿي پوندو؟
مٿين جملن جو روپ مقرر ناهي. منجهن هڪ فقرو گهاٽي سرنهن پنهنجي مقرر مفهوم ۾ قائم آهي. انهيءَ کي ورجيس چئبو آهي. جڏهن ته منجهانئس جڙيل مٿيان سمورا جملا، ورجيسي جملا آهن.
  1. ورجيسي چوڻي
اهو مڪمل جملو جيڪو ورجيس / ورجيسي اصطلاح / اصطلاحي ورجيس تي مشتمل هوندي، فقط پنهنجي ظاهري ۾ استعمال ٿئي، پنهنجو روپ به برقرار رکي ۽ حالتن سارو روپ نه بدلي ته ان کي ورجيسي چوڻي سڏبو آهي.
مثال:
1.2. اره زورائي ڪرڻ، آهي کير ۾ موري وجهڻ (کير ۾ موري)
2.2. ڪارو منهن ڪرڻ، جهڙو دانگيءَ سان تهڙو تئي سان (ڪارو منهن)
2.3. واندو ماڻهو، شيطان جو گهر (شيطان جو گهر)
2.4. حڪومت، فيل مست آهي (فيل مست)
25. سرڪار، آهي اونڌي ڪوپري (اونڌي ڪوپري)
2.6. جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي (جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ)
2.7. ڪڪر جي ڇانءَ تي ڪهڙو اعتبار؟ (ڪڪر جي ڇانءَ)
مٿي ڏنگين ۾ ڏيکاريل فقرا، ورجيس يا ورجيسي اصطلاح آهن. جڏهن ته مٿيان جملا، مقرر روپ ۾ ظاهري معنيٰ لاءِ اسعمال ٿيندا آهن. ان ڪري انهن کي ورجيسي چوڻي سڏيو ويندو آهي.
  1. ورجيسي پهاڪو
ٻن ورجيسن ملڻ سان، جڙيل مڪمل جملي کي، ورجيسي پھاڪو سڏبو آهي. اهڙي چوڻي جيڪا مڪمل جملو هوندي، پنهنجي ظاهري معنيٰ کان علاوه ڪنهن ٻئي مفهوم ۾ استعمال ٿئي، ان کي (ورجيسي) پهاڪو سڏبو آهي.
مثال:
1.3. خالي دماغ : شيطان جو دڪان.
3.2. ڌوٻيءَ جو ڪتو : نه گهر جو نه گهاٽ جو.
3.3. شڪاريءَ جي ڪنيءَ مان، نه هوند نه شڪر.
4..3. سکڻو ڦيڻو، سور ٻيڻو
3.5. لڪڻ لائو، ڏاند پرائو
مٿي بيان ڪيل جملا، ٻن ورجيسن جي ميلاپ سان جڙيا آهن. سندن اهوئي مقرر روپ آهي. ظاهري معنيٰ کان علاوه ٻئي مفهوم ۾ استعمال ٿيندا آھن. مقرر ڪيل ڪسوٽيءَ تحت کين پهاڪو يا ورجيسي پهاڪو سڏيو ويندو آهي.
ورجيس جا ڇهه قسم آهن. جيڪي وضاحت سان هيٺ ڏجن ٿا.
1.        تشبيهي ورجيس
2.        ناڪاري ورجيس : ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس
3.        ندائيه ورجيس : ندائيه ٻٽن لفظن مان جڙيل ورجيس
4.        تلميحي/ تلويحي ورجيس : تلميحات/ تلويحات تي مبني ورجيس
5.        تمثيلي/ استعاري ورجيس : ڪنايي/ استعاري/ تمثيل تي مشتمل ورجيس
6.        اصطلاحي ورجيس.
1.        تشبيھي ورجيس:
اها ورجيس، جيڪا تشبيهه تي جڙيل هجي يا جنهن ۾ ٻن شين جي ڀيٽ ڄاڻايل هجي، تنهن کي تشبيهي ورجيس چئبو آهي.
مثال:
1.1. اهڙي ڪرڻ، جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن/ ٻالي سان.
1.2. اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت.
1.3. ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ
1.4. اهڙو تکو، جهڙو آچار گاڏي.
1.5. ايترو هلڪو، جو پاءَ گلن ۾ تُري.
1.6. ائين ساهه گهُٽي  پي وڃ، جيئن گل جا گدرا.
1.7.ائين ٿو ڊڄين، ڄڻ ڪرمچند ڪڍ پيو اٿئي.
2.        ناڪاري ورجيس:
اها ورجيس، جيڪا ناڪاري ٻٽن لفظن مان جڙيل هوندي آهي، تنهن کي ناڪاري ورجيس سڏبو آهي.
مثال:
2.1. نه ڏيٿين، نه تڳرين.
2.2. نه صافيين، نه ڪُڙڪين.
2.3. نه گهر جو، نه گهاٽ جو.
2.4. نه ٻن ۾، نه ٽن ۾.
2.5. نه اُڍن ۾، نه اُلرن ۾.
2.6. نه مئن ۾، نه جيئرن ۾.
3.        ندائيه ورجيس:
اها ورجيس، جيڪا ندائيه ٻٽن لفظن تي مشتمل هجي، تنهن کي ندائيه ورجيس سڏبو آهي.
مثال:
3.1. گهوڙا گهوڙا (اهڙو ٽاه کاڌائين جو گهوڙا گهوڙا ٿي وئي)
3.2. واه واه (اهڙي راند ڪيائين جو واه واه ٿي وئي)
3.3. بلي بلي (اهڙا ڪپڙا پاتائين جو بلي بلي ٿي پئي)
4.        تلميحي / تلويحي ورجيس:
اها ورجيس ، جيڪا تلميح / تلويح تي مشتمل هجي، ان کي تلميحي / تلويحي ورجيس سڏبو آهي.
مثال:
4.1. وتائي وارا اڳ
4.2. يارل موچيءَ واري ٻَڌَ
4.3. مِمل وارو موگهو
4.4. يعقوب واري ياري
4.5. گلوءَ وارا کوڙا
4.6. خدو ڪلي وارا احوال
4.7. ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه
4.8. حنود ڪاسائيءَ واري کڏ
4.9. دلوراءِ جي نگري
5.        استعاري ورجيس:
اها ورجيس، جيڪا ڪنايي/ استعاري/ تمثيل يا مشهور شخصيتن / سچاين جي نالن پٺيان هجي، ان کي استعاري ورجيس چئبو آهي.
مثال: فرعون، مير جعفر، گامون سچار، ڪانڀو خان، غيبي خان، شاه علي شاهه جو پٽ، يزيد، هٽلر وغيره وغيره.
6.        اصطلاحي ورجيس:
اهي ورجيسون، جيڪي مصدر لڳڻ کان پوءِ اصطلاحي معنيٰ ظاهر ڪن ۽ مصدر لڳڻ کان سواءِ مفهوم چٽونه ٿئين، تن کي اصطلاحي ورجيس سڏبو آهي.
مثال:
6.1. اڌ رات کڏ ۾ (هئڻ)
6.2. پيٽ ۾ ڪوئا (ڦرڻ)
6.3. پيٽ ۾ پوليس (لهڻ)
6.4. مغز ۾ اٺ (هئڻ)
6.5. مغز ۾ تڏ (ڦرڻ)
ان کان علاوه، ٻن اصطلاحن ملڻ سان به ورجيس ٺهندي آهي.
مثال طور:
6.6. پاڻ پنڻ، گهوڙا ڳنهڻ
6.7. پاڻ بک مرڻ، مذقان ڪرڻ.
6.8. پاڻ نه پارڻ، ڪتا ڌارڻ.
6.9. پاءُ نه پڙهڻ، ايمي چڙهڻ.
6.10. پَرُ مارڻ ، تَرُ نه مارڻ.
6.11. پرڻو به کائڻ، مرڻو به کائڻ
6.12. يا درياه ٽپڻ، يا اڏ نه ٽپڻ.
6.13. ڇوڪر ڪلهي تي ويهارڻ، کيس ميلي تي ڳولهڻ.
ورجيس، وڏي وقت گذرڻ ۽ تاريخي اٿل پٿل کان پوءِ وجود ۾ ايندي آهي ۽ پنهنجو سماجي پسمنظر به رکندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پهاڪي/ چوڻيءَ وانگر ضرب المثل طور ڪتب ايندي آهي. هن ڪتاب ۾، هيل تائين هٿ آيل ورجيسون (سماجي پسمنظر ۽ ڪارج سميت) پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر نموني طور پيش ڪجن ٿيون.

متن
  1. آب حيات
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪو آبِ حيات پيئندو، سو امر ٿي ويندو، يعني مٿس موت نه ايندو. عام راءِ اها به آهي ته بحرِ ظلمات  ۾ هڪ چشمو آهي، جيڪڏهن ڪير انهيءَ جو پاڻي پيئي ته سدائين زندهه رهندو.
گمان آهي ته حضرت خضر عليه السلام اهو پاڻي پيتو هيو ۽ سڪندر اعظم به سندس رهنمائيءَ ۾ انهيءَ چشمي تي پهچڻ گهريو پئي پر پهچي نه سگهيو.
مطلب:
  • ڊگھي حياتي بخشيندڙ شي.
  1. آچار گاڏي
آچار نالي ھڪ ھمراھ، جاتيءَ جو رهاڪو هيو ۽ انگريزن جي دورِ حڪومت ۾، ٽپال کاتي ۾ ٽپالي هيو. پنڌ جو تمام تکو هوندو هيو. ريل ۽ جيپ سان به سندس مقابلا ٿيا.
مطلب:
  • تمام تکو ھلندڙ ماڻهو.
  1. آرسي مصحف
شاديءَ ۾ لانئن جي وقت واري رسم، جنهن ۾ هڪ ئي آئيني ۾ هڪ ئي وقت، گهوٽ ڪنوار کي، ٻنهي جي گڏيل شڪل، پهريون دفعو ڏيکاري ويندي آهي.
مطلب:
  • پاڻ ۾ پيار پيدا ڪندڙ شي.
  1. آلا نور، مٿي جا سور
آلا؛ آلو يا آلي جو جمع؛ ڀِڳل، پُسيل. اعليٰ جي بگڙيل صورت؛ مٿانھون، اوچو.
نور؛ روشني، ھدايت، عقل، فھم.
جيڪو ماڻھو،صلاح ڏيڻ يا ڏاھ ڏيڻ کانپو به ڏسيل رستي تي نه ھلي ته ان جي عقل تي چڙ ايندي آھي. چڙ ۾ به گھٽ وڌ ڳالھائڻ کان احتراز ڪندي، پنھنجي اولاد وغيرھ لا بيعقل وغيرھ جھڙا لفظ ڪتب نه آڻبا آھن، بلڪ ٽوڪ طورکيس عقل جو وير، اعليٰ نور، آلو نور، وغيرھ سڏبو آھي. فقري جي ٻئي حصي ۾ احساس جاڳائڻ يا اصليت ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لا ٻيو فقرو؛ مٿي جو سور ڳنڍبو آھي.
مطلب:
  • ڏس ڏيڻ باوجود، غلط ڪم ڪندڙ لا يا بيزار ڪندڙ ٻار لا والدين ائين چوندا آھن.
  • تو وارو عقل مٿي جو سور آھي.
  • اعليٰ نور، مٿي جو سور ھئڻ
  1. آمي ابڙي
لاڙ طرف، ابڙا قوم جي، آميءَ نالي هڪ خوبصورت عورت ٿي گذري آهي. جيڪا پنھنجي حسن، سونهن ۽ نزاڪت ۾ ضرب المثل هئي. بيحد حسين هئڻ سبب، سندس حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور ٿي وئي.
مطلب :
  • جيڪڏهن ڪا عورت ناز نخرا  ڪندي آهي ته کيس ٽوڪ طور چئبو آهي: “تون ڪهڙي آمي ابڙي آهين؟ جو نخرا پئي ڪرين!”
  1. آھُرِ جي آسري، جھنگ نه چنڻ.
آھر، جنھن ۾ مينھون وغيره گاھ کائين. جھنگ ۾ آھر ۾ مليل گاھ جھڙو لذيذ کاڌو ھڪيو حاضر نه ملندو آھي. تنھنڪري آھر واري گاھ جي آسري تي اتان نه چري اچڻ واري مينھن ڪڏھن ڪڏھن بک مرندي آھي. ڇو جو سندس غريب ڌنار، گاھ نه آڻي سگھندو آھي، جنھنڪري اھا مينھن ڪلي تي ٻڌي ٻڌي بک ڪاٽڻ لڳندي آھي.
مطلب :
  • سڄي جي لالچ ۾ اڌ کي ڇڏي ڏيڻ.
  1. آھِرُ کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو.
آھِرُ؛ مڙس، شوھر. رن؛ زال، گھر واري، گھر ڌياڻي.
مڙس ٿورو ڪمائي ۽ زال گھڻو خرچ ڪري ته اھو گھر به نه ھلندو. گھر جو چرخو ھلائڻ ۾ عورت جو وڏو ھٿ ھوندو آھي.
مطلب :
  • مڙس جي ڪمائي ٿوري، عورت جو خرچ گھڻو.
  1. آھِي ٽپڻ، کاھي نه ٽپڻ
آھِي؛ آھ، اَڏَ، ننڍي واھي.
کاھي؛ اونھي ۽ ڊگھي کڏ، خندق، Trench, Moat
آھي ٽپڻ ۽ کاھي نه ٽپڻ اصطلاح آھن، جيڪي سولي ڪم ڪرڻ ۽ ڏکئي کان احتراز ڪرڻ لا ڪتب آڻبا آھن. جڏھن ته استعمال ۾ ابتيءَ طرح استعمال ڪبا آھن. يعني؛ آھي نه ٽپڻ، کاھي ٽپڻ.
مطلب:
  • مٺو مٺو ھپو ھپو، ڪؤڙو ڪؤڙو ٿو ٿو
  • ڀيٽيو: کڏ ٽپڻ، اڏ نه ٽپڻ

(بقايا مواد، پي ڊي ايف ۾ ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري پڙھندا)

No comments:

Post a Comment