پهـاڪو
قاسم ٻگهيو
اسان
جو عوامي ادب، جنهن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا؛ اصل ۾ اسان جو قديمي ۽ قيمتي، فطري ۽
بنيادي ادب آهي، جنهن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبعي طور طريقن جو بيان آهي. انهيءَ جو ابتدائي پس منظر جاچڻ لاءِ جي تاريخ تي نگاهه ڪبي، ته معلوم ٿيندو ته هن
ملڪ ۾ سدائين ڪي ساڳيون حالتون قائم ڪين رهيون آهن. هزارين سالن جي ڊگهي عرصي ۾
هتي ڪيئن مختلف اجنبي قومون، هڪ ٻئي پٺيان پنهنجوپنهنجو وارو وڄائينديون پئي آيون
آهن. مثلاً: حبشي ۽ حامي، سميري ۽ سامي، آريا ۽ ايراني، يوناني ۽ توراني، ساڪ ۽
سٿين، پهلوا ۽ پارٿين، ڪوشان ۽ ساساني، عرب ۽ افغاني وغيره، جن مان هر هڪ پنهنجي
پنهنجي ايامڪاريءَ ۾، هتي نئين سِج نوان چلامانَ چالو ڪري مقامي ماحول ۾ نت نوان
تغير پيدا پئي ڪيا آهن. هر ڪنهن فاتح قبيلي، فقط پنهنجي قبائلي مذاق ۽ تمدن کي
فوقيت ڏيندي. ان کي ساري جڳ جو معيار پئي بڻايو ۽ ان جي برعڪس هر اڳئين ادب ۽
روايت کي پنهنجي شاهي مجلسن مان ڌڪي ٻاهر پئي اڇلايو آهي پر ڪنهن به ڳالهه ۾
جيڪڏهن زندهه رهڻ جي ٿوري به صلاحيت موجود آهي ته ان کي بيشڪ بقا آهي (Survival Fittest) انهيءَ اصول تحت ئي هر
ڪنهن عهد جي فاتحن جون ڪي رد ڪيل روايتون وري عوام جو اجتماعي آواز بڻجي عوامي ادب
جي ڪشڪول ۾ ڪٺي ٿينديون پئي آيون آهن. اهڙي طرح هر گذريل دور جو معياري ادب وري
ايندڙ هر زماني ۾ ڦري “لوڪ ادب” پئي بڻيو آهي. پر اهو قديم ادب (لوڪ ادب جي حيثيت
۾ ئي سهي) بجاءِ فنا ٿيڻ جي ويتر گڏيل وياج وانگي ويجهندو ۽ بنيادي گنج ۾ ٻيا گنج
گڏيندو پئي آيو آهي. اسان جو فطري ۽ روايتي ادب، انهيءِ ڪري ڪيترن ئي قومن جي گڏيل
فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو هڪ مرڪب آهي.
اسان
جو لوڪ ادب، عوام جي عادتن ۽ حالتن، طور طريقن، رسمن رواجن، اٿڻ ويهڻ ۽ وندر
ورونهن جو هڪ وسيع ذخيرو آهي، جنهن ۾ اسان جون نسلي خاصيتون ۽ دماغي لياقتون، طبعي
لاڙا ۽ نفسياتي رجحان گذر معاش جا ذريعا، ملڪي ماحول، سياسي نظام ۽ قديم تاريخي
آثار مڙيئي موجود آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ لوڪ ادب کي قومي حيثيت
حاصل آهي؛ پر اسان جي لوڪ ادب کي فقط قصا ڪهاڻيون، نقل نذير، کل خوشي، ڳائڻ وڄائڻ
۽ شادين غمين جون رسمون ئي تصور ڪيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو، رڳو اسان جا پهاڪا ئي
کڻي ڏسو، جيڪي عوامي ادب جو هڪ خاص حصو، بلڪه بنيادي جُز آهن. پهاڪا، لوڪ ادب ۾ نه
رڳو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهن، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آهن،
جن ۾ عام حالتن کي جاچڻ کان پوءِ، گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگهجي
ٿي.
اسان
جي قديم ۽ فطري زبان سنڌي ٻوليءَ جي پهت پچار مان پتو پوي ٿو، ته اها چوڻين ۽
پهاڪن سان ائين سينگاريل آهي جيئن نيرو آڪاش تارن سان؛ ڄڻ ڪو شاهي تاج ڪنهن
وينجهار ويهي جواهرن سان جَڙيو آهي. هنن املهه موتين ۽ جواهرن جي حسن جي پچار پوءِ
ڪبي. پهرئين هن ڳالهه کي پهيون ته پهاڪو خود آهي ڇا؟
پهاڪي
لفظ جي معنيٰ: پهاڪو لفظ اصل ۾ آهي “پَهُه _ ڪيو” يعني ويچار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو.
جيئن شاهه صاحب چيو آهي، ته:
“پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ”
پتنگن
پهه ڪيو يعني پڪو ارادو ڪيو يا آخري فيصلو ڪيو. عام طرح سان به، پَهه پچائڻ جي
معنيٰ آهي، پُورَ پچائڻ يا خيال پچائڻ، يعني عقل هلائڻ، غور فڪر ۽ ڳڻ ڳوت ڪرڻ،
حقيقت ۾ هن لفظ جو بنياد آهيئي “پهه” يعني خيال، رِٿ، جنهن مان ٿيو پهاڪو. جيئن
ڏهه، تنهن مان ڏهاڪو، ساڳي ئي ڦهڪو، رولاڪو، ڦٽاڪو ۽ ڌماڪو وغيره به ائين ٿيا آهن.
دراصل
اڳئين جُڳ ۾ ڪنهن به ڏاهي، ڪو پيچيدو مسئلو پهي، ان جو ڪو آسان حل ٻڌايو، ته اهو
عوام لاءِ پوءِ مشهور پهاڪو بڻجي پيو. مثال “سونٽي هجي
ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.” اهڙي طرح ئي ڪنهن اوکيءَ ويل جي چئن چڱن مڙسن
گڏجي، ڪو منڌل معاملو پاڻ ۾ ويهي پهيو؛ ۽ اتفاق راءِ سان ان جو ڪو دائمي فيصلو ڪري
ڇڏيو، ته اهو فيصلو پڻ پوين لاءِ مڃيل پهاڪو مقرر ٿي ويو؛ مثال: “اهو ڪي ڪجي جو اوکي ويل ڪم اچي.” تنهن ڪري پهاڪي جي
معنيٰ آهي. ڳڻيل ڳوپيل ڳالهه، سوچيل سمجهيل نڪتو ۽ توريل تڪيل فيصلو. يعني مڃيل
اصول قاعدو يا قانون؛ جنهن ۾ جامع لفظ ۾ ڪا مصلحت ۽ حڪمت، ڪا دانائي، ڪا نصيحت ۽
هدايت هجي. (The
wisdom many and the wit of the one) شاهه صاحب به، پهاڪي جي اها ئي معنيٰ ورتي آهي؛ سسئي جي واتان هڪ
وائيءَ جو چوايو اٿس، ته:
“آتڻ ويجهي آڳ ۾،
پڇنديس پوءِ پهاڪو.”
يعني
ته اول آتڻ کي ئي ساڙي ختم ڪري، پوءِ جي پاڙي پتيءَ کان پهه پڇيو، ته ڪوبه آتڻ ۾
ويهڻ جو ڏس ۽ صلاح ئي ڪونه ڏيندو.
پهاڪي جي قدامت:
اهو
ته ظاهر آهي ته اهي پهاڪا شاهه صاحب کان گهڻو اڳ هلندڙ هئا. پهاڪا ان زماني کان
چالو ٿيا آهن جڏهن انسان گڏجي رهڻ شروع ڪيو ۽ گڏجي رهڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا ۽ انسان
ذات، پنهنجي معاملن ۽ مسئلن کي سوچڻ ۽ سنوارڻ شروع ڪيو. جيئن ته اهي مسئلا بعضي
اڪيلي سر به ڪي سياڻي سنواريندا رهيا، ته بعضي وري باهمي سمجهوتي سان به حل ٿيندا
پئي آيا آهن. مثال: ڪنهن عام ماڻهوءَ يا راڄ جي چڱي مڙس جي شادي ڪرڻ چاهي هجي ۽
ڪنهن پريي مڙس يا چوياريءَ کان صلاح ورتي هجئي، پوءِ ڪنهن فيصلو ڏيندي يا صلاح
ڏيئي چئي ڏنو هجي ته “ٻن ترارن جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾” اهو ٻن ترارين وارو پهاڪو
شاهه لطيف وري هيئن استعمال ڪيو آهي:
“خــودي ۽ خــداءِ ڪيئن مائيندا من ۾،
ٻن تراڙين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.”
ڪنهن
به پهاڪي لاءِ اڄ پڪ سان چئي نه سگهبو، ته اهو ڪنهن چيو ۽ ڪهڙي زماني ۾ چيو. (حڪيم
سقراط، وطائي فقير، شيخ چلي، بيربل، شيخ سعدي ۽ لقمان حڪيم جا نقل ۽ ٽوٽڪا ته گهڻا
آهن، پر ڪوبه پهاڪو انهن ڏانهن منسوب نه آهي). ڇو ته، هي بلڪل ئي قديم زماني کان
چالو ٿيا آهن. سميري زبان جو هڪ پهاڪو، ٺڪر جي تختيءَ تي لکيل، عراق مان مليو آهي: جيڪو اڄ کان پنج ست هزار سال پراڻو آهي:
The Shesh-grain of thirty days did not exist,
The Shesh-grain of forty days did not exist.
The small grains, the grain of the contain,
The grain of the pure living creatures did not
exist.
هن
پهاڪي ۾ اَنَ جي سگهي پچڻ ۽ دير سان پچڻ وارين جنسن (جَوَ ۽ ڪڻڪ؟) جي سڃاڻپ
سمجهايل آهي، ڇو ته اهو پهاڪو ان زماني جو يادگار آهي، جڏهن انسان ذات، اڃا پنهنجي
آتم ڌنڌي، يعني اتم کيتيءَ جو مَسَ آغاز ڪيو هو؛ تنهن ڪري انسان ذات جي گڏيل فڪر
جو مرڪز پڻ پوک هئي. مگر پوک بابت اهڙوئي پهاڪو سنڌيءَ ۾ به اُسريو، ته :
سَــــٺِ پــچـــي ســـٺـڙي ۽ سَــــؤ پــچــــي جـــئار،
جي تنهن کان هاري تڪڙو ٿئي، ته لاهن پاڙون نهار.
يعني
ته ڳاڙهي ڪُنڍي جوار ته سٺن ڏينهن ۾ ئي پچي راس ٿئي؛ باقي سڌي سنگ واري اڇي جوئر،
سا ته سؤ ڏينهن کان به پوءِ لهي. پر جي هاري ان لاءِ آتو ٿئي، ته وڃي لاهن جي پاڙن
وٽ نسريل سنگ نهاري، (لاهن جي پاڙن وٽ قدرتي طرح ڀاڻ ڪٺو ٿيل هوندو آهي، جنهن جي
طاقت تي فصل جلدي تيار ٿيندو آهي.) ٿي سگهي ٿو ته هي سنڌي پهاڪو به هن سميري پهاڪو
جوئي ساٿياري هجي! مطلب ته اهي پهاڪا، هزارن پيڙهين جي تجربن جو نتيجو آهن، ۽
ايامن جي آزمائشن کان پوءِ وڃي، مقبول عام ٿيا آهن ۽ هاڻي ته وڃي سَندَ جي حيثيت
حاصل ڪئي اٿن. شام جي قديم شامي يهودين ته هميشه ئي پهاڪن جي پاڪائي ۽ برڪت کي
مذهبي حيثيت سان پئي مڃيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي عبراني چوڻيون حضرت سليمان عليه
السلام (973 قبل مسيح) جا حڪيمانه قول آهن، جيڪي سڄي ٻاهرئين دنيا ۾ “سياڻي سليمان
جا سخن” سڏجن ٿا. جڏهن ته انهن ۾ ڪيترا اهڙا پهاڪا به قبول ڪيل آهن، جيڪي حضرت
سليمان کان اڳ آر، نيپور ۽ بابل ۾ هلندڙ هئا. سڀ کان پهرين عراق ۾ سميري زبان جي
پهاڪن جو مجموعو نيپور شهر ۾ اٽڪل 1834_قبل مسيح ڌاران مليو.
عربي
ادب جي تاريخ ته پهاڪن سان ئي شروع ٿئي ٿي، مگر چيني ادب ۾ پهاڪا عيسوي سن کان به
گهڻو پوءِ قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ اسان جي سنڌي ادب ۾ ته اڃا فقط شروعات ٿي رهي آهي.
جيتوڻيڪ ڪن اديبن ٿورا گهڻا پهاڪا گڏ ڪري ڇپايا به آهن، پر انهن جي “پاڙ” پڌري ڪيل
ئي ڪانهي. انهيءَ جي بجاءِ رڳو هر هڪ پهاڪي جي الڳ الڳ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. مطلب
ته هي پهاڪا هزارين پيڙهين جو ڦل آهن. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کان به انڪار ڪونهي، ته
زماني جون حالتون، هميشه کان ئي ڦرنديون رهيون آهن، تنهن ڪري قديم زماني جا ڪيترا ئي
قبول ڪيل پهاڪا، نين حالتن هيٺ، پنهنجي مڃيل ۽ مستند حيثيت کان هٽندا رهن ٿا. اهڙا
مُدي خارج پراڻا پهاڪا، گهٽ استعمال ٿيڻ ڪري آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳن ٿا؛ ته نون
آزمودن مان نڪرندڙ نوان پهاڪا، وري پراڻن پهاڪن جي جاءِ ڀريندا رهن ٿا؛ اڳي چوندا
هئا ته، “عورت ته ايٽ، مرد ته کيٽ”. پر هاڻي
جيئن ته چرخي ڪتڻ جو رواج هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري اهو ساڳيو پهاڪو
ڦيرائي چون؛ “عورت ته گهر، مرد ته هر”. تنهن
ڪري نون ۽ پراڻن پهاڪن جي ساڃاهه ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ڪونه آهي. پر اهي پهاڪا پراڻا
هجن توڙي نوان، حڪيمانه قول ۽ سياڻن جا ٻول آهن، هڪڙي طرف ته هي عوامي زندگيءَ جو
آئينو آهن؛ جن ۾ جهوني جڳ جون جهلڪيون به موجود آهن، ته عام تهذيب ۽ تمدن جي تصوير
به تمام چٽيءَ طرح سان چٽيل آهي. وري ٻئي طرف، هي بامقصد، ۽ پر معنيٰ پڻ آهن.، جن
۾ هر قدم تي ڪا نه ڪا هدايت ۽ رهبري به موجود آهي.
ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان،
الله ڏئي ايمان، ته گوڏا ڏيئي گذارجي.
جيئن
ته هي انسان ذات جي ڪيترين ئي لاڳيتين پيڙهين جي سوچ ويچار جو ثمرُ، ۽ ايامن جي
غور و فڪر جو گويا نچوڙيل عرق ۽ انساني عقل جو چڪايل جوهر آهن، تنهن ڪري هر پهاڪو،
ڄڻ ته سڄي قوم جو ئي گڏيل فيصلو آهي. انهيءَ ڪري ئي هن جي دائمي حيثيت به گويا
لوهه تي ليڪو آهي؛ يا هيئن کڻي چئجي ته، ڄڻ انسان ذات جو اڻ لکيل آئين، (Flexible Constitution) زباني قانون ۽ فطري دستور
آهي. سو به ائين آهي، جو منڊيءَ تي ٽڪ. سو ڳالهين جي هڪ ڳالهه، ته هي دانائيءَ جو
دفتر (Wisdom
Literature) آهي،
جنهن ۾ انسان ذات جي حڪمت عمليءَ جا عجيب اهڃاڻ آهن.
پهاڪا ۽ شاعري:
پهاڪن
جي پهت پچار مان هڪ اهم نڪتو نروار ٿئي ٿو جو پڻ سوچڻ جي لائق آهي، سو هي ته پهيل
ڳالهه ۾ اهو ئي پهه آهي جنهن کي جيڪر جديد شاعريءَ وارو “شعور” چئجي. پهاڪا انهيءَ
ڪرين قديم شاعري ۽ بنيادي يا سگهڙپائي جو به سهڻو نمونو آهن. هي پهاڪا، لکت جي
شروعات کان به گهڻو اڳ چالو ٿي چڪا هئا. اڳئين زماني ۾، تعليم جو عام طريقو به،
رڳو زباني طرح ياد ڪرائڻ وارو ئي هلندڙ هو. مهاتما گوتم ٻڌ جا پوئلڳ اهم نڪتا
ورجائيندي ۽ دهرائيندي، انهن کي هر وقت پنهنجي لئي ۾ لوندا ۽ جهيل سان جهونگاريندا
هئا، انهيءَ لاءِ ته اهي آسانيءَ سان ذهن نشين ٿي وڃن. اهڙين ئي تنوارين مان ترتيب
وٺندي، سريلاست ۽ ڳيا اُسرندا آيا، جيڪي ڀانت ڀانت جي ڀڪشن جو ورد بڻيا.
قبائلي
پيشوا توڙي خاندان جي بزرگ پنهنجن پوين کي پنهنجو موروثي علم ۽ سندن ذاتي آزمودا
يا ڪي خاص هدايتون، اهڙين ئي موزون چوڻين ۾ برزبان ياد ڪرائيندا هئا. اهڙي ضرورت
جي مد نظر هي پهاڪا بلڪل ئي مختصر، مائيدار ۽ موزون لفظن ۾ پوتل آهن، انهيءَ ڪري
ته ياد ڪرائڻ ۾ سهنجائي ٿئي. گهڻو ڪري ته سڀني پهاڪن ۾ قافيو آهي ئي آهي ۽ ڪيترا
ته ٺهيل ئي وزن تي آهن؛ جيڪي ويچاريون وڏيون ته وڏيءَ ڍار ۽ جهيل سان، جهولا ئي چونديون
آهن:
ابــي چـــاڙهــي، ادي چــــاڙهــي،
مون نه چاڙهي، ڪنهن نه چاڙهي.
انسائيڪلوپيڊيا
۾ ته پهاڪن جي بيهڪ ۽ بناوت يا هيئت (Form) کي خاص اهميت ڏنل آهي. وڏي ڳالهه قصن ڪهاڻين ۾ به ڪيترائي پهاڪا ۽
وڏن ۽ خاص واقعن جون يادگار چوڻيون. “ڳاهن” طور ڳايل آهن. خانه بدوشيءَ واري شڪاري
دؤر ۾، “مريءَ مڱ ٿر ماريو، واڌو ڏسي وار.” هن
هڪڙي جملي ۾’مڱ ٿر’ ۽ ‘مريءَ’ جو مشهور داستان سربستو ئي سمايل آهي. ساڳيءَ طرح
دودي سومري جڏهن چنيسر جي حق ۾ حڪومت ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن درٻاري دانائن مسئلو
پهي کيس فيصلو ڏنو ته: “راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن
ڏاند”. ويچاري ڏومڻ سوناري جي پٽ جڏهن راجا دلوراءِ جي ڌيءُ راجڪماري سهائي
سان نينهن لاتو، تڏهن پڻس کيس سياڻن جو “سخن” ياد ڏياريو ته:
“آڪُ نه ڪجي ڏندڻو، سَپُ نه کائجي ماهه،
ات نه لائجي نينهڙو، جت ٿئي جيءَ وڻاهه.”
ڏومڻ سوناري واري آکاڻيءَ ۾ هي مشهور “ڳاهه” به
آلاپيندا آهن ته:
سچ ته بيٺو نچ، ادا ڙي ڪارو منهن ٿئي ڪوڙ،
سچن ملندو سچ سگهو ۽ ڪوڙن پوندي ڌوڙ.”
حقيقت
۾ هي لاجواب پهاڪو آهي، پر آکاڻيءَ ۾ ڳالهه وانگر جهونگاريو آهي. اهڙيءَ طرح گذريل
زماني جي ڪن وڏن واقعن جون يادگار چوڻيون به آهن ته، “سپ
نه ماري، سپ جو سراپ ماري” موکي متارن جي آکاڻيءَجو هي مرڪزي نڪتو آهي.
اڃا
به جيڪڏهن اسين جاچي ڏسنداسين ته ڪن شاعرن جي ڪلام جون ڪي تڪون ۽سِٽون اڄ به پهاڪن
طور پيون ڪم اچن! اگرچه اهي پهاڪا اڳي ئي هلندڙ هوندا؛ ۽ پوءِ جي شاعرن وري، ساڳيا
ئي پهاڪا نئين سر ويهي پنهنجي ڪلام اندر جڙيا آهن. جيئن شاهه صاحب جو هي بيت:
“سڪ ناهي سُٿري، کڻ پروڙي پير،
ڪُسڻ ڌاران ڪير، ڪري سڌ سڪڻ جي.”
هن
بيت جي پهرئين سٽ عام طور تي پهاڪو ئي استعمال ٿيندي آهي. جڏهن ته اها پڪ ته پهاڪا
شاهه صاحب کان گهڻو اڳ ئي هلندڙ هئا. معنيٰ ته ان پهاڪي کي شاهه صاحب پوءِ پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي. اهڙي نموني شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اڳ رائج
ٿيل پهاڪا، جيئن جو تيئن ڪم آندا آهن:
اک
الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار،
منجهان
نوچ نهار، پر پٺيرو پرينءَ ڏي.
جو پئي پراڻو نه ٿئي، وکر سو وهاءِ،
ويچيندي
ولايت ۾، ذرو نه ٿئي ضاع،
سا
ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اولهين.
يا وري خليفي نبي بخش “قاسم” (لغاري) پڻ ڪيترا
مروج پهاڪا پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندا آهن:
جَني پکا اوڏڙا، سيڻ ڪجن سيهي.
سائين
ڪبير شاهه ٻيلي واري جون ته ڪيتريون ئي حڪمت ڀريون حڪايتون اهڙن ئي حڪيماڻن قولن
جي جڙاءَ سان جڙيون آهن. هيٺئين ڪلام جي هر هڪ سٽ پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل پهاڪو
آهي:
نصيحت تنهن نادان کي ڪري ڪين اثر
ڪلر مان ڪين ٿئي توڙي جام پيارينس جر
شيدي ڳؤرو نه ٿئي توڙي مهٽي لاهينس مر
اَڪُ آمون نه ٿئي توڙي ڦٽي ڪڍي ڦر
کٿو چاڙهين کنڀ تي ته به مور نه ڇڏي مر
مرون ڌارائين مينهن کي ته به سندو سوئر ڦر
ڪڻڪ کارائين ڪتي کي ته به کيس چني سين چر
پر پنهنجو نه ٿئي توڙي لٽي ڏئينس گهر
ڪميڻو اشراف نه ٿئي توڙي دليون هجي دلبر
تنهن کان ڏوران بيٺو ڏَر،
جنهن کان پوءِ لڳي پشيمان ٿين”
نه
صرف ايترو ته رڳو اڳئين دور جي ڪلاسيڪي شاعرن ئي پهاڪن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيئن
جو تيئن ڪم آندو آهي، پر موجوده دور جي وڏن ۽ جديد شاعرن به پهاڪن کي استعمال ڪري
انهن جي موسيقيءَ مان حظ حاصل ڪيو آهي. شيخ اياز جي ٻن مختلف وائين مان به بند ڏجن
ٿا، جن ۾ پهاڪن جو استعمال نهايت ئي خوبصورت ۽ نئين انداز سان ڪيو ويو آهي.
ڪنڊيءَ
نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو
سائو
نه سلڙو
ڇانگون
نه ڇيلڙا
مارو
اڪيلڙا _ مارو اڪيلڙا
الخ
ويهه
نه ونگي ٽڪ سان
چپن
لائي چُن
اڄ
ڇا کان ڪاپائتي؟
الخ
اهڙي
ئي نموني سنڌ جي ٻين جديد شاعرن به پهاڪن کي سندن شاعريءَ ۾ ائين جڙيو آهي جيئن
منڊيءَ تي ٽڪ.
اگهئو
ڪائو ڪچ،
ٻليون
پوندئي ڪانچ ۾،
جي
تون چوندين سچ.
اڳئين
وقت
۾ ته اهي پهاڪا ئي هئا، جن حياتيءَ جي هر وهنوار، ڇيڙي نبيري، ڏيتي ليتي، اچار
ويچار ۽ نياءُ نبيري ۾ وڏي واهر پئي ڪئي آهي؛ “تڏي
آئي تنگ نه ٿجي، ٿوڙي هجن وير هزار.” انهيءَ ڪري عوام جا اڳواڻ ۽ وقت جا
سڄاڻ ته سدائين انهن کي عوام جي ڀلي خاطر، سنئين دڳ لائڻ لاءِ، پنهنجي تنوارن ۽
جهونگارن ۾ جيئرو رکندا پئي آيا آهن. مثال طور:
ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان،
الله ڏئي ايمان، ته گوڏا ڏيئي گذارجي.
پر
جڏهن کان جابر ۽ ظالم بادشاهن جو دور چالو ٿيو ته انهن وري پنهنجي مطلب جا قاعدا
لکائي ماڻهن تي مڙهڻ چالو ڪيا ۽ عوام جا اڳواڻ ۽ سماجي سڄاڻ به ڊڄي ٿڌا ماٺا ٿي
رهيا، ته پهاڪن جي پچار به ٺري وئي، تان جو پهاڪن جي پچار ۽ انهن جي گونج ۽ غناء
پڻ، ٻنجهي ۽ ٻٽجي منجمد بڻجي وئي. انهن جو آلاپ ۽ سر هميشه ئي لاءِ فنا ٿي چڪو ۽
هاڻي هيءَ ختم ٿيل زماني جي شاعري آهي، جيڪا ڄڻ ته ڄمي پنڊپهڻ (Fossil Poetry) بنجي چڪي آهي. سا انهيءَ
پنڊ پهڻ واري حالت ۾ ئي اڃا يادگار طور باقي آهي.
پهاڪن
۾ حڪمت: هي پهاڪا، انسانذات جي ڪيترين ئي سلسليوار پيڙهين ۽ ايامن جي لاڳيتي غور و
فڪر ۽ سوچ ويچار جو ثمر، ڄڻ ته نچوڙيل عرق ۽ چٽيل جوهر آهن. بهرحال اسين چپي چپي
تي ڳالهه ڳالهه تي ڪونه ڪو پهاڪو، ڳالهه کي ٽيڪ ڀرائڻ لاءِ، پنهنجو مطلب چٽو ڪري
سمجهائڻ واسطي، ڪنهن نڪتي جي وضاحت خاطر، يا سچي ڳالهه جي ثابتيءَ ۽ سند طور پيش
ڪندا آهيون. بيڪن پهاڪن کي “گفتگو جا تيز هٿيار” (Edged tools of speech) ڪري سڏيو آهي. مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي گهڻو اولاد آهي ۽ وڏا ٿي
سڀ نااهل ۽بيڪار ثابت ٿين ٿا ۽ پنهنجي پيدا ٿيڻ کي ئي ماءُ پيءُ جي غلطي ٿا سمجهن؛
ته جيڪر هو نه ڄمن ها؛ نه ڏکيا ڏينهن ڏسن ها. ان تي ڪنهن سياڻي ڪيڏو نه ٺهڪندڙ
نڪتو بيان ڪيو آهي. “ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي
ونڊ” يا وري ڪو ماڻهو پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ نيچ کان نيچ ڪم ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي وڃي ته اهڙي موقعي تي ڪنهن سياڻي جو هي سخن پنهنجو مٽ پاڻ آهي. “بک بڇڙو ٽول، داناء ديوانا ڪري”. پهاڪا سنڌ جي
عوامي زندگيءَ جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ جي عوام جون نسلي خاصيتون ۽ دماغي لياقتون،
سندن طبعي لاڙا ۽ فطري رجحان، ملڪي ماحول ۽ راڄنيتي وايومنڊل (سياسي نظام) گذر
معاش جا طور طريقا ۽ قديم تاريخي اهڃاڻ آهن، مطلب ته هنن ۾ سنڌي معاشري جي تمدن ۽
تهذيب جي تصوير چٽيءَ طرح سان چٽيل آهي. پهاڪا پراڻا هجن توڙي نوان، سڀئي معنيٰ
خيز ۽ پُر مقصد آهن. هي عاقلن جا قول ۽ سياڻن جا ٻول آهن:
ڏاتار ات مڱڻا، سَر اُت هَنس،
راجا ات رهاڻيون، مورک اُت بَحث.
هي
قديم زماني جي انساني حڪمت عمليءَ جا عجيب اهڃاڻ آهن، جن تي پراڻي زماني جي بنيادي
فلاسافي توڙي جديد فلسفي جو بنياد رکيل آهي.
هي
پهاڪا چڱن جون چوڻيون آهن، جن ۾ اوس چڱائي آهي ۽ جو چڱا چون سو مڃجي، اهائي صحيح
حڪمت عملي آهي. چين ۾ ڪنفيوشس جا قول ۽ هند ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جا گفتا وڏي اهميت
رکن ٿا.
ببلوگرافي
(1) History of ‘Man Kind’ By Sir
Leonord woolly, Unesco 1963.
(2) Encyclopedia of Birtinica.
(3) Encyclopedia of America.
(4) Encyclopedia of Ethic and
Religion.
(5) شاهه جو رسالو؛ علامه آءِ. آءِ. قاضي، سنڌي ادبي بورڊ.
(6) خيليفي نبي بخش جو رسالو؛ ڊاڪٽر نبي خش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ.
(7) ٻيلاين جي ٻول؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد.
(8) ٽماهي مهراڻ 4_1 1968ع پراڪرتي شاعري ۽ قديم سنڌ؛ پروفيسر محرم خان.
No comments:
Post a Comment