Monday, November 21, 2011

ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون! - دليپ رتناڻي


ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون!
دليپ رتناڻي
 منهنجي پاڙي ۾ جارج نالي هڪ گورو انگريز رهي ٿو. هڪ ڏينهن برسات جي موسم ۾ ڪچهري ڪندي مون جارج کان پڇيو ته؛ ”جڏهن تو پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ته ڏاج ۾ ڇا ڏنو؟“ تنهن تي جارج حيران ٿيندي چيو ته؛ ”پرڻائڻ ۽ ڏاج واري چڪر ۾ وڃڻ جو. هتي ڪئناڊا ۾ ڪو رواج ئي ڪونهي. اوهان ديسي ماڻهن جو ته مٿو ڦريل آهي. هروڀرو ويٺا اجايون رسمون ريتون کڻي پيا هلو.“ مون چيو ته اهو اسان جو سنڌ جو ڪلچر آهي. چيائين ته؛ ”ڇا جو ڪلچر، بيوقوفي وارين ڳالهين کي اوهين پيا ڪلچر سڏيو.“ خير اهو ته هو جارج جو موقف، پر پاڻ جارج جي موقف کي ٿورو مختلف انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.



سنڌي ۾ چوندا آهن ته: ابو گسي، ڌيءَ وسي“. سنڌ ۾ اسان وٽ هڪ رسم آهي ته، ڌيءَ کي جهجهو ڏاج هر صورت ۾ ڏيڻو آهي. هڪ شخص پنهنجي ڌيءَ کي ايترو ته ڏاج ڏنو جو اوڙي پاڙي وارن جون وايون بتال ٿي ويون. تنهن تي ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”ابي جي کٽي ادي کپائي، هڪڙو ڪمائي ته ٻيو کائي.“ هتي ڪئناڊا ۾ عورت انتهائي محفوظ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪئناڊا جي قانون ۾ عورتن کي مردن کان تمام گهڻا حق مليل آهن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن به زال ۽ مڙس جو پاڻ ۾ اختلاف ٿئي ٿو ۽ نوبت ڌار ٿيڻ تائين هلي اچي ٿي ته انهيءَ صورت ۾ مرد کي قانوني طور زال کي ملڪيت جو اڌ يعني گهر، گاڏي، فرنيچر ۽ بئنڪ بئلينس سميت هر شيءِ جا ٻه اڌ ڪرڻا پوندا. سولي سنڌي ۾ اهو کڻي چئجي ته جيڪا به جمع پونجي آهي، انهيءَ جو اڌ قانوني لکپڙهه ڪري زال کي ڏيڻو ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪئناڊا جا مرد زال جي اڳيان اڪثر ڪري ٻلي بڻجي ويندا آهن. انهيءَ کانسواءِ انهيءَ عورت کي سرڪار ٻارن جي پڙهائي، گهر هلائڻ لاءِ خرچ ۽ مسواڙ وغيره سڄي عمر ڏيڻ لاءِ پابند آهي ته جيئن عورت هن ملڪ ۾ مڙس کانسواءِ نڌڻڪي ٿي زندگي نه گذاري، ۽ جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت کي ڌمڪائڻ يا جسماني تشدد، ۽ ڊيڄاري خاموش رهڻ جي رڳو ڪوشش به ڪئي ته پوءِ ويٺو همراهه جيل جي ماني کائيندو ۽ زال ويٺي پويان ملڪيت تي عيش ڪندي. ڪئناڊا جي انهيءَ قانون کي ڏسي ڪري اسان مٿي ذڪر ڪيل چوڻي کي ائين ڪري پڙهي سگهون ٿا ته: ”ابو گسي، امان وسي“ يا کڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته: ”ابو سڃو، امان شاهوڪار“ وارو قانون ڪئناڊا ۾ گهڻو ڪري حرڪت ۾ رهندو ئي آهي. يا وري مٿي ڄاڻايل چوڻي کي ڪئناڊا ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته: ”ابي جي کٽي امان کپائي، هڪڙو ڪمائي ٻيو کائي.“ سنڌي ۾ هڪ ٻي چوڻي آهي ته، ”آ به ويندي پيڪين، مون به لهندي سِڪ“. مطلب ته جڏهن ڪنهن کي جنهن ڳالهه جو شوق کڻي، تڏهن ائين چئبو آهي ته، انهيءَ خيال تي پڇتائيندي.
هتي ڪئناڊا ۾ پيڪن وغيره جو ڪو خاص Concept ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پرڻجي ته ڪا به ڇوڪري ڪنهن به گهر ۾ نٿي وڃي. تنهن ڪري مٿي ڄاڻايل چوڻي، ڪئناڊا جي حساب سان بلڪل Valid نه آهي. ٻيو ته ٺهيو هتي ڇوڪريءَ سان واسطو رکڻ، گڏ رهڻ ڪرڻ، پيار وارو چڪر ۽ ٻار وغيره شادي کان اڳ ۾ ئي ٿيندا آهن ۽ شادي پوءِ ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪئناڊا جي قانون مطابق، شادي ته هڪ قسم جي صرف رجسٽريشن آهي. بلڪل ائين، جيئن اسان وٽ نئين ڪار ڪجهه ڏينهن هلائڻ کان پوءِ ئي رجسٽر ڪرائيندا آهن. بلڪ ائين ڪونهي ته رجسٽريشن اڳ ۾ ڪرايو ۽ گاڏي پوءِ وٺو. تنهنڪري ڪئناڊا جا رهندڙ گورا ماڻهو، اسان وارن ديسي ملڪن کان ايندڙ ماڻهن لاءِ چوندا آهن ته؛
”توهان پهرين شادي ڪريو ٿا ۽ پوءِ پيار ڪريو ٿا، اسان پهرين پيار ڪريون ٿا، ۽ پوءِ شادي ڪريون ٿا.“
ڪئناڊا جي اندر توهان آفيس يا بئنڪ يا ڪنهن به سرڪاري دفتر ۾ ڪو به فارم ڀريندا ته توهان کي هر فارم جي اندر پيءُ جي نالي واري ڪالم جي جاءِ تي ماءُ جي نالي وارو ڪالم لکيل نظر ايندو. ڪنهن آفيس ۾ هڪ دفعي مون اعتراض ڪيو ته، اوهان فارمن ۾ پيءُ جي نالي جي جاءِ تي ماءُ جي نالي وارو ڪالم ڇو ڊيزائن ڪيو آهي. تنهن تي آفيس وارن ٻڌايو ته، هتي ڪئناڊا ۾ ٻار هميشه ماءُ جي ملڪيت تصور ڪيا ويندا آهن. مثال طور ڪنهن عورت جا ٻه پٽ آهن، هڪ پهرئين مڙس مان ته ٻيو ٻئي مڙس مان. هاڻي ٻنهي ٻارن جي ماءُ ته ساڳي ٿي، پر پيءُ مختلف ٿيا. ڪئناڊا جي قانون مطابق هتي عورت هڪ وقت ۾ هڪ ئي مرد ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته مرد به هڪ وقت ۾ هڪ ئي زال رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڻ واري ملڪ مان ڪو ماڻهو ڪئناڊا اچڻ چاهي ٿو ۽ انهيءَ شخص جون قانوني طور تي ٻه زالون آهن ته ٻن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي ڇڏڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ڪئناڊا ۾ گهڻين زال وارو شخص، قانوني طور تي اچي ئي نٿو سگهي.
پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته: ”اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب“. جڏهن ڪو به ڪم ڪنهن جي لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته اسين ائين چوندا آهيون. مثال طور اسان وٽ خاص ڪري ڪو وڏي عمر وارو شخص ڪو جڏو ڪم ڪري، تڏهن ئي مٿيون مثال ڏيندا آهن. پر هتي ڪئناڊا ۾ اهو پهاڪو ان ڪري به لاڳو نٿو ٿئي، جو پوڙها پڪا، هر عمر وارا شخص اڪثر ڪري پيئڻ، کائڻ ۽ ناچ گانن واري ڪلب پيا گهمندا، يعني ڪير به انهن کي چوڻ وارو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هنن وٽ سوچ آهي ته زندگيءَ کي وڌ ۾ وڌ انجواءِ ڪريو. خبر ناهي ته حياتي ڪيتري آهي. پوءِ چاهي توهان، عمر جي ڪهڙي به حصي ۾ آهيو.
اسان وٽ ٻيو هڪڙو پهاڪو آهي ته، ”سوڙ آهر پير ڊگهيڙيو“. مطلب ته هر ڪا ڳالهه توري تڪي ڪرڻ يعني پنهنجي بجيٽ، حيثيت ۽ مالي قوت اندر رهندي خرچ ڪرڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل پهاڪو مناسب سمجهي سگهجي ٿو. پر ڪئناڊا جي اندر اسان کي ڪافي تعداد ۾ نوجوان طبقو، انهيءَ محاوري تي عمل ڪندي نظر نه ايندو. ڇاڪاڻ ته ڪئنيڊين نوجوان نسل، مالي قوت نه هجڻ باوجود به پنهنجي بجيٽ، حيثيت ۽ حد کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۽ اجايا شوق پالڻ کي هر وقت ترجيح ڏيڻ پسند ڪندا آهن. ائين کڻي چئجي ته اهڙي قسم جي ترجيح هڪ قسم جو ڪئنيڊين ڪلچر آهي. انهيءَ لاءِ اسان مٿئين پهاڪي کي ڪجهه تبديل ڪري هن ريت پڙهي سگهون ٿا ته؛ ”سوڙ کان ٻاهر پير ڊگهيڙڻ“ ڪئناڊا جو ڪلچر ئي آهي.
هڪ ٻي چوڻي اها به آهي ته ”ڪم ٿورو، ڦر ڦر گهڻي“. جنهن جو مطلب اهو تاثر ڏيڻو آهي ته همراهه ڪنهن وڏي ڪم سان لڳل آهي. پر دراصل هو ڪنهن ڪم سان ناهي هوندو، رڳو پنهنجي مصروف هجڻ جو تاثر ڏيندو آهي. پر هتي اسان وٽ ڪئناڊا اندر اهو پهاڪو ڪنهن حد تائين Valid به آهي، پر ٿورو انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ پهاڪو Do nothing look busy، يعني هميشه نظر اچو ته ڪم ڪريو، پر اصل ۾ ڪجهه نه ڪريو!!

No comments:

Post a Comment