Friday, December 16, 2011

ٻير - نواز ڪنڀر

ٻير
موسمن جي نزاڪت کي پرکڻ جي علامت بڻيل ميوو
نواز ڪنڀر 

مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جي ڳايل مارواڙي لوڪ گيت “اي چرمي رو بلال سان پيار” ۾ “ندي ڪناري ٻورڙي ري، اي ٻورڙڪي را رتا مٺا ٻور” کان وٺي سنڌي لوڪ گيت “منهنجو جنڊالڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان” ۾ “جا وڃان بازار ۾ لڌم ڳاڙهو ٻير، ٻير ته کاڌم پيٽ ۾ ان جو شاهد ڪير” تائين ٻيرن جو ذڪر هر هنڌ ملي ٿو. ويندي قرآن شريف ۾ به جن ميون جو ذڪر ٿيل آهي، انهن ۾ ٻير به هڪ آهي. ٻير لوڪ گيتن جي شاعرن وٽ ڀلي کڻي ڪهڙين ئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو هجي پر لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ ٻير، مندون ماپڻ ۽ جانچڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي.
لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ ڏياري جو ڏِڻ صدين کان وٺي سياري جي اچڻ جي اعلان برابر رهيو آهي، پر ڏياري کان ڪجهه ئي ڏينهن بعد ٻيرين جو ٻورجڻ، سياري جي در کان گهر تائين اچڻ برابر سمجهبو آهي. ان وقت کٽون اندر سرڪائبيون آهن ۽ رلين جي جاءِ سَوڙيون ولارينديون آهن. ڪَتي مهيني ۾ ٻيرن جو ٻورجڻ، ٻٻر، ٽالهي ۽ نم ۾ ڦوٽهڙو پوڻ، ڪڻڪ پوکڻ، بلبل پاران آنا ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه قدرت طرفان سياري جي اچڻ جي اعلان طور جتي ڪٿي  لڳل بينر برابر هوندا آهن. مختلف مهينن ۾ ٻيرن جا مختلف مرحلا به جهڙوڪر موسمن جي  شدت جاچڻ جي پيماني برابر هوندا آهن. ڪَتي ۾ ٻور ٿيڻ بعد، جڏهن ٻور داڻ ڏانهن وڌندو آهي ته اهو نهري يا مگسر جو مهينو هوندو آهي. جنهن ۾ پارو پوندو آهي ۽ پاڻي ڄمي برف ٿي ويندو آهي. ٻين فصلن لاءِ پارو ڀلي ڪيترو به ساڙيندڙ ڇو نه هجي پر ٻيرن لاءِ اهو ٽانڪ جو ڪم ڏيندو آهي. پاري جي ڪري ٻير ڦولهجي وڏو ٿيندو آهي ۽ ڳڀ/ڳر وڌيڪ ڪندو آهي. نهري جنهن جي لاءِ چوڻي مشهور آهي ته “نهري، سي پون پهري”. ان بعد جڏهن ڪچن ٻيرن جو مرحلو شروع ٿيندو آهي ته اهو پوهه جو مهينو هوندو آهي. پوهه ۾ مينهن به پوندا آهن ته ڳڙا به. پوهه ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين. پوهه جون ئي راتيون هونديون آهن جيڪي هڪڙن کان کُٽنديون ناهن ۽ ٻين کان روڪئي نه رڪنديون آهن. جيتوڻيڪ مينهن ۾ ٻير داڻو وڏو ڪندي آهي پر ان ۾ ڪينئون به پئجي ويندو آهي ۽ ٻير ڪؤڙو به ٿي پوندو آهي، پر ساڳئي وقت ڪچو ٻير سياري جي ماريل طوطن، جهرڪين ۽ ڪٻرن لاءِ پيٽ ڀرڻ جو بهترين ذريعو به  هوندو آهي. پوهه، جنهن جي ڪيترين ئي چوڻين مان هڪ اها به آهي ته “پوهه ۾ بصر پوکبا ته پنوڙا (وڏا) ٿيندا پر جي پوهه کان پوءِ واري مهيني ڦڳڻ ۾ پوکبا ته ڦولهڙيون (ننڍا) ڪندا.” پوهه بعد ايندو آهي مانگهه، جنهن ۾ سيءُ ڏيندو آهي تانگهه. مانگهه ۾ ٻير اڌ ڪچا اڌ پڪا هوندا آهن ۽ ٻير جي شوقينن جون اکيون اصل ٻيرن ۾ هونديون آهن. مانگهه جي ۲۸ تاريخ تي هندو ماڻهو مها شوارتري جو ڏڻ ملهائيندا آهن، ان رات سڀ کان وڌيڪ سيءُ ۽ پارو پوندو آهي. جنهن کي شِو جا پارا به سڏبو آهي. ٻيا ماڻهو بسنت ڀلي کڻي ڪڏهن به ملهائين ۽ لغڙ اڏائين، پر سنڌ ۾ صدين کان بسنت جو ڏڻ مانگهه ۾ ملهائڻ جو رواج رهيو آهي. (۲۰ جنوري) ان ڏينهن تي ڦاگان/ ڌمال ڳائبي آهي ته سرسوتي جي پوڄا به ڪبي آهي ته جيئن وڌيڪ ڦل ۽ ميوا ملي سگهن. مانگهه جي ۱۵ بعد انب ٻوڪجي جهڙوڪر سياري وڃڻ کان اڳ ان جي وڃڻ جي تيارين ڏانهن اشارو ڪندو آهي. اهو وقت موسمي ساين ڀاڄين جي به پڇاڙي جو هوندو آهي. ڦڳڻ ۾ ڏينهن گرم ۽ وڏا ۽ راتيون ٿڌيون پر ننڍيون ٿينديون آهن. 
ڦڳڻ جو اچڻ، جتي موسم سياري کان بهار ڏانهن مٽجڻ جو اشارو هوندو آهي، اتي ٻير جي پچڻ جو اعلان به هوندو آهي. پڪل ٻيرن کي اڳي ته جهرڪين ۽ ڪٻرن سان گڏ طوطا به تاڙيندا هئا. طوطن کان علاوه ٻيرن کي وڏي پڇ وارو “نولو” پکي به نقصان پهچائيندو هو. پر ڪجهه سالن کان اهو به صفا گهٽجي ويو آهي. ڦڳڻ ۾ ٻيرن جي پَٽائي اوج تي هوندي آهي. گهٽين بازارن ۾ ٻيرن جا هوڪا عام جام هوندا آهن، پر افسوس جو اصلي مقامي سنڌي ٻير هاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. انهن جي جاءِ تي صوفي ٻيرن توڙي گولي ٻير اچي ورتي آهي. ڪنهن وقت ٻيرن جون ٽي جنسون، اصلي مقامي ٻير، ٿر ۽ ڪاڇي ۽ ڄانڱري ٻير ۽ ڪٿي ڪٿي صوفي ٻير هوندا هئا پر هاڻ سنڌي مقامي ٻير ته جهڙو ڪر ناياب ٿيندا وڃن. ساڳي صورتحال ڄانڱري ٻيرن سان به آهي. جڏهن ته هاڻ صوفي ٻير ۽ ان جي نسل جا مختلف ٻير عام آهن، جن ۾ گولو، صوفي، ڪنگري، زيتون، پيوندي يا کيرول (صوفي جهڙو پر ننڍو) شامل آهن، جن ۾ گولو مٺاس ۽ ڳڀ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. سنڌ جا اتريان علائقا قدرت کجي سان نوازيا آهن ته ميرپورخاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار ۽ سانگهڙ وارا پاسا وري انبن کان علاوه ٻيرن ۾ ٻين کان ٻه قدم اڳتي آهن، جن ۾ ميرپور خاص جو مان اڃا به وڌيڪ مٿانهون آهي. باغاين ۽ لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن وٽ ٻيرين جو پن ڦڪا ڪرڻ جو مطلب بهار اچڻ ۽ ٻيرن جي مند ختم ٿيڻ برابر هجي ٿو. ٻيرين جا پن ڦڪا ٿيڻ بعد صفا ڇڻيا ته معنى ٻير صفا ختم ۽ بهار باقاعده شروع.
ڦڳڻ مهينو سياري جي وڃڻ ۽ بهار جي شروعات جو مهينو مڃبو آهي. هن مهيني جي تيرهين تاريخ تي هولي ملهائبي آهي. هولي بعد سياري ۾ اندر سرڪايل هنڌ کٽولا ٻاهر ڪڍبا آهن ۽ ڪڻڪ جو لابارو شروع ٿيڻ تي هوندو آهي. جڏهن ٻير صفا پچي پوندا آهن ته انهن ۾ ڪيڙا پئجي ويندا آهن. جتي پڪل ٻير ڪيڙن جي ڪم ايندا آهن ته ساڳي وقت اهو ٽائم جهرڪين ۽ ڦوسين وغيره جي ٻچن ڦوڙڻ جو وقت به هوندو آهي. جهرڪيون ۽ ڦوسيون  ٻيرن مان ڪيڙا چنهب ۾ چونڊي، ٻچن کي کارائينديون آهن. ايئن قدرت جو چرخو مختلف شين جي هڪ ٻئي تي انحصار سبب هلندو رهندو آهي.
ٻير نه صرف ميوي طور استعمال ٿئي ٿو، پر ان جي وڻ کي مقامي طور ٻين ڪيترن ئي مقصدن لاءِ به استعمال ڪبو آهي. مقامي علاج طور جسم تي ڳَڙهه نڪرڻ تي ٻير جا پن گهوٽي، ڳڙهه تي ٻڌڻ سان، ڳڙهه ڦاٽي پوي ٿو. ٻير جو کونئر جي بسري  پچائي کائڻ سان چيلهه جو سور ختم ٿي وڃي ٿو. اک تي آنڃڻي/ آنڙي نڪرڻ تي ٻير جا ست پن پٽي، واري واري سان اک تي گهمائي، ڪنڊي ۾ ٽنبي، اچ وڃ  واري در تي هڻي ڇڏبا آهن ته پن سڪڻ سان گڏ آنڃڻي به سڪي ويندي آهي. ٻير جي ڪاٺي هلڪي هئڻ ڪري ان مان خاص طور تي لسي ولوڙڻ لاءِ جهيرڻا ٺاهبا آهن، جيڪي هلڪا هئڻ سبب سولائيءَ سان چاڏيءَ ۾ هلندا آهن. کٽن جون ايسون ۽ پاڳا/ پاوا به ٻير جي ڪاٺيءَ جا پسند ڪيا وڃن ٿا. ٻيرن متعلق ڪيتريون چوڻيون ۽ پهاڪا به مشهور آهن. مثال طور: 
ٻير: شير. (چوڻي)
ٻٻرن کان ٻير گهرڻ. (ورجيس)
جنهن جي گهر ۾ ٻير هوندي، اتي پٿر ته ايندا. (چوڻي/ پھاڪو) 
جنهن جي در  تي ٻير هوندي، ان مالڪ جو پَٽڪو ضرور لهندو. (چوڻي)
ٻير جي ڍينگهري وانگر چنبڙي پوڻ (اصطلاح) وغيره.
ٻيرن جو ختم ٿيڻ؛ ڦٽيون، جوئر، ٻاجهري، مڪئي وغيره پوکڻ لاءِ زمين جي تياري وارو وقت به هوندو آهي. ائين ٻير ختم ٿيڻ سان موسم به مٽجي ويندي آهي ته زمين جو نظارو به بدلجي ويندو آهي. زمين جا اهي نظارا ته هر سال مٽبا رهندا آهن پر جنهن نموني مقامي ۽ ڄانڱري ٻيرن جون جنسون ختم ٿي رهيون آهن، ان مان لڳي ٿو ته زمين جا نظارا ڀلي واري ڦيري سان موٽي اچن پر اهي جنسون شايد ڪجهه عرصي بعد ناياب ٿي وڃن ۽ انهن جو رڳو ذڪر وڃي بچي.


No comments:

Post a Comment