Saturday, August 18, 2018

سنڌي پهاڪا - علي نواز وفائي


سنڌي پهاڪا

علي نواز وفائي
دنيا جي هر هڪ ملڪ جو لوڪ ادب بلڪل مختلف ۽ جدا جدا هوندو آهي، ۽ انهي لوڪ ادب جي نصيحتن ڀرين نتڪن ۾ اهي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن ٿورو غور ۽ فڪر، سمجھ ۽ سوچ سان پروڙڻ جي پچار ڪبي ته ڪيئي نصيحت ڀريا نڪتا نڪري نروار ٿيندا نظر ايندا رهندا آهن.


لوڪ ادب ۾ گهڻائي موضوع ملندا رهندا آهن، مگر پهاڪن جو جيڪو سلسلو اسان جي سامهون ايندو رهي ٿو، جيڪڏهن انهن جي مختصر ۽ محدود ۽ معنيٰ خيز مطلب تي لکڻ تي ويهبو ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا.
ڇو ته پهاڪن جي معنيٰ ۽ مطلب، شرح ۽ تاريخي پس منظر جهڙين سمورين ڳالهين لاءِ وڏي مطالعي، معلومات ۽ تحقيق جي ضرورت هوندي هي. تنهن کانپوءِ وڃي پهاڪن جي صحيح پروڙ پئجي سگهندي. پهاڪا بذات خود وقت ۽ حالتن، ماحول، معاشي ۽ اقتصادي اٿڻي ويهڻي، رفتار ۽ گفتار، کائڻ ۽ پيئڻ، رسم ۽ رواج، محفلن ۽ مجلسن، گويا انسان جي زندگيءَ ۽ ان وقت جي حالتن جي صحيح ترجماني ڪندا رهندا آهن.
جيئن ته هر هڪ فنڪار پنهنجي دور ۽ وقت جو بيباڪ ترجمان هوندو آهي، ۽ جا شيءِ پنهنجي اکين سان ڏسندو آهي، تنهن کي پنهنجي قابليت ۽ لياقات جي سانچي ۾ وجهي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان پيش ايندو رهندو آهي.
انهن پهاڪن مان هر پڙهندڙ کي، ان دور جي بلڪل صحيح ۽ صاف تصوير نظر ايندي رهندي آهي، سگهڙن جي تجربي ۽ آزمودي، ۽ بلند خيالن جو به اندازو لڳائي سگهبو آهي. پنهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي پهاڪن جي جيڪڏهن تحقيقات ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته گويا سنڌي علم ۽ ادب ۾ به پورو اضافو ٿيندو، ۽ پڙهندڙن کي به پنهنجي پهاڪن جي پوري پوري پرور پئجي ويندي.
اڄ ڏينهن تائين پهاڪن جهڙي فن ڏانهن ڪنهن به اديب ۽ اهل قلم توجه نه ڏنو آهي. جنهن ڪري پهاڪن جو فن آهستي آهستي، اسان جي محفلن ۽ مجلسن مان وڃي ٿو ختم ٿيندو. انهي فن کي محفوظ ڪرڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي، ته سنڌ جي سمورن پهاڪن کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته بهتر ٿيندو. ۽ اسان جي ادب جو دامن پهاڪن جي فن سان مال مال ٿي ويندو.
جيئن ته سڄي سنڌ کي مختلف حصن ۾ ورهائي، انهن تي جدا جدا نالا رکيا ويا آهن. سنڌ جو ڪافي حصو لاڙ ۾ اچي وڃي ٿو. وچولي وارا، حيدرآباد کان هيٺين واري ڀاڱي کي لاڙ سڏيندا آهن، ۽ اپر سنڌ وارا نوابشاھ ضلع کان هيٺين واري ڀاڱي کي لاڙ تصور ڪندا آهن، جنهن ۾ دادو ضلع جو اڌ، ۽ مارئي جو ٿر جو وڏو حصو انهي ۾ اچي وڃن ٿا. اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ، لاڙ ۽ وچولي جا پهاڪا پڻ جدا جدا آهن. مان هتي پڙهندڙن لاءِ ڪي انهن پهاڪن جو مطلب ۽ معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا ته بهتر ٿيندو.

*  هلي آئون نه سگهان، لک لعنت گوڏن تي.
*  اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
*  نڪ نه ناسان، سنگهان ڇا سان.
*  جهنگ جهر جي جهرڪي، جهٽي ويئي جهار.
*  جيڪو پيئي ترو، تنهن کي تپ نه ٿئي ٻرو.
*  ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وڏيري جو.
*  ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.
*  لڳو نه لڳو، تنهنجو هڏ گڏ ڀڳو.
*  کائڻ لاءِ کرو، ڪمائڻ لاءِ ٻرو.
*  ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
*  وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
*  جيڏا شهر، تيڏا قهر.
*  چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.
*  وات کائي، اک لڄائي.
*  منهن ملان جو، اکيون چور جون.
*  اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.
*  جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
*  غريبن جي مڏي، ٻه رليون ٽين تڏي.
*  جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، پر مان نه ڇڏيان.
*  جاڏي پير تاڏي خير.
*  اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.
*  جڏا جياري، مرڪندا ماري.
*  لنڊيون لوٺيون لک، هڪ الله جي رک.
*  گهر ۾ ڪين، ته به گهوڙي تي زين.
*  سچي ڳالھ سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.
*  جهڙي ڇالي، تهڙي پني، هن لاهي، هن کي ڏني.
*  هنر واري جي گهڙي، بي هنر واري جي ڄمار.
*  ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو.
*  ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي مراد.

(علي نواز وفائيءَ جي ڪتاب ”رتيءَ جي رهاڻ“ ڇپايل وفائي اڪيڊمي ڪراچي ڇاپو پھريون سال ۱۹۷۸ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment