Friday, August 24, 2018

جديد ڊڪشنري - ۲ - هالار اترادي


جديد ڊڪشنري - ۲
هالار اترادي
1.      آبپاشي انجنيئر: ريج جي پاڻيءَ جو واپاري.
2.      اجي جديجا: پيار لاءِ پاڳل
3.      اخبار: ڌاڙيلن جو خبرنامو.
4.      اخبار: هاءِ بلڊ پريشر جو ڪيپسول، جيڪو اکين سان کائڻو پوندو آهي.
5.      اداڪار: بک تي به خوش رهڻ واري سڃي مخلوق
6.      اداڪارائون: سفارش جا بنڊل
7.      اداڪاره: ڪپڙن جي لنڊا بازار.
8.      اسڪول: دولت ڪمائڻ جو نسخو.
9.      اسيمبلي ميمبر: اليڪشن کانپوءِ روپوش.
10.     اسيمبلي هائوس: چونڊيل نمائندن جو آکاڙو.


11.     آفيسر: اهڙو شخص جنهن جي حڪم سان پنن مان به پئسا تيار ٿي وڃن.
12.     اکيون: وزير قانون
13.     امتحاني بورڊ: اهليت جا سرٽيفڪيٽ وڪڻندڙ کاتو.
14.     امن: ٻن جنگين جي وچ واري فوج جي تياري.
15.     اميتاڀ بچن: باس.
16.     انسان: سماجي جانور، جنهن جي کل هڪ دفعو نه پر هر هر لاٿي ويندي آهي.
17.     انشورنس آفيسر: حضرت عزرائيل جو نمائندو.
18.     انفرميشن آفيسر: سرڪاري چغل خور.
19.     انگريزي اسڪول: ٽيوشن سينٽر.
20.     انگريزي قانون: جيڪي ڄڻين، سي نپائين.
21.     انگريزي ماستر: ڪاپي ۽ ٽيوشن جو چيمپيئن.
22.     اوطاق: ڳوٺ جي گاديءَ جو ھنڌ.
23.     اولاد: ڪن لاءِ زندگيءَ جو سهارو، ڪن لاءِ خورايءَ جو کارو.
24.     ايمبولنس: ڊاڪٽرن جو سرڪاري ڪنوينس.
25.     بازاري شاعر: اهڙو جراثيم جيڪو نه مرڻ ڏئي نه جيئڻ ڏئي.
26.     بالي ووڊ: جتان جي اداڪارھ فطري لباس ۾ اداڪاري ڪرڻ جو گر ڄاڻي.
27.     بجيٽ: غريبن جي ڪمائيءَ تي وزيرن جا ٺاٺ.
28.     بربادي: جڏهن پاڙيسري نئين ڪار خريد ڪن ۽ توهان جي گهر واريءَ کي خبر پئجي وڃي.
29.     بورچي خانو: عورتن جي ليبارٽري.
30.     بي روزگار: پريشانين، ڏکن ۽ مصيبتن جو مڪسچر
31.     بئنڪ: چوري ڪرڻ جو سولو طريقو.
32.     ٻانهون: وزير خارجه.
33.     ٻهراڙيءَ جو اسڪول: چڱي مڙس جي اوطاق.
34.     ٻهراڙيءَ جو پرائمري ماستر: وڏيري جو منشي.
35.     پرائمري استاد: گم ٿيل جو پتو گهرجي.
36.     پرائمري اسڪول: مڇي مارڪيٽ.
37.     پرائمري ماستر: پڙهو نه پڙهو، پھرينءَ تي اسان جو پگهار کڙو.
38.     پرنسپال: ڪاپي سينٽر جو رکوالو.
39.     پگهار: نالو وڏو، ديھ بيران
40.     پوليس اسٽيشن: ڌاڙيل بڻائڻ جو ڪارخانو.
41.     پوليس وارو: سرڪاري ڌاڙيل.
42.     پي ٽي اي: هر دور جي حڪمرانن لاءِ فعال ۽ موثر پروپيگنڊه سيڪريٽري.
43.     پئسو: هر ڪم آسان.
44.     تعليم: فضول خرچي.
45.     توبھ: ٻيهر گناھ ڪرڻ جي تياري.
46.     ٿاڻو: مجرم ٺاهڻ جي فيڪٽري،
47.     ٿاڻو: مسڪينن لاءِ گهاڻو.
48.     ٽريڪف سارجنٽ: گاڏيءَ جا ڪاغذ اڻپورا.
49.     ٽنگون: وزير مواصلات
50.     ٽي وي: بيويءَ جو هم قافيه، جنهن ۾ آف جو بٽڻ لڳل هوندو آهي.
51.     ٽي وي: ڪلاشنڪوف ڪلچر جو تربيت گاه.
52.     ٽيليفون کاتو: ڳالهايو نه ڳالهايو، پئسه ڏيو.
53.     جوا: مفلسيءَ جي چاٻي.
54.     چڙيا گھر: جتي جانور، انسانن جي زيارت ڪري خوش ٿيندا آهن.
55.     چمڙي: وزير دفاع
56.     چور: اڳ هئا ۽ هاڻ ترقي ڪري ڌاڙيل ٿيا آهن.
57.     چيف ايگزيڪٽو: ضدي داغ صاف ڪرڻ جو ماهر.
58.     چيئرمين عشر زڪواة: ڪُرڙين جو واهي ڪنگ.
59.     ڇوڪري: اهڙو ائٽم بم، جيڪو آخر وڃي پيڪن ۾ ڦاٽي.
60.     حاجي: انٽرنيشنل واپاري.
61.     حقو: هڪ ئي ڪش ۾ ڏھ سگريٽ.
62.     دادو-ڪوٽڙي لائين جي ريل: ريلوي پوليس جي موبائيل ملڪيت.
63.     دڪانداري: قسم جي ڪمائي.
64.     دل: زماني ۾ سستو گفٽ.
65.     دل: صدر
66.     دماغ: وزير اعظم
67.     دوست: سکڻن دلاسن جي پلانن جي ديڳ.
68.     دوست: کيسي جي تباهي.
69.     ڊاڪٽر: فيملي پلاننگ جو ايجنٽ۔
70.     ڊرائيور: موت جو فرشتو.
71.     ڏند: وزير تعميرات
72.     ڌاڙيل: وڏيرن جو ماڻهن-مار توبچي.
73.     ڌيءُ: کري ته خوار، سڌري ته هيرن جو هار.
74.     راشن وارو: رزق جو داروغو.
75.     رشوت: فرش کان عرش تائين پهچائڻ جو آسان ذريعو.
76.     رڪشا: ويهو ۽ خدا کي ياد ڪريو.
77.     روڊس جو انجنيئر: روڊن جي ٺهڻ ۽ ساڳئي روڊ جي مرمتي ٺيڪن جا ٽينڊر هڪ ئي وقت شايع ڪندڙ.
78.     روينيو عملدار: سڀڪنهن جو اڻ واقف
79.     زال: ڳوڙها ڳاڙڻ جي مشين.
80.     الزام تراشي: وات جو ذائقو بدلائڻ لاءِ ٻن پاڙيسرين جي تنقيد.
81.     زبان: وزير نشريات.
82.     زرعي توسيع ڪارڪن جي آفيس: مال جو واڙو.
83.     سالو: ڀيڻ جي زور تي هلڻ وارو بيوقوف
84.     سچي محبت: ڊڪشنريءَ جو هڪ خوبصورت لفظ
85.     سرڪاري اسپتال: دارالبقا جو ٽڪيٽ گهر.
86.     سرڪاري بس: گشتي نيم حڪيمن جو دوڪان.
87.     سرڪاري ڊاڪٽر: ڊيوٽيءَ تي مريض، پرائيويٽ ڪلينڪ تي ڊاڪٽر.
88.     سس: مٿي ۾ سور وجهڻ واري مصيبت
89.     سنجي دت: هيروئين جو هيراڪ
90.     سنڌ جا تعليمي ادارا: پاڻي پٽ جو ميدان.
91.     سنڌ: ڌارين جو ديرو.
92.     سنڌي آفيسر: نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ.
93.     سني ديول: لڙائيءَ جو ڪوڏيو
94.     سهرو: زال جي آڪھ جو امپائر.
95.     سهرو: قدرتي ڏمر
96.     سياست: ٺڳي.
97.     سياست: مني بيڪ گارنٽيMoney back Guarantee
98.     سياستدان: جيڪو چوي ٻه ۽ ٻه ٿيا پنج
99.     سياسي ليڊر: يا ڪرسي تيرا آسرا.
100.   شادي: اهڙو ڪتاب، جنهن جو پهريون باب آبادي ۽ آخري باب بربادي آهي.
101.   شادي: اهڙي زنجير جنهن ۾ شينهن ۽ لومڙ گڏ ٻڌي سگهجن.
102.   شاگرد: سياسي پارٽي جا داداگير.
103.   شاه رخ: گونگن جو گوڙ.
104.   صحافي: ڳالهائي ته شير، لکي ته لومڙي.
105.   صدر: آرڊيننس ۽ مشين
106.   صوبيدار: فريادي ۽ جوابدار جا کيسا خالي ڪندڙ محسن.
107.   صوبيدار: مرڻو به کائي، پرڻو به کائي.
108.   عاشق: پاڻ کي پريشان ۽ ٻين کي خوار ڪرڻ وارو عجيب انسان
109.   عشق: اهڙي بربادي جنهن ۾ دولت سان گڏ صحت به چٽ
110.   عشق: موجوده دور ۾ پارٽ ٽائيم جاب
111.   عمر: مرد جو نشان ۽ عورت جو راز.
112.   عورت: گهر جو ڏيئو ۽ جيڪڏهن منجهس تيل نه هجي پاڻ ٻرڻ لڳي.
113.   غريبي: ڏکن پريشانين مصيبتن کي گڏ ڪرڻ واري گندي.
114.   فقير: ڪم چور.
115.   فيشن: درزيءَ جي غلطي.
116.   ڪاليج: کڙتالي سياست گهر.
117.   ڪامريڊ: مفت ۾ مزا ماڻڻ وارا مست
118.   ڪانگ: مهمانن جي اچڻ جي خبر ڏيڻ وارو نجومي.
119.   ڪبوتر: خاندان مغليا جو رٽائرڊ ٽپالي.
120.   ڪپڙو: ڄمڻ کان مرڻ تائين.
121.   ڪتاب: جڏهن ننڊ نه اچي ته پوءِ سمهڻ لاءِ پڙهڻ.
122.   ڪرسي: اسيمبليءَ ۾ سياستدانن جي وڙهڻ جي خاص ترين هٿيار.
123.   ڪزن: سمورن رستن جو شارٽ ڪٽ.
124.   ڪفن: قدرتي يونيفارم.
125.   ڪمائي: مڙس ڪري ته واه، پاڙيسري ڪري ته آه.
126.   ڪن: وزير ٽپال ۽ تار.
127.   ڪنڊيڪٽر: واحد مخلوق جنهن کي ڀريل بس به خالي نظر ايندي آهي.
128.   ڪنوار جو وزن: چارسؤ ويھ ڪلوگرام، بشرطيڪ عورت فل ميڪ اپ ۽ زيورن سان آراسته هجي.
129.   ڪڻڪ جو بحران: سمگلنگ جي آزادي.
130.   گنجو: ڦڻيءَ کان ڇرڪندڙ انسان.
131.   گورنر: هش ۾ خوش
132.   گووندا: چرين جو سردار
133.   لوڊشيڊنگ: ان الله مع الصابرين تي عمل ڪرڻ.
134.   ليڪچرار: جيڪو پهرين تاريخ تي ڊيوٽي تي اچي.
135.   مال: اکين جو ڍؤ.
136.   مٿو: وزير تعليم
137.   محبت: رومانوي افسانن جو اڪيلو پلاٽ.
138.   محبت: ڪوڙ ۽ دوکو.
139.   محبوبه: جوس ڪڍڻ واري مشين.
140.   محقق: جيڪو گهڻن ڪتابن تان ڪاپي ڪري.
141.   مڙس: ناڪام عشق جو نشان.
142.   مشير: نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ.
143.   معدو: وزير زراعت ۽ صحت
144.   ملان: آڻ پرائي، ته ڏسئون کائي.
145.   منصبوبه بندي: نئين سال خلاف گهرو سازش.
146.   مني بس: ڪرنگهي جي هڏي سڌي ڪرڻ جي واحد جاءِ.
147.   مهانگائي: اهڙو ٻار جنهن جي سالگره هر سال جون مهيني ۾ ٿيندي آهي.
148.   نابين: اهو عقلمند، جيڪو ڏسي ڏسي قدم کڻي.
149.   نڀاڳو پٽ: ٻيو دشمن ئي نه ڌارجي.
150.   نقاد: ناڪام اديب.
151.   نڪ: وزير صحت
152.   ننڍپڻ: وڏن جي لاءِ سڀ کان خوبصورت ۽ ٻارن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ.
153.   هاري: پاڻ بکيو، ٻين کي کارائي.
154.   هٿ: وزير محنت.
155.   هوٽل: بيورزگارن جو آستانو.
156.   هيڊ ماستر: ٽيوشن سينٽر جو رکوالو.
157.   هيروئني: خانداني منصوبه بندي وارن جو خيرخواه.
158.   واپاري: يا ملاوٽ! تيرا آسرا.
159.   واپڊا جو انجنيئر: اونده جي ڪمائي ڪندڙ.
160.   واپڊا کاتو: اونده وڪڻي، پئسا ڪمائي.
161.   وڏو شاعر: جيڪو صدارت جي ڪرسيءَ کي ڳوليندو هجي.
162.   وڏيرو: چورن جي ناني.
163.   وزير اعظم: ڪريز تي بيهڻ وارو بيٽسمين.
164.   وزير اعليٰ: سرڪاري ملازمن جو پويون ڏينهن.
165.   وزير: جيڪو ووٽ غريبن کان وٺي، نوٽ اميرن کي وَٽائي.
166.   وڪيل: حرام حلال جي ڪاتي.
167.   وي سي آر: ٻارن کي بالغ ڪرڻ جي مشين.
168.   وي سي آر: نئين نسل لاءِ مٺو زهر.
169.   ويڊيو گيم: ٻارن لاءِ ٻرو.

(ڏيھاڙي برسات ڪراچي، ڇنڇر ۱۷ سيپٽمبر، ۱۹۹۴ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ ۵۲ داخلائن جي نام-مالھا ڏنل ھئي. ھاڻي ان کي وڌائي، پيش ڪجي ٿو.)


No comments:

Post a Comment