Thursday, August 23, 2018

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ مشھور محاورا - بختيار يو عقيلي


سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ مشھور محاورا
بختيار يو عقيلي

1.     ابل واري؛ هڪڙي لنگهي، ٻي نهاري.
2.     اٽو! جي گهوٻاٽو۔
3.     اٺ اٿي نه، ڀاڙو ڀري ڏي۔
4.     اٺ جو؛ جيڏانهن ڪنڌ، اوڏانهن پنڌ.
5.     اڃا ڄائي نه آهي ناني، هيئنر نانيءَ منهانڊي.
6.     اڃا سنڌ گدڙن نه کاڌي آ.
7.     اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب.


8.     اسي، مت کسي.
9.     اميدن تي دنيا قائم آهي۔
10.  انڌي کي ٻه اکيون.
11.  انڌي ھ۔۔۔۔ ٻه سيڙائي۔
12.  انڌير نگري ڄرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا۔
13.  آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي بورچياڻي ويٺي۔
14.  بندي جي من ۾ هڪڙي، خدا کي سجهي ئي ٻي.
15.  ٻٻرن کان ٿو ٻير گهرين۔
16.  ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.
17.  ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
18.  ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان شيرو، ڀاڳ ڏئي دٻ ته دال مان رٻ.
19.  ڀت جي اڳياڙي، جهيڙي جي پڇاڙي۔
20.  ڀلن پيٽان ڍِلا، ڍِلن پيٽان ڀلا
21.  ڀينگيا هليا سڃن وٽ، هلو عيد ڪريون۔
22.  پاڻ وڍئي جو؛ ڪهڙو ويڄ، ڪهڙو طبيب۔
23.  پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ۔
24.  پڇڻا؛ نه منجهڻا!
25.  ڦاسڻ کان پوءِ، ڦٿڪڻ ڪهڙو۔
26.  ترن جو تيل، ترن مان ئي نڪرندو۔
27.  تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي۔
28.  جاڙا خان ڪتو جهل، اسين تنهنجا مهمان!
29.  جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چڪون۔
30.  جهڙا روح، تهڙا ختمان۔
31.  جهڙا ڪانءَ، تهڙا ٻچا
32.  جهڙو منهن، تهڙو موچڙو.
33.  جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي۔
34.  جهڙي نيت، تهڙي مراد
35.  جو اڳي، سو تڳي۔
36.  جو سج اڀرندي تئو نه ڪري، سو لهندي ڪهڙو ڪندو۔
37.  جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا۔
38.  جيڏانهن پير، تيڏاهن خير.
39.  جيڏو الله، اوڏو آسرو.
40.  جيڪو پوکيندين، سو ئي لڻندين۔
41.  جيڪو چلھ تي، سو دل تي.
42.  ڄٽ پڙهيو، الله اڙيو.
43.  چٽي پيئي چاڪر تي، چي؛ ڀر وتايا تون۔
44.  چورن مٿان مور.
45.  ڏنو پٽ ڇٽي جو، ذات جو آسودو.
46.  ڏينهن، شيهن آهي۔
47.  راهي ڀلي؟ پوکي ڀلي؟
48.  رت دانگي تي به ورندو آهي۔
49.  ساڳيو ڳن، ساڳي ڪهاڙي
50.  سڀاڳو پٽ پينگهي ۾ پڌرو؛ سنئون ڪري سمهار، اونڌو جو اونڌو۔
51.  سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.
52.  سؤ ڌڪ سونار جا، هڪ ڌڪ لوهار جو۔
53.  سؤ ڪئا کائي ٻلي هلي حج تي.
54.  سوڙ آهر پير ڊگهيرجن.
55.  سئونٽي هجي ساڻ، ته گڏھ گوهي نه ڪري.
56.  غريبن رکيا روزا ته ڏينهن به وڏا ٿيا۔
57.  کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
58.  ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار.
59.  ڪارو ٻڌ ڪٻري سان، رنگ نه بدليندو ته به اوسراڻ ضرور ڏيندو.
60.  ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
61.  ڪتا ڀوڪندا رهندا، فقير پنندو رهندو۔
62.  ڪٿي ڍور سڃا، ڪٿي چور سڃا۔
63.  ڪڪڙ نه گوشت، پوليس وارو نه دوست۔
64.  ڪنهن جو کلڻ به خواري، ڪنهن جو روئڻ به راحت.
65.  گدڙ ۾ ڪم پوي ته جبل جي چوٽي تي چڙهيو وڃي۔
66.  گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو چڱو.
67.  لالچ، بري بلا آهي۔
68.  لٿي کان پوءِ دير ڪهڙي، ڦريئي کان پوءِ ڊپ ڪهڙو۔
69.  لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾۔
70.  مارڻ واري کان، بچائڻ وارو ويجهو آهي۔
71.  ماريو، نه ڪو مري، نه ڪو منجو ڇڏي۔
72.  مٺي، مٺي آهي۔
73.  مڇي تلاءَ ۾ پئي آهي، ويڳر پيو ڪٽجي.
74.  منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ ابليس۔
75.  مئا پر، پٽجن هيل.
76.  ميلو متل ڇڏجي، يار پرتل ڇڏجي.
77.  مينهن پاڻ سڄي ڪاري، ڍڳي کي چوي ته؛ هل پڇ ڪاري!
78.  نالو وڏو، شهر سڃو.
79.  نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽ تي۔
80.  نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌندڙ واپار.
81.  نينگر ننڍي، جمعا گهڻا.
82.  هُجيئي ناڻو، ته گُهم لاڙڪاڻو.

(بختيار يو عقيليءَ جي فيس بوڪ وال تان کنيل)


No comments:

Post a Comment