Thursday, August 23, 2018

جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر - اسحاق مڱريو


جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر. (پھاڪو)
اسحاق مڱريو
ڪنڌڪوٽ واري پاسي هڪ ماڻهو هو ٽمڪو نالي وارو، ان لاءِ مشهور هوندو هو ته خبر ناهي اهو ڪهڙي ڌر سان گڏ آهي. ٻهراڙين ۾ گهوڙن جي ڊوڙ هجي يا وري ڏاندن جا مقابلا هجن، هوٽلون يا اوطاقون انهن جي تبصرن ۾ گم هونديون هيون. ڪهڙي ڌر ڪيتري مضبوط آهي؟ انهيءَ علائقي ۾ سياسي ماڻهن جي مقابلن تي اهڙا تبصرا پيا ٿيندا آهن.
سو اهڙن تبصرن ڪرڻ وارن ۾ گهڻو تيز هوندو هو ٽمڪو بھراڻي.


ان جو تبصرو اهڙو هوندو هو، ڄڻ لوهه تي ليڪ. پر ٽمڪو هڪڙي ڏينهن هڪڙي پاسي ته ٻئي ڏينهن وري ٻئي پاسي.
تنهن تي ڪنهن پڇيس ته؛ ٽمڪو اهو تون ڇا ٿو ڪرين. تنهنجو موقف هڪڙي ڏينهن هڪڙو ته ٻئي ڏينهن وري ٻيو.
تنهن تي ٽمڪو چيو ته؛ ’جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر‘.


(راند هميشه تَر واري جي هوندي آهي؛ اسحاق مڱريو، روزانو عبرت ۲ اپريل ۲۰۱۱ع)


No comments:

Post a Comment