Saturday, August 18, 2018

پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو - ممتاز سراج عباسي


پرولي ۽ ڳجهارت جو مختصر تحقيقي مطالعو
ممتاز سراج عباسي


لوڪ ادب جي وصف: لوڪ ادب معنيٰ، عوام جو ادب، لوڪ جو ادب، ملڪ جو ادب، (سنسڪرت ’لوڪ‘= ماڻهو) لوڪ کي انگريزيءَ ۾ فوڪ ((Folk ۽ جرمن زبان ۾ (ووڪ VOLK) چون. سنڌيءَ ۾ لوڪ، انگريزي ۾ ’فوڪ‘ ۽ جرمن زبان ۾ ”ووڪ“ مان اهو اندازو لڳائڻ غلط ٿيندو ته اسان جو سنڌي لفظ ”لوڪ“ به ساڳئي ”فوڪ“ ۽ ”ووڪ“ جي ڪُل سان آهي، اها هڪ اتفاقي مناسبت آهي. لوڪ لفظ گهڻو آڳاٽو آهي. انگريزيءَ جو فوڪ لور (Folk lore) گهڻو پوءِ وليم جان ٿامس سنه ۱۹۴۷ع ۾ متعارف ڪيو.


لوڪ ادب کي نج دهقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي جا ڪنهن به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ عوام جي احساسن ۽ جذبن، اُمنگن ۽ اڌمن جي پونجي آهي، لوڪ ادب جي تاريخ ضخيم ڪتابن مان نه ملندي، ڇاڪاڻ ته ان جو جنم اتي نه ٿو ٿئي، پر ان جو سرچشمو عوام آهي(۱).
هن ادب جا تخليقڪار به عام ماڻهن مان هوندا آهن ۽ هو عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪري هڪ واٽ گهڙيندا آهن. هي ادب، عام ماڻهن جي جذبن ۽ امنگن، مايوسين ۽ محرومين، احساسن ۽ ذهني ڪيفيتن، ڏکن ۽ ڏاکڙن، اميدن ۽ آسرن، مزاج ۽ فطرت ۽ ذهني رجحانن جو ترجمان آهي(۲).
لوڪ ادب جي ارتقا: جڏهن کان انسان پيدا ٿيو آهي ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو اٿس، تڏهن کان پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي پڌرائي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪندو رهيو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هُو پنهنجي امنگن ۽ اڌمن ڪري، اهڙا خيال ظاهر ڪندو آهي، جي هونئن هوند ڪڏهن به ظاهر نه ڪري سگهي. دنيا جي هر خطي ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهن ٿا، جي ماحول کي پنهنجي مناسب خيالن ۾ سمائيندا رهن ٿا. دنيا جي هر حصي ۾ هڪ اهڙو دور آيو جنهن ۾ اتي جي لوڪ ادب جنم ورتو ۽ پوءِ وقت جي رفتار سان هلندو رهيو. لوڪ ادب جي ارتقا ايتري قديم آهي جيترو انساني تصور، تحقيق ۽ تجسس جي گهرائين ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهجي ٿو، مسٽر سجوڪ لکي ٿو:
“It is older than literature, older than alphabet; it is love and belongs to the illiterate.”
شري پياري لال ”شرنگار شاستر“ ۾ لکي ٿو ته: لوڪ ادب پراچين ڪال کان هلندو اچي ٿو.
جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي، تنهن مان ڏسجي ٿو ته عربن جو لوڪ ادب سڀ کان پراڻو آهي. عربن جي قديم زباني توڙي لکيت واري عوامي ادب جو زمانو سنه ۵۰۰ کان ۶۳۲ع تائين آهي. قديم عربي شعر گڏ ڪرڻ جي پهرئين ڪوشش حماد الروايه سنه وفات ۴۷۷ع ڪئي، ابن النديم واري زماني کان وٺي عربي لوڪ ادب کي گڏ ڪيو ويو.
ٿامس پرسي پهريون شخص هو، جنهن انگريزي عوامي شاعريءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي، انهيءَ کان پوءِ اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ سروالٽراسڪاٽ انگريزيءَ جي عواميءَ شاعري کي عروج تي پهچايو. اهڙي طرح سان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. هندستان جي مختلف ٻولين جهڙوڪ: هندي، بنگالي، مرهٽي، گجراتي، اردو ۽ مدراسي وغيره جي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي تحريڪون شروع ڪيون ويون(۳).
سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا:
سنڌي لفظ ’لوڪ‘ سنڌي زبان ۾ قديم زماني کان وٺي موجود آهي. سنڌي ”لوڪ“ ۽ انگريزي "Folk" فقط هڪ اتفاقي مناسبت آهي. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ پڻ لفظ لوڪ موجود آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ”جَن“ يعني عام ماڻهو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ”لوڪ“ لفظ پنهنجي موجوده صورت ۾ قديم زماني کان وٺي موجود آهي، انهيءَ جو ثبوت اسان کي سنڌي ادب جي قديم شاعرن جي ڪلام ۾ ملي ٿو. انهن ڳالهين جي بناء تي چئي سگهبو ته ”لوڪ“ نج سنڌي لفظ آهي. اهو لفظ سنڌيءَ ۾ سومرن جي دؤر واري شاعر پير صدرالدين (۱۴۰۹ع- ۱۲۹۰ع) جي ڪلام ۾ پهرين ملي ٿو، پنهنجي ”گنان“ ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته:
”ڪپاٽيئين ڪيتو جڏهن ستو لوڪ.“ اهڙي طرح قاضي قادن (وفات: ۱۵۵۱ع) جي ڪلام ۾ به لوڪ لفظ واضح معنيٰ سان ملي ٿو. ”لوڪان نحو صرف من مطالع سپرين“، انهيءَ کان به وڌيڪ وضاحت سان ”لوڪ“ لفظ سنڌي ادب جي ”وهائو تاري“ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل آهي.
۱. هِنيون ڏجي حبيب کي، لِڱ گڏجن لوڪ (بيت-۷)
۲. سڪڻ سپرينءَ کي ۽ لاڳاپا سين لوڪ (بيت-۲۷)
۳. جي ليا لوڪ ڏنهن، جان جان سي لتاءِ (بيت-۳۷)
۴. تاڙي جي لاهين ته، اجارو لوڪ ٿئي (بيت-۸۵)
انهن مثالن مان بخوبي ظاهر آهي ته ”لوڪ“ جي معنيٰ آهي. عوام الناس(۴).
حقيقت اها آهي ته جيترو مواد سنڌ ۾ آهي اوترو دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي. آفرين هجي سنڌ جي نامور اديبن- سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي، مرحوم علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سيد عبدالحسين شاهه موسوي، محمد ابراهيم عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کي، جن هن باري ۾ چڱي ميڙا چونڊي ڪئي آهي، انهن مان ڊاڪٽر بلوچ پاڻ پتوڙي چڱو مواد گڏ ڪري پاڻ موکيو آهي(۵).
سنڌي لوڪ ادب جي ڪيترين ئي صنفن بابت بلڪل ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون ته اهي ڪنهن جي ايجاد آهن، مثلاً ماءُ پنهنجي پٽ کي راند ڪرائيندي يا سمهڻ وقت لولي ڏيندي جهونگاريندي آهي:
جُهو جُهو ماٽي، جهَڻ اسان جي گهاٽي،
سون جو نهيلو، رپي جي منڌاڻي،
ڇڪ ولوڙي، ڪڪي جي راڻي.
مطلب ته سنڌي لوڪ ادب جي سڀني صنفن جهڙوڪ: پرولي، ڳجهارت، پهاڪا، هنر، ڏور، مولود، ٽيهه اکريون، ڏٺ، هفتا، ڏينهن، راتيون، لولي، دراهو، ڏهس، ست سري، جمالو، مانجهيئڙو، ڇلڙو وغيره ۾، انهيءَ ادبي صنف جي جوڙيندڙ ۽ وقت بابت اندازو لڳائڻ بلڪل ناممڪن آهي. انهن صنفن کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ وري سگهڙ، سالڪ ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي رمزن ۾ نروار ڪن ٿا(۶).
لوڪ ادب جي سرجيندڙ/تخليقڪار جي وصف:
هن ادب جي سرجيندڙ ۽ پيش ڪندڙ کي سگهڙ ۽ سپورنج چيو ويندو آهي. بزرگن جي ميلن ۽ ٻين موقعن تي سگهڙ ۽ سپورنج محفلون، مجلسون ۽ ڪچهريون منعقد ڪندا رهندا آهن، جن ۾ عام ماڻهو به شريڪ ٿيندا آهن ۽ انهن جا معنوي معرڪا ۽ روح رهاڻيون ٻڌي روح کي راحت ۽ ذهن کي سڪون حاصل ٿيندو آهي. سپورنج جي معنيٰ آهي لوڪ ادب جو ڄاڻو جيڪو ڏور، ڳجهارت جي باريڪين کان واقف هجي ۽ ڪچهرين ۾ حصو وٺي، هو لوڪ ادب پاڻ تخليق نه ڪندو آهي پر معرڪن ۾ حصو وٺندو آهي.
لفظ ”سگهڙ“ جو اشتقاق ڪبو ته ٿيندو: سُ+گَهڙُ. ”سُ“ جي معنيٰ آهي- سُٺو، چڱو، بهتر، ڀلو- ”گهڙُ“ لفظ جي معنيٰ آهي- جوڙڻ، ٺاهڻ، تخليق ڪرڻ. انهيءَ لحاظ کان سگهڙ جي معنيٰ ٿيندي- سٺو تخليقڪار. سگهڙ جو تعلق به لفظن جي معنيٰ دار سٽاءَ جوڙڻ، سيبائتي، سونهاري ۽ سچائي واري تخليق ۽ اکرن جي اُکيڙ سان رهي ٿو. اهي ڳالهيون خيال ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته قديم زماني ۾ سنڌيءَ ۾ شاعر، ادب ۽ فنڪار لاءِ سگهڙ لفظ استعمال ٿيندو هو، شاعر يا ڪوي ۽ اديب يا ساهتيه ڪار ٻين ٻولين جا لفظ آهن ۽ پوءِ جا آهن(۷).
لوڪ ادب جون صنفون:
لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (۱) نثري حصو ۽ (۲) نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري. لوڪ ڪهاڻين ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سورُ، ويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدرديءَ جا سوين مثال ملندا، نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائيءَ جي وندر جو سُهائيندڙ سامان آهي، پر پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق آهن. ”لوڪ شاعري“ ۾ لولي، سهرا يا ڳيچ، ٻيلڻ، ڇلڙا، سينگار، ڏهس وغيره اچي وڃن ٿا(۸).
لوڪ شاعري:
لوڪ شاعري سنڌوماٿريءَ جي ڳوٺن، واهڻن وسين ۽ جهنگن ۽ جهوپڙين جي پيدائش آهي جيئن ته سيد عطا حسين شاهه موسوي لکي ٿو ته: ”سنڌ جو شعر، ڪارين کٿين پهريندڙن ۽ تڏن تي ويهندڙن وٽان نڪتو آهي.“
سنڌ جي لوڪ شاعريءَ ۾ ڪابه ٺاهه ٺوهه يا بناوٽ نه آهي، ان ۾ تڪليف جي ته بوءِ به ڪانهي. عام لوڪن پنهنجي دل جي جذبن ۽ امنگن کي پنهنجي ماحول مطابق پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي روشنيءَ ۾، روزمرهه جي سادي سلوڻي سڪ، محبت ۽ قرب سان، سليس ۽ مٺڙي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي. لوڪ شاعريءَ جي خاص حد بنديءَ هيءَ به آهي ته اها خاص زباني روايتن تي قائم ٿيل هوندي آهي. انهيءَ حالت ۾ سڀني قومن جي لوڪ ادب جو ساڳيو حال آهي، انهيءَ لاءِ اسان وٽ فقط هيءُ ئي دليل آهي، ته لوڪ شاعريءَ جا موجد ۽ انهيءَ کي پکيڙيندڙ اڪثر اڻ پڙهيل آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو زباني روايتن سبب، انهيءَ شاعريءَ کي هڪ رنگ ڍنگ ۾ بيهاري نه ٿا سگهن. سنڌي لوڪ شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع ۽ ڪشادو آهي ۽ منجهس مختلف صنفن جي گهڻائي اهڙي آهي جنهن جو دنيا جي ٻين ملڪن جي لوڪ ادب ۾، مثال ڄڻ ته اڻلڀ آهي، انهن عنوانن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو سگهجي:
۱. هنر واري ۽ روايتي لوڪ شاعري:
هنر واري شاعريءَ ۾ پهاڪا، ڳجهارتون، پروليون، هنر ۽ ڏهس وغيره اچي وڃن ٿا. روايتي شاعريءَ ۾ اهڙا عنوان ٿا اچن، جن جو پراڻين روايتن ۽ واقعن سان تعلق هوندو آهي جهڙوڪ جنگناما، مناظرا ۽ معجزا وغيره.
۲. رسمي لوڪ شاعري:
هن قسم ۾ اهي عنوان اچي ٿا وڃن، جن جو عوام جي ريتن رسمن ۽ سندن رهڻي ڪهڻي سان تعلق آهي، مثلاً ڳيچ يا لاڏا، لوليون، هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا، ڏور، واقعاتي بيت، نڙ جا بيت، ٽيهه اکريون، مورو، ڇلو، ٻيلڻ وغيره.
۳. معياري لوڪ شاعري:
لوڪ شاعريءَ جي هن قسم ۾ اهي سڀ قسم اچي وڃن ٿا جن کي سنڌي ادب ۾ معياري شاعري پڻ چئي سگهجي ٿو، جنهن جو معيار عوام جي نظرن ۾ تمام بلند آهي ۽ سنڌي ادب جو هڪ بهترين حصو آهي. هيءُ ادب ئي سنڌي شاعريءَ جو روح آهي. مثلاً: بيت، ڏوهيڙو، وائي، ڪافي، سلوڪ، مناقبا، مولود، مرثيا ۽ مناجاتون وغيره(۹).
پرولي:
پرولي لوڪ ادب جي صنفن مان پياري پر اهميت واري صنف آهي، جنهن کي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، شوق سان ٻڌن ۽ ڀڃن. ڳجهارت جو بنياد به پروليءَ تي آهي. پروليءَ کي هنديءَ ۾ ’پهيلي‘، پراڪرت ۾ پهليا، پالي ۾ پهيليڪا ۽ سنسڪرت ۾ پرهيليڪا چون، پرهيليڪا ٻن لفظن جو ميل آهي: ”پر“+ ”هيلڪا“. پر اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- چڱي طرح سان. ”هيليڪا“ جو ڌاتو يا بنياد آهي- ”هل“، هل= وندرائڻ، تنهنڪري پرولي جي معنيٰ ٿيندي- چڱيءَ طرح سان وندرائڻ.
پرولي جي ارتقا:
پرولي، قديم وقت کان دنيا جي هر خطي ۾ هلندي رهي ٿي ليڪن مختلف نالن سان سڏجي ٿي. اردو هندي ۾ ”پهيلي“، پنجابيءَ ۾ ”بجهارت“، پشتو ۾ ”آڙ“ بنگالي ۾ ”ڌاندا“ ۽ فارسي ۾ ”چيستان“، ’چيستان‘ (چه+ است+آن) جو سنڌ ۾ ڪنهن وقت خصوصي علمي طبقي ۾ بنهه زور هو، پنهنجا ٺاهيل چيستان توڙي ٻين جا هڪٻئي کي ڏيندا وٺندا هئا. اڃا تائين ڪيترن فارسي خواندن کي چيستان ياد آهن. ..... جي گذريل علمي دلچسپي جو قوي دليل آهن. اهو سلسلو ڪلهوڙن جي دؤر تائين عروج تي رهيو ڇاڪاڻ جو پارسيءَ جو زور رهيو، انهيءَ وقت به پرولي هئي. مگر علمي طبقي ۾ ايترو مقبول نه هئي جيئن وقت گذرندو ويو تيئن چيستان به ڍرا ٿيندا ويا ۽ انهن جي جاءِ تي ’پرولي‘ پير کوڙيندي ويئي، تان جو پروليءَ جو پڙلاءُ جهرجهنگ پوڻ لڳو. پرولي پهريائين ڪنهن چئي، ڪٿي ۽ ڪڏهن، تنهن ڳالهه جو ڳُرُ ڳولڻ ايئن آهي، جيئن جَرَ مان سُئي ڳولڻ(۱۰).
پروليون ڪيئن ٺهيون ۽ ڪهڙي وقت کان مروج ٿيون. اهڙي قسم جو پورو پتو نه ٿو پوي مگر قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ عام لوڪن ۾ مروج ۽ مقبول آهن. پرولين ۾ ڪيتريون ئي ڳجهيون معنائون ۽ راز رکيل هوندا آهن جي فقط سگهڙ ۽ سمجهدار ماڻهوئي پروڙي سگهندا آهن.
پرولين جا قسم: پروليون ڪيترن ئي قسمن جون هونديون آهن، جهڙوڪ: رواجي پروليون، سوال جواب پروليون دوسخني پروليون، ۽ ڪي وري ڏٺ پروليون (گجهارت..... ۽ هنر وارو نمونو) هونديون آهن(۱۱).
رواجي پروليون:
۱. اٺ وهنجي نڪتا، گهڙا تان نه ٻڏن،
پکيئڙا پرڏيهي، سي پڻ اُڃ مرن. (ماڪ)
۲. اڇي اڇي ڇار،
جنهن تي جهرڪي نه جهار. (لوڻ)
۳. اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو
جيڪر نه ڀڃي، سو پُٽُ ڳوهه جو، (ڏاٽو)
سوال جواب واريون پروليون:
۱. سهي کان سون گهڙائي ڏي
جواب: اڪ نه ٻري، ڏيئو نه ٻري
سهو ويٺو سون گهڙي.
۲. وڻ تي واري وجهائي ڏي:
جواب: ابو لوهاري ادوڪوڏاري،
وجهي ويا وڻ تي واري،
۳. شينهن کي نماز پڙهائي ڏي
جواب: کٿو ٻه هٿيو،
شينهن نماز پڙهي اٿيو. (۱۲)
دوسخني پرولي:
دوسخني پرولي اها آهي جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ سوالن جو جواب هڪ لفظ ۾ حل ٿئي. اهڙين پرولين کي عام طرح گرو-چيلي وارا بيت پڻ چوندا آهن. هن قسم جي پرولين ۾ ڳجهيون معنائون رمزون ۽ راز رکيل آهن، جن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ وڏن وينجهارن جو ڪم آهي.
گرو چيلي جا بيت:
۱. ڪانا، گهوڙا ڪون چرن ٿا، مسافر تڙن تي اُڃ مرن ٿا.
خبر چٺيءَ جي ڇو نه ڏين ٿا، پيءُ پُٽ پاڻ ۾ جنگيون ڪن ٿا
چئه چيلا ڇا بات
جواب: گُرو جي رسُ نه آهي.
پوري ڀڃڻي: ڪانن ۾ رس ڪونهي، تڙ تي رسو (نوڙي) ڪونهي .
خط به اتي رسيو ڪونهي، پيءُ پُٽ جو به پاڻ ۾ ’رس‘ ڪونهي.
گرو چيلي جي بيتن جي ڀڃڻي هڪ لفظ ۾ ٿيندي آهي ۽ اهو هر تڪ جو جواب هوندو آهي(۱۳).
ڏِٺ پرولي:
ڏٺ پروليءَ ۾ شاعر يا سگهڙ، ڪنهن ڏٺل واقعي، حادثي يا ڪنهن نظاري کي پرولي جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. هن کي ڀڃڻ يا حل ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نظارو، حادثو يا واقعو پرولي ڀڃيندڙ جو ڏٺل نه آهي: هو فقط پنهنجي آزمودي ۽ روزمرهه جي ٿيندڙ ڳالهين جي مدنظر ڀڃڻي سان ڪامياب ٿيندو آهي.
مثال: تَر، نار، هٿ ۾، نار، هٿ ۾ نار
اڃان ئي کڻي نهار، ته نَر، نارن وچ ۾.
نر= آئينو، نار= زال يا عورت، نار=ڦڻي، نرن= وارن پوري ڀڃڻي.
آئينو عورت هٿ ۾، عورت هٿ ۾ ڦڻي
اڃا نهار کڻي ته ڦڻي وارن وچ ۾(۱۴).
ڳجهارت:
ڳجهارت پروليءَ جو هڪ نمونو آهي. جنهن کي ڀڃڻ لاءِ پخته خيالن ۽ عمده دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي چوڻي آهي. ”پروليءَ مان پار، پر ڳجهارت ۾ غار جو ڳُرُ ڳولڻ ڪنهن حد تائين محال آهي.“
جيتوڻيڪ ڳجهارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي رکيل آهي ليڪن سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنهن ۾ نمايان فرق آهي.
۱. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو دَهو ملي ٿو، جنهن جي آڌار تي مطلب حل ٿي وڃي ٿو.
۲. پرولين ۾ غور ۽ فڪر ڪجي ٿو پر ڳجهارت ۾ غور ۽ فڪر جي ڌار کي تيز ڪرڻو پوي ٿو.
۳. پرولين ۾ عقل ۽ دانش کان ڪم وٺجي ٿو، پر ڳجهارت ۾ عقل ۽ دانش جي جوهر کي هلائڻو پوي ٿو.
ڳجهارت کي هندي ۾ نُجهو ول، يا بجهول چون. ڳجهارت سنسڪرت گهُيه= ڳجهو+ارٿ= مطلب يعني ڳجهو مطلب.
سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن مان ڪن ڳجهارت کي ”ٻجهارت“ به سڏيو آهي.
ابتدا ۽ مقاصد:
ڳجهارت جي ابتدا ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿي، ۽ ڪنهن ڪئي، سا ڳالهه البت وهڃائڻ جوڳي آهي جيتوڻيڪ مواد کي پيش نظر رکي، ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪنهن حد تائين فيصلو ڪري سگهجي ٿو، پر تڏهن به تُزُ طيء ڪرڻ قطعاً مشڪل آهي.
هر دؤر جون ترجماني ڪندڙ ڳجهارتون ملي سگهن ٿيون، پر خبر ڪيئن پوي ته هن ڳجهارت جي پاڙ ڪنهن سمي ۾ لڳي. البت ايترو ضرور آهي ته ٻوليءَ جي قدامت، نوعيت ۽ سٽاءَ مان يعني ڳجهارتن ۾ آيل انوکن الفاظن جي آڌار تي، ٽاڻي واڻي ان وقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ڳجهارتن جي ٻَڌ: هن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين مقصد واري ڳالهه کي خيال ۾ رکي، ان جي وصفن ۽ خاصيتن جي تشريح لاءِ ڍڪ پردي وارا موزون لفظ استعمال ڪجن. درحقيقت اها ڍڪ پردي واري سٽاءُ ئي آهي جنهن کي ڳجهارت چئجي ٿو.
مثلاً: مشهور آهي ته لوڪ مجنونءَ کي چريو چوندو هو، ليڪن ليليٰ برداشت نه ڪندي هئي، ڇاڪاڻ جو مجنون، سندس محبوب هو. ”اهو آهي مرڪزي خيال يا مقصد واري ڳالهه“، انهيءَ خيال کي ڳجهارت ۾ هيئن لڪائي پيش ڪبو:
نرنانءَ منهنجي نرنانءَ کي، نرنانءَ چون
هن ۾ ۳ پاوا آهن: نرنانءَ، نرنانءَ ۽ نرنانءَ.
بند: نرنانءُ (نرنالو)  = محبوب، نرنانء = مجنون، نرنانء= چريو.
ڀڃڻي: محبوب منهنجي مجنون کي، چريو چون.
محبوب، مجنون ۽ چريو، ٽيئي نالا آهن، ليڪن ڳجهارت ۾ اچڻ کان پوءِ ذو معنيٰ ٿي پيا: محبوب= پيارو. مجنون=ليليٰ جو عاشق، چريو=پاڳل.
مطلب ته ڳجهارت لاءِ ٻه ڳالهيون نهايت ضروري آهن:
۱. مرڪزي يا مقصد وارو خيال، جو ڳجهارت جو بنيادي نُڪتو آهي.
۲. پاون جي ڍڪ پردي ڪيل تشريح، جنهن تي ڳجهارت جو وجود قائم آهي.
ڳجهارت جا اصول: شاعرن ۽ سگهڙن جيڪي به ڳجهارتون ٻڌيون آهن سي ٻن اصولن تي آهن:
۱. اهي ڳجهارتون جي سون جيان چمڪن يعني ڀڃڻيءَ تي بيهي رهن.
۲. اهي ڳجهارتون جن ۾ ذرا مٺ ڀري ملايل آهي پر جيڪڏهن اهي به ڪي گهٽ نه آهن.
رڇ منجهه وکر، مرض پنهونءَ کي
رڇ= دانگي (دنگي) وکر=دارون، مرض= ڏياپائي (ڏي پائي)
ڀڃڻي: دنگي منجهه دارون، ڏي پائي پنهون کي.
ڳجهارت ۾ ۳ پاوا آهن: رڇ (دنگي)، وکر (دارون) ۽ مرض (ڏي پائي) جيئن پاوا رڇ (دانگي) ۽ مرض (ڏياپائي) ڀڳا آهن، تيئن ڀڃڻيءَ ۾ نه بيٺا آهن. بلڪه دانگي بدران دُنگي ۽ ’ڏياپائي‘ بدران ’ڏي پائي‘ ڪم آندا آهن.
ڳجهارتن جا قسم:
۱. سريلي يا سرائتي ۲. بي سُري يا سر کان ٻاهر.
۱. سُريلي يا سرائتي: اها ڳجهارت جا ڪنهن به سُر جهڙوڪ مومل راڻو، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار وغيره تي ٻڌل هجي. ظاهري ڳجهارت ۾ کڻي سُر ظاهر نه هجي، پر جڏهن ڀڄي ته سُر ظاهر ٿي بيهي.
۱. ڳجهارت: نالي ۾ آندومانءِ مارئي، تون نالي ۾ ٿي ويهه
هو به تنهنجو ڏيهه، نالي ڪندس مارئي.
ان ڳجهارت ۾ ’مارئي‘ ظاهر آهي، تنهن ڪري سُر به مارئي چئبو.
ربند: نالو= محبت، نالو = صحبت، نالو= سکيو.
ڀڃڻي: محبت ۾ آندومانءِ مارئي، تون صحبت ۾ ٿي ويهه، هُو به تنهنجو ڏيهه، سکيو ڪندس مارئي.
۲. بي سري يا سُر کان ٻاهر: اها ڳجهارت جا ڪنهن به سُر جهڙوڪ مومل راڻو ۽ سسئي وغيره تي ٻڌل نه هجي، بلڪه سگهڙ ڪا ڳالهه خيال ۾ آڻي لِڪَ بڻائي هجي.
ڇڏ پوک جي، ڪر هٿ جي، پاڻ ذات وينداسين
پوک جي = ڪڙائي، هٽ جي = مِٺائي. ذات جا = مري
ڀڃڻي: ڇڏ ڪڙائي، ڪر مٺائي، پاڻ مري وينداسين (۱۵).
حوالا
۱. سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ۱۹۸۶ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي:
ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي ص
۱،۲
۲. سنڌي عبدالمجيد ميمڻ ڊاڪٽر، ۲۰۰۶ع، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن ۲۰۵
۳. نظاماڻي الله بخش، ۱۹۷۱ع، ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي، ص ۲،۳،۴،۵
۴. ايضاً، ص ۶،۷
۵. ايضاً، ص ۳،۴
۶. ايضاً، ص ۱۰،۱۱
۷. سنڌي عبدالمجيد ميمڻ ڊاڪٽر، ۲۰۰۶ع، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، ص ۲۰۶،۲۰۷
۸. سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر، ۱۹۸۶ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، ص ۲
۹. نظاماڻي الله بخش، ۱۹۷۱ع، ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، ص ۱۸،۱۹،۲۳،۲۴
۱۰. سنديلو عبدالڪريم ڊاڪٽر، ۱۹۸۶ع، ”لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد:  سنڌ يونيورسٽي، ص ۲۵،۲۶
۱۱. موسوي وڌيل شاهه عبدالحسين شاهه ۽ عباسي محمد بچل محمد ابراهيم، ۱۹۵۸ع، ”سڳنڌ“، حيدرآباد، سنڌ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس ص ۹۱،۹۲،۹۴
۱۲. نظاماڻي الله بخش، ۱۹۷۱ع، ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي ص ۲۷
۱۳. ايضاً، ص ۲۸
۱۴. ايضاً، ص ------
۱۵. سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ۱۹۸۶ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي ص ۳۴، ۳۵، ۳۶، ۳۷، ۴۱، ۴۶، ۵۲

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲۰۱۵/۲-۳ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment