Sunday, August 12, 2018

ڪير سونهين؛ ڪنهن سان


ڪير سونهين؛ ڪنهن سان!

(۱)
ميلو سونهين؛ ناڻي سان،
چاڪي سونهين؛ گهاڻي سان،
گهوڙو سونهين؛ داڻي سان،
صوبيدار سونهين؛ ٿاڻي سان.


(۲)
مينهن سونهين؛ کير سان،
ٻيڙي سونهين؛ سير سان،
ڪمان سونهين؛ تير سان،
ڀيڻ سونهين؛ وير سان،
مقام سونهين؛ پير سان.

(۳)
زال سونهين؛ ران سان،
ياري سونهين؛ جوان سان،
مائٽي سونهين؛ شان سان،
ٻوڙ سونهين؛ نان سان،
مهمان سونهين؛ مان سان.

(۴)
ڏيوڍي سونهين؛ گهر سان،
عورت سونهين؛ ور سان،
ڪانچ سونهين؛ ڏر سان،
پوک سونهين؛ تر سان،
جڳهه سونهين؛ در سان.

(۵)
محبوب سونهين؛ ماڻي سان،
منڊي سونهين؛ ٽڪ سان،
ياري سونهين؛ هڪ سان،
پيار سونهين؛ سڪ سان،
پنڌ سونهين؛ وک سان،
مرد سونهين؛ نڪ سان.

(۶)
ڪينجهر سونهين؛ ڪنارن سان،
آسمان سونهين؛ ستارن سان،
سير سونهين؛ نظارن سان،
پريت سونهين؛ پيارن سان،
مسجد سونهين؛ منارن سان.

(۷)
گهر سونهين؛ انسان سان،
ميخانو سونهين؛ پيمان سان،
مندر سونهين؛ ديوان سان،
صحن سونهين؛ ايوان سان.

(۸)
درياه سونهين؛ آر سان،
ڦڻي سونهين؛ وار سان،
گل سونهين؛ هار سان،
رحل سونهين؛ قرآن سان،
پٺاڻ سونهين؛ پيار سان.

(نيٽ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment