Sunday, August 12, 2018

نامناسب ۽ هاڃيڪار پهاڪن جو عام استعمال - صوفي سيد ثناءُ الله شاهه


نامناسب ۽ هاڃيڪار پهاڪن جو عام استعمال
صوفي سيد ثناءُ الله شاهه/ماتلي
اسان جي معاشري ۾ ڪجهه غير موزون ۽ نازيبا پهاڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اسان جي علم ۽ ادب جو حصو ته نه آهن، بلڪ جهالت جي هڪ ڪڙي آهي. مثلاً: ۱. ”الله حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي. ۲. ”نياڻي آهي اڪ-کاڌي، مريو به وڃي، ڪير گهري ته ڏيئي ڇڏجي.“ يا وري ۳. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.


پهريون پهاڪو آھي:
الله حقئون به رکي ته نا حقئون به رکي
اھو ته بنهه جهالت تي ٻڌل آهي .الله تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو ئي حق آهي. ڪيڏي نه بيوقوفي ۽ لاعلميءَ جي ڳالهه آهي!
ٻيو پهاڪو آھي:
نياڻي آهي اڪ-کاڌي، مريو به وڃي، ڪير گهري ته ڏئي ڇڏجي.
ان جو مطلب اهو ڪڍيو ويندو آهي ته نياڻي ڪمزور هوندي آهي، مريو به وڃي، ڪير گهري ته ان سان شادي ڪرائي ڇڏجي. ڇا شرعي ۽ اخلاقي لحاظ کان اهو درست آهي؟ بلڪل نه، نياڻيءَ جي احترام جو درس جيڪو حضرت محمد صلعم ڏنو آهي، اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي. تنهن ڪري اسان کي اهڙين چوڻين تي عمل ڪرڻ نه کپي.
ٽيون پهاڪو آهي:
مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.
مطلب ته جيڪو مڙس ڦڏو ڪري، اهو ئي مرد آهي، نه ته بيڪار آهي، پوءِ ڀلي ڪيسن کي ڀوڳي، ڪورٽن جا چڪر لڳائي لڳائي مري وڃي. ها ڦڏو ڪرڻ به ضروري آهي، مگر اهو حق ۽ سچ تان هئڻ گهرجي. تنهنڪري علم رکندڙ ماڻهن کي گهرجي ته اهڙن پهاڪن ۽ خيالن وارن کي روڪين، ته جيئن انسانيت اهڙين ڳالهين جي نقصان کان بچي سگهي.



No comments:

Post a Comment