Sunday, August 12, 2018

ڪجھ سنڌي چوڻيون


ڪجھ سنڌي چوڻيون
۱. عامل، کٽل ڀي خان.
مطلب؛ ۱. کٽل آھيون ته به خان آھيون. ۲. نوڙي سڙي، وڪڙ نه وڃيس.
۲. اٺين پيڙھي اٺ جي، ماڪوڙو ماسات.
ٻنھي جون ڄنگھون ڊگھيون ۽ بيڊوليون آھن. ڪا ڪل ٻنھي جي سڌي ناھي. اگر اھي پاڻ ۾ مائٽ ۽ ھڪ ڪڙم جا سڏائيندا ته سندن مائٽ ھجڻ تي ھر ھڪ جو گمان ضرور ٿيندو.
مطلب: ۱. اٺين پيڙھي؛ اٺ ۽ ماڪوڙو ماسات.
۳. گنگا ويو ته ٿيو گنگاداس، جمنا ويو ته ٿيو جمناداس.
مطلب: ۱. جنھن جيڪا شيءِ ڏٺي آھي، سو ان جي تعريف ۾ پورو آھي. ۲. ھر ڪو پنھنجي ڄاڻ ونڊڻ ۾ پورو آھي. ۲. ڪير ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ۳. ھر ڪو مان مان ۾ پورو آھي.


۴. جي پڇڻا، سي نه منجھڻا.
مطلب؛ ۱. پڇڻا؛ نه منجھڻا. ۲. دنيا اندر ھر ڪو پڇي پڇي واٽ لھي ٿو. ۳. انڌن به پڇي پڇي ملتان لڌو ھيو. ۴. گھڻو پڇڻ؛ گھڻو منجھڻ.)
۵. پراوا محل ڏسي، پنھنجي جھوپڙي نه ڊاھجي.
مطلب؛ ۱. ٻين جا سک ڏسي، سکن جو اچڻ سھنجو نه سمجھجي. ۲. پنھنجي بخت کي ٻين جي بخت جھڙو نه ڀانئجي.
۶. جھڙو سنگ، تھڙو رنگ.
مطلب؛ ۱. جھڙي صحبت، تھڙو اثر. ۲. تخم تاثير، صحبت اثر.
۷. ھڙ ۾ ھڱ، ٻڌڻ سڱ، در تي دوستي، دانھون ڪري.
ھڱ؛ اھا مشڪ جيڪا ھرڻ جي دن مان نڪرندي آھي ۽ ڏاڍي مھانگي ملندي آھي. اڄڪلھ ته شايد اڻ لڀ ئي ھجي. سيڱ؛ ڪمان، جنھن سان تير ھڻجي.)
مطلب؛ ۱. ھڙ ۾ ھينگ، ٻڌڻ سينگ، در تي دوستي، دانھون ڪري. ۲. ھن پھاڪي جي اصل روپ ۽ توجيح شايد ڪي ٻيا ھجن. اگر ڪنھن دوست کي خبر ھجي ته ونڊ ضرور ڪرائي.
۸. نه دم، نه بم. (ورجيس)
مطلب؛ ۱. نه دم، نه خم. ۲. ڪنھن به ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ دم ۽ خم ھئڻ ضروري آھي.
۹. ٺھ نه ته ڊھ.
مطلب؛ ۱. ٻين سان ٺھي ھلبو ته رھبو، اگر صحيح نه ھلبو ته ڊھي پئبو.
۱۰. پنڻ ويٺي، گھونگھٽ ڪھڙو.
يعني جڏھن جسم جي عضون جي ٺمڪائي نمائش ڪرڻ ويٺي آھي ته ھاڻي گھونگھٽ ڪڍڻ مان ڪھڙو فائدو.
مطلب؛ ۱. نچڻ ويٺي ته گھونگھٽ ڪھڙو؟
۱۱. پھريون ملھ؛ کستوري.
مطلب؛ ۱. شيءِ جو اگھ  اھو آھي، جيڪو ٺاھڻ وقت مالڪ رکيس.
۱۲. ججھي ھوند، ججھو فڪر.
مطلب؛ ۱. فڪر يا ڳڻتي، لھندي شڪر سان آھي. ھوند سان انھن ۾ واڌ ايندي آھي.
۱۳. رشتيدارن رشتيداريون ڇڳيون، پنھنجائپ ڇڏي پنھنجن، اھڙي گھلي ھوا، پنھنجا ٿيا پراوا.
مطلب؛ ۱. اڄڪلھ، ھر ڪنھن مان پنھنجائپ ھلي وئي آھي.
۱۴. تون به راڻي، مان به راڻي، ڪير ڀريندو پاڻي.
مطلب؛ ۱. تو بھي راني، مين بھي راني، کون کرسي ايندھن پاني؟ ۲. تون به رئيس مان به رئيس، گڏھ ڪير ھڪليندو؟ ۳. ھر ڪا ٿئي راڻي ته پوءِ ڀري ڪير پاڻي؟
سُستان گڏجي سؤُ، ڪم نه ڪندا ڪوڏيءَ جو، چُستان گڏجي چار، پھاڙ ڊاھيندا پيرن سان.
مطلب؛ ۱.
۱۵. جيڪو رُسي، ان جو حصو سُسي.
مطلب؛ ۱. رٺي جو ڀاڱو مٺو.
۱۶. ھڪ نياڻي؛ سؤ برھمڻ.
مطلب؛ ۱. نياڻي؛ ديوي جو روپ.

(نيٽ تي موجود ”سنڌين جو شان“ بلاگ تان ٿورن سان کنيل.)

No comments:

Post a Comment