Friday, October 7, 2022

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو/ محرابپور



اصطلاح جي سماجي معنى سان سلهاڙيل هجڻ سبب، ان جي اهميت بابت پڻ سوال اڀري ٿو ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۰۶- ۱۴۳)


لفظ ’اصطلاح‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ’محاوري‘ جي بدل سان به ڪم آندو ويندو آهي، هيٺ ٻنهي لفظن جي لغوي معنى سمجهڻ لاءِ انهن جو اشتقاق ڪري پيش ڪجي ٿو:

• اصطلاح- افتِعال- اصتِلاح > اصطلاح- مصدر (صَلَحَ = هن درست ڪيو) ڪنھن لفظ يا تشريح جي استعمال کي عام لاءِ درست ڪرڻ- ڪنھن لفظ جي مفھوم جي استعمال تي مڙني جو اتفاق هجڻ- ڪنھن لفظ کي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي معنى طور ٺاهي ڪم آڻڻ. (جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۰۶- ۱۴۳)

اصطلاح لفظ جي اشتقاق مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن لفظ جي استعمال کي درست ڀانئي مڙني جو اتفاق هجڻ. ظاهر آهي ته درستگيءَ تي اتفاق جي ضرورت تڏهن پيش ايندي آهي، جڏهن اهو استعمال لغوي معنى کان هٽي ڪري رواج ۾ آندل واري معنى ۽ مفھوم رکي.

لفظ اصطلاح بابت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيو آهي ته: ”اصطلاح معنى صلح ڪرڻ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنى مقرر ڪرڻ. مثال: ۱، ’پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀلو ناهي‘، ۲، ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنھن جو ارمان اٿم‘. پھرين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ ورتل آهي، يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ، ٻئي مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ نه پر رواجي معنى ۾ ورتل آهي يعني ڪوڙو الزام! واضح ٿيو ته اصطلاح جون ٻه معنائون ٿيون: ’هڪڙي مقرر ٿيل‘ جنھن کي ’لغوي يا اصلي‘ معنى چئجي ٿو ۽ ٻي رواجي جنھن کي اصطلاحي معنى چئجي ٿو. تنھن ڪري ’اصطلاح‘ جي معنى ٿي: ’رواجي معنى يا مطلب‘. مطلب ته اصطلاح هميشہ عام رواج مان ٺھندا آهن.“ (سنديلو، ۱۹۹۳ع : ۱۲)

سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي جي جز واري اصطلاح جو گهاڙيٽو ’فعلي صورت‘ ۾ هجڻ وارو سنديلي صاحب وارو رايو نھايت مناسب آهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس نظر ڪنھن جملي ۾ استعمال تي آهي، جيئن: ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو‘. جيڪڏهن جملي ۾ اصطلاح ’ٺڪر ڀڳو‘ تي نظر ڪبي ته هي لفظ گرامر موجب ته ’ماضي مطلق‘ ئي آهي، ان جي مصدر ’ٺڪر ڀڃڻ‘ ٿيندي. ان لاءِ اصطلاح جو فعلي صورت ۾ هجڻ مناسب ڄاتو ويو آهي.

حقيقت اها آهي ته ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو به ڪنھن ڳالهايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنھن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنھن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي، تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي. ان لاءِ ان جي درست استعمال کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي. ظاهري اصطلاح جي اڪيلي سر شڪل يقيناً ’مصدر‘ واري آهي، ليڪن ان کي هڪ جڳهه تي قيد ڪري نه ٿو سگهجي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب اصطلاح جي وضاحت بابت ڄاڻايو آهي ته: ”اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي. ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ هڪ محاورو يا اصطلاح آهي، جنھن جو مطلب آهي: ’لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ‘.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶: ۵۴)

ڊاڪٽر جيٽلي، اصطلاح ۽ محاوري کي ساڳي ڳالهه سمجهي ٿو، ان جي اهم سبب ۾ هندي/ اردو ٻوليءَ سان واهپو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’محاوري‘ جي اها مراد ناهي، جيڪا هندي يا اردوءَ ۾ ورتي وڃي ٿي.

لفظن جي ڄاڻايل حوالن جي ڇنڊ ڇاڻ آڌار اصطلاح جي وصف هيٺين ريت بيھي ٿي:

ٻوليءَ جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنھن جملي ۾ لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي، ان کي ’اصطلاح‘ چئجي.

ٻوليءَ ۾ جملي جي جز ’اصطلاح‘ جي دائري جي بيھڪ تي مختصر واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن مولوي احمد ملاح جي ڪتاب ’ڪليات احمد‘ مان ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو وٺي سگهجي.

ڪليات احمد مان ’دل‘ سان سلهاڙيل لفظن جو جائزو

لفظ ’دل‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسيءَ کان آيو آهي، جنھن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’هنيانءُ/ هنيون- هِردو- مَنُ‘ چيو ويندو آهي. ان کان علاوه ’خواهش- راضپو- همٿ- بھادري- خيال- ارادو- نِيَت- ڌيان وغيره ‘ وارين سماجي معنائن ۾ پڻ ڪم ايندو آهي.

ڄاڻايل لفظ، ايئن ته مولوي صاحب جي شعرن ۾ ڪافي هنڌن تي ملندو، جيڪو محاوري يا ڪنھن ترڪيب سان ڪم آندو ويو هجي، جيئن: ”دِل نِھوڙي ساڻ نيڻن، ٿو ڪَرين ڪامِڻ قَريبَ“؛ ليڪن هتي سندس شاعريءَ مان ’دل‘ سان سلهاڙيل مرڪب فعل واري صورت وارا اهڙا لفظ مقصود آهن، جيڪي اصطلاح جي صورت ۾ ڪم آندا ويا هجن.

• دل ۾ پوَڻ: [اصطلاح (خيال ۾ اچڻ- اندر ۾ تصور جڙڻ- ياد پوَڻ)] ”مَڪي ڏي مَرد مَنزِل ۾، دَغا آن کي پيئي دِل ۾“

• دل ۾ داغ ٿيڻ: [اصطلاح (ساڙ ٿيڻ- اندر جلڻ- تڪليف ٿيڻ)] ”دُشمن کي دِل ۾ داغ ٿيا، اَلله اَڪبر ٿيو جَڏهن“

• دل ۾ دغا هئڻ: [اصطلاح (بدنيتي هئڻ- اندر ۾ بغض رکڻ)] ”دَغا جِن کي دِل ۾، دُعا تِن کي ڪِهڙي؟“

• دِل ۾ دَليلَ ڊوڙائڻ: [اصطلاح (ويچار ڪرڻ- تصور ڪرڻ- اجايا خيال پچائڻ- شَڪ ڪرڻ- وسوسي ۾ پوَڻ)] ”دوستَ، توکان دُور ٿيو، پيو دِل ۾ ڊوڙايان دَليل“

• دل ۾ ديرا اڏڻ: [اصطلاح (ڪنھن جي اندر ۾ نرم گوشا پيدا ڪرڻ- مطيع ڪرڻ- محبت ۾ گرفتار ڪرڻ- اندر تي قابض ٿيڻ)] ”اَچي دِلگير جِي دِل ۾، ويٺو دِلبر اَڏي ديرا“

• دل ۾ ڏيڻ: [اصطلاح (وهم پيدا ڪرڻ- ذهن ۾ وهارڻ)] ”ڌَڻي داتا دوئي ڏي شل! مَ دِل ۾“

• دل ۾ ڪرڻ: [اصطلاح (ڏک ڪرڻ- ارمان ڪرڻ- ويچار ڪرڻ- ڪاوڙ ڪرڻ- ياد ڪرڻ- اندر ۾ هنڊائڻ- ڳجهه رکڻ- محبت سان سارڻ)] ”دِل ۾ ڳالهيون دوست سان ڪَن، ٻَھر گُنگا گودڙيا“

• دل ۾ وجهڻ: [اصطلاح (خيال ۾ آڻڻ- تصور ۾ اچڻ- نينھن جا نشتر هڻڻ)] ”ڌَڪ لڳن دِيدن مَنجهان، دِل ۾ وِجهي دِيدار وَڍ“

• دل ۾ وَڍَ پوَڻ: [اصطلاح (ڏکارو ٿيڻ- تڪليف ٿيڻ- اندر اڌ ٿيڻ)] ”دَرد دُکيَس جان تي، ٻيو دِل ۾ پُونس ڌار وَڍ“

• دل ۾ ويھارِڻُ: [اصطلاح (عزت ڏيڻ- قرب ڏيڻ- پيار ڪرڻ)] ”ويھاريان کڻي هيڪ دِل ۾ ٻه دوست، ته گِدري ٻه ڦارُون وِچان هيڪ وَڍ.“

• دل اڌ ٿيڻ: [اصطلاح (گهڻو ڏکارو ٿيڻ- پريشان ٿيڻ)] ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

• اڌ دلو ٿيڻ: [اصطلاح (نااميد ٿيڻ- مايوس ٿيڻ- ناڪام ٿيڻ- آس ٽٽڻ )] ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

• دل امانت رکڻ: [اصطلاح (ڪنھن جي پيار کي دل ۾ سانڍڻ- حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ- پاڻ کي ٻئي حوالي ڪرڻ)] ”سَڄي دِل سَڄڻ وَٽ اَمانت رَکيَم“

• دل اندر ديرو ٿيڻ: [اصطلاح (اندر ۾ عڪس پيدا ٿيڻ- اندر ۾ گهر ڪري وڃڻ)] ”دَم بَدم دَرڪار دَرسن، دِل اَندر ديرو ٿِئي“

• دل بِريانُ ٿيڻ: [اصطلاح (اندر سڙڻ- تڪليف ۾ هجڻ- طعني وغيره سان جيءُ جلڻ)] ”بِرهه دِل بِريان ڪَئي، بيمار بُت بِستر مَٿي“

• دل بَھار ٿيڻ: [اصطلاح (خوش ٿيڻ- سرهو ٿيڻ)] ”جِيئن تَڙين تِيئن تانگهه تو ڏي، ڌَڪ هَڻين تِيئن دِل بَھار“

• دل ٻڌَلَ هجڻ: [اصطلاح (واعد هجڻ- اقرار هجڻ- لاڙو هجڻ)] ”دوستَ، ديکي مُنھن سَندوئي، دِل ٻَڌل ٿِي دِين سان“

• دِل ٻَڌڻ: [اصطلاح (همٿ ڪرڻ- جرئت ڪرڻ- دلير ٿيڻ- هائوڪار ڪرڻ- دل جو ناتو ڳنڍڻ- ٻئي سان هائوڪار ڪرڻ)] ”چَيو دِلبر ٻُڌم ٻي سان ٻَڌئي دِل، چيَم چُغلن ٻَڌي چَب چَب اَهاها.“

• دل ڀڄڻ: [اصطلاح (تنگ ٿي پوڻ- بيزار ٿيڻ- دلچسپي نه وٺڻ- اڪتائجي وڃڻ)] ”ڌُوڙ ۾ ڌَڙ، گڏ نه ڌوڙِي، ڏي دِلاسو دِل ڀَڳي“

• دل ڀَرجڻ: [اصطلاح (اطمينان حاصل ٿيڻ- ڍؤ ٿيڻ- ڏکارو ٿيڻ- ارمان ٿيڻ)] ”ڏي دِلاسو بي دِلي کي، دِل دَليلن سان ڀَري“

• دل ڀري ڳائڻ: [اصطلاح (روئي ٻاڏائڻ- نوڙت سان آزيون نيازيون ڪرڻ- توجه سان چوَڻ)] ”جو ڌَڻيءَ جا دان ڳائي، دِل ڀَري دِلگير جِي“

• دل تان لاهڻ: [اصطلاح (وِسارِڻُ- ڀلائڻ- ڇڏڻ)] ”دِل تان نه لاهِج لفظ لا، اَلله ڀَلو يا اِي ڀَلا؟“

• دل تان لاهڻ: [اصطلاح (وسارڻ- ياد نه ڪرڻ- نالو ئي نه وٺڻ- اهنج وسارڻ- دک درد دور ڪرڻ- ڪنھن معاملي کي ختم ڪرڻ)] ”ڏي دِلاسو دوست دِلبر! لاهِه دِل تان دُک دَليل“

• دل تان لَھَڻُ: [اصطلاح (وسرڻ- وسري وڃڻ- ياد نه رهڻ- خيال ۾ ئي نه اچڻ)] ”دِل مَٿان ويندو لھي دِلدار، ڪو اَڄ، ڪو صُباح“

• دل تي بار هجڻ: [اصطلاح (ڳڻتي هجڻ- وهم هجڻ- هورا کورا هجڻ- فڪر هجڻ)] ”بي قَراري، زير باري، بار دِل تي بار بار“

• دل ٿڌي ڪرڻ: [اصطلاح (طبيعت ۾ ماٺار آڻڻ- امن ۾ رهڻ- ڪاوڙ نه ڪرڻ)] ”سُڻج ڳالهه سالِڪَ، ڪَري دِل ٿَڌي“

• دل ٽنگڻ: [اصطلاح (موهت ٿيڻ- لاڙو ٿيڻ- مايا سان محبت ڪرڻ- دنيا تي ساهه ڏيڻ)] ”دَمڙيءَ ڏانھن دِل ماڻهن ٽَنگي، ديک دُنيا جِي دوستَ، دورنگي“

• دل جا داغ ميٽڻ: [اصطلاح (دک درد دور ڪرڻ- دلجوئي ڪرڻ- دلداري ڏيڻ- اندر مان غير ڪڍڻ- مزاج کي ٿڌو ڪرڻ)] ”دوستَ، مُون دَرسن پَسي، دِل جا اڳيان ميٽيا نه داغ“

• دل جو انڌو هئڻ: [اصطلاح (عاشق هجڻ- بيحد پيار ڪرڻ- حق ۽ ناحق جي تميز نه هئڻ)] ”جو ڌَڻيءَ جو دَر مَٽي، دِل اُن دِيواني جِي اَنڌي“

• دل بيھارڻ: [اصطلاح (مطمئن ٿيڻ- ذهني ٽڪاءُ ڪرڻ- راضي ٿيڻ- سڪون ٿيڻ)] ”نه بيھي دِل بيھاريان جِت، هَنجُهون هَر روز هاريان هِت“

• دل جو دل ۾ رکڻ: [اصطلاح (ڳجهو رکڻ- ظاهر نه ڪرڻ- اندر نه اورڻ- ڪجهه نه سلڻ)] ”رَهيَن دِل جو دِل ۾ ايرادا دِلي“

• دل جو دلمل ٿيڻ: [اصطلاح (دلين جو گڏجڻ- ڪنھن سان محبت ٿيڻ- دلي لاڙو ٿيڻ)] ”ڌَم ڌُڪڙ لاٿا، دِلي تي، دِل به دِلمل ٿِي پيئي“

• دل جو دهلجڻ: [اصطلاح (هراسجڻ- هيسجڻ- ڊڄڻ- ڪنبڻ)] ”ويئي دِل دُشمنن دَهلي، لٿو دُنيا مَٿان ڌوڪو“

• دل ڊهڻ: [اصطلاح (بي همٿ ٿيڻ- سست ٿيڻ- ٿڪجي پوڻ- ڦاسڻ)] ”دِل ڊَهي دِلگير ٿِي، آيو دَليلن ۾ دِلو“- ”ڊَٺي دِل دِليرن، مَٿا ويا مَٿيرن“

• دل ڦاسڻ: [اصطلاح (محبت ۾ گرفتار ٿيڻ- پيار ۾ وڪوڙجڻ- مائل ٿيڻ- موهت ٿيڻ)] ”ڀَلا ڇو دِل نه ڦاسي دوستَ، داڻو دام سانبارا“

• دل جو موڪلائِڻ: [اصطلاح (هراسجي وڃڻ- خيالن ۾ ٻڏي وڃڻ- بيوس ٿيڻ- بي خود ٿيڻ- مرڻ هارڪو ٿيڻ- سست ٿيڻ- مرجهائڻ- پريشان ٿيڻ- حواس کسجڻ)] ”مُنھن ڏِسي مَحبُوب جو، دِل موڪلايو مُون ڪَنان“

• دل ڇڪجڻ: [اصطلاح (سڪ لڳڻ- اڪير ٿيڻ- جهٻو کائڻ- ڇِڪ ٿيڻ)] ”دوستَ، دَرسن ڏانھن تُنھنجي، دِل ڇِڪي دائم مُدام“

• دل ديواني هجڻ: [اصطلاح (دلي لاڙو هجڻ- عشق هجڻ- ڪنھن تي فدا ٿيڻ)] ”هِڪ ڌَڻيءَ لئي دِل دِيواني، چَئو ته ڪانيءَ مان ڪَڍن“

• دل ڊاهڻ: [اصطلاح (ڌيان هٽائڻ- واسطو ٽوڙڻ- سلسلو ٽوڙڻ- ايذاءُ ڏيڻ)] ” سُبحان تيري صاحِبي، دِل ڪِينَ تو دَر ڊاهِبي“

• دل ڍاپڻ: [اصطلاح (سيراب ٿيڻ- پُرباش ٿيڻ- قرار ٿيڻ)] ”ڍائِي نه دِل دَرشن ڏِسي، اَي شاهِه عالَم اَلوداع“

• دل ڍارڻ: [اصطلاح (نا اميد ٿيڻ- سست ٿيڻ- ڍرو ٿيڻ- پاڻ ڇڏڻ)] ”نه دِل ڍار دِلدار! لا تقنطُوا“

• دل ڏيڻ: [اصطلاح (محبت ڪرڻ- ڌيان ڏيڻ- عاشق ٿيڻ- دل ڦاسائڻ)] ”دان بَخشي دِين جو، تُون دِل ڏِيين داورَ، چِٽي“

• دل ڌُتارِڻ: [اصطلاح (پرڀائڻ- راضي ڪرڻ- ريجهائڻ- )] ”ڌُتاري دِل دِيوانيءَ کي، وِڌو دِلدار مَنجهه دامن“

• دل رجهڻ: [اصطلاح (اندر سڙڻ- تڪليف ٿيڻ- اندر ۾ اڌما اٿڻ)] ”روڪ يا رَب! رَهزنن کي، دِل رَنجاڙي ۾ رَڌي“

• دل سان پڙهڻ: [اصطلاح (ڌيان سان پڙهڻ- شوق سان اچارڻ)] ”دِل سان پَڙهيَم دِيدار ٿيو، صَلُوا عَلَيه وَسَلِمُوا“

• دل سان ياد ڪرڻ: [اصطلاح (محبت سان سارڻ- پيار سان ذڪر ڪرڻ)] ”کاڻي خوديءَ کي ڇَڏ کَڻي، ڪَر ياد دِل سان هِڪ ڌَڻي“

• دل ستل هئڻ: [اصطلاح (غافل هجڻ- ڀٽڪيل هجڻ- ٿڪل ذهن هئڻ)] ”اَي سَتر وارا، سَتر تي، دِل سُتل ٿِئي مَس سُجاڳ“

• دِل ڦَٽِڻ: [اصطلاح (ڪنھن کي ايذاءُ ڏيڻ- ڏکارو ڪرڻ- عشق ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل ڦَٽيَل دَر تي ڦِٽو، دِلبر دَوائون ڏي ٻيَن“

• دِل ڦُرڻ: [اصطلاح (محبت ۾ مبتلا ڪرڻ- ڪنھن کي اڪن شڪن ڪرڻ- محبت جي انگ ۾ ڦاسائڻ- پنھنجو ڪرڻ)] ”دِل ڦُرڻ جي لاءِ دِلبرَ، آهِه داڻو تِر دَوام“

• دل ڦِسَڻ: [اصطلاح (دهشت ٿيڻ- ڊپ ٿيڻ- مونجهارو ٿيڻ- ڏکارو ٿيڻ¬- اندر ڇيھون ڇيھون ٿيڻ)] ”ڌار سِر ڌَڙ ڌُوڙ ۾، دَهشت ڪَنان پَئي دِل ڦِسي“

• دل کَڻي وڃڻ: [اصطلاح (وسارِڻُ- يادگيري نه ڪرڻ- محبت ۾ مبتلا ڪرڻ- موهت ڪرڻ)] ”دوست، ڪنھن دَستُور سين، دَستن مَنجهان وئين دِل کَڻي“

• دل کي دلاسو ڏيڻ: [اصطلاح (آٿت ڏيڻ- اهنج مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ- همراهي ڪرڻ)] ”دِل دِلاسو ڪو ڏِيين، دِلدار تُون هِڪ، ٻيو نه ڪير.“

• دِل کي سامهون هجڻ: [اصطلاح (اکين آڏو هجڻ- سِر تي هجڻ- قريب هجڻ- عڪس هجڻ)] ”سُور دِل کي سامهان، تنھن جِي نه توکي سُڌ سَماءُ“

• دل ڳنڍڻ: [اصطلاح (محبت ڪرڻ- لنئون لائڻ- ناتو رکڻ)] ”لِکيا ’لام‘ هِي لَفظ لويارِيَن، ته مارُئي! ڳنڍيَئي دِل وَڃي ڌارِيَن“

• دل لاهڻ: [اصطلاح (همٿ هارڻ- سست ٿيڻ- آسرو پلڻ- دهشت بيھارڻ- ڊيڄارڻ)] ”ڪَمالي فَوج پَئي ڪاهي، وِڌئين دِل دُشمنن لاهي“

• دل لُڏي وڃڻ: [اصطلاح (جهٻو اچڻ- دهلجڻ- ڊڄي وڃڻ- هيسجي وڃڻ- ڳڻتي ٿيڻ)] ”دَلن جِي دِل لُڏي ڇا تي؟ سَندن ٻيڙي ٻُڏي ڇا تي؟“

• دِل لڳڻ: [اصطلاح (محبت ٿيڻ- قرب ٿيڻ- پيار ٿيڻ- ڪنھن ڏانھن لاڙو ٿيڻ- چاهه پيدا ٿيڻ)] ”دِل لَڳي، تَھدل تَڳي، مَنزل ڀَڳي، مَحفل مَڳي“

• تھدل تڳڻ: [اصطلاح (قرار ڪرڻ- ڍؤ ڪرڻ)] ”دِل لَڳي، تَھدل تَڳي، مَنزل ڀَڳي، مَحفل مَڳي“

• دل لوڙهڻ: [اصطلاح (همٿ هارڻ- سست ٿيڻ- غمگين ٿيڻ- پوئتي ڀِرڪڻ- هينئون هارڻ)] ”ته لِک دِل نه لوڙهيان، لڳن خواهه لَک“

• دل لَھَڻُ: [اصطلاح (دل لڳڻ- پيار ٿيڻ- ويجهو ٿيڻ- ناتو ڳنڍجڻ)] ”دوستَ، ڳوليَم ديسِيون، پَر دِل لڌم دِلدار وَٽ“

• دل ميري ٿيڻ: [اصطلاح (بدنيتي ڪرڻ- اندر پليد ٿيڻ- اندر ۾ دغا رکڻ- شڪ ڪرڻ)] ”مُوافق دِل نه ٿِي ميري، مَڪر جا ڦَٽ وَهي ڇُٽندا“

• دل نرم ڪرڻ: [اصطلاح (طبيعت ۾ رحم پيدا ڪرڻ- مزاج ۾ ماٺار پيدا ڪرڻ- اندر مان ڪروڌ ڪڍڻ)] ”ڪا گُهري دِلبر! دُعا، دَرگاهه مان دِل نَرم ڪَر“

• دل لوڏڻ: [اصطلاح (جهٻو کائڻ- دهلجي وڃڻ- پرواهه ڪرڻ- دل کي لوڏو هجڻ)] ”ڪنھن دَٻاءَ ڀَر دِل نه لوڏيان، دِلستانو، آفرين“

• دل نھوڙڻ: [اصطلاح (محبت ۾ زخمي ڪرڻ- قابو ڪرڻ- جهُوري وجهڻ- محبت ۾ گرفتار ڪرڻ- درد ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل نِھوڙي ساڻ نيڻن، ٿو ڪَرين ڪامِڻ قَريب“

• دل نِيَڻُ: [اصطلاح (ڪنھن کي موهت ڪرڻ- محبت جي انگ ۾ آڻڻ)] ”دِل نِھارڻ سان نِھوڙيو نِئين، نِھاريان ڪنھن طرح؟

• دل وَٺڻ: [اصطلاح (موهڻ- ڪنھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ- خوش ڪرڻ- ريجهائڻ- پيار ڪرڻ- محبت ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل وَٺي دِلبر! نه تُون پوءِ، ڌارِيَن جِيئن ڌار هُج“

• دل وٽان هئڻ: [اصطلاح (وڻڻ- پسند هئڻ- ڀلو لڳڻ- مرضيءَ موجب هجڻ)] ”دوستن جي ديس ۾، دَستُور سَڀڪو دِل وَٽان“

• دل وياچُ ڪرڻ: [اصطلاح (اندر سان اورڻ- اندر ۾ وندر ورونھن ڪرڻ- پاڻ سان ڳالهائڻ)] ”ڪَر دِل وِياچي ڪو ڌِيان، مَحشر اَٿئي مَھندان مِيان“

• دل هَڻڻ: [اصطلاح (هٻڪڻ- پَھُه پچائڻ- ڳڻتي ڪرڻ- وهم ڪرڻ- خيال ڪرڻ)] ”دَم هَڻان، پڻ دِل هَڻان، دَم تي مَتان مُون دَم پُڄي“

(نوٽ: مٿيان اصطلاح ’ڪليات احمد‘ ۲۰۱۷، ڀاڱي پھرئين ۽ ٻئين مان ورتل آهن، جنھن کي پروفيسر ضرار رستماڻيءَ سھيڙيو آهي.)

• حاصل مطلب/ نچوڙ

• اصطلاح جي مراد ٻوليءَ جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنھن جملي ۾ لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي.

• سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي جي جز واري اصطلاح جو گهاڙيٽو ’فعلي صورت‘ ۾ هجڻ، مناسب ڄاتو ويو آهي، جيئن: ٺڪر ڀڃڻ. جملو: هن مون تي ٺڪر ڀڳو.

• ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو ڪنھن ڳالهايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنھن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنھن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي، تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي.

• مولوي احمد ملاح بيشڪ مختلف ٻولين جو ماهر هيو، ليڪن مادري ٻوليءَ هجڻ نسبت، هن کي پنھنجي ٻوليءَ تي سٺي دسترس هئي، ان ڪارڻ سندس ڪلام مان ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جو استعمال ڏاڍو ڀلو ۽ وزندار محسوس ڪيو ويو، جيئن: دل اڌ ٿيڻ (گهڻو ڏکارو ٿيڻ- پريشان ٿيڻ) ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

حوالا/ ذريعا

جوکيو، الطاف حسين (۲۰۰۹) سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ. ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، ۲ (۳۱۰۶- ۱۴۳. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

جيٽلي، مرليڌر (۱۹۹۶ع) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (۱۹۹۳ع) اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي ڪراچي/ لاڙڪاڻو.

مددي ڪتاب

بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (۱۹۶۰- ۱۹۸۵) جامع سنڌي لغات (جلد ۱ کان ۵) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

رستماڻي ضرار، پروفيسر (۲۰۱۷) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

 

(ٽماھي مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي شماري ۲/۲۰۲۲ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment