Saturday, July 30, 2022

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 


ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزن (Terms) جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي، جن ۾ اصطلاح، محاورو، ورجيس، پهاڪو، چوڻي ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا، جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.

 

سنڌي ٻوليءَ جي هنن اصطلاحن جي اکيڙ جو اهم مقصد انهن جي درست رخ کي سمجھڻ ۽ انهن جو درست استعمال ڪرڻ به آهي. ان جي ضرورت ان لاءِ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن وٽ انهن اصطلاحن جي ڪا واضح وصف موجود ڪونهي يا ڪي متعين ڪيل وصفن سان سهمت ڪونهن يا وري ڪي ٻيا سبب هجن!

مذڪوره صنفن تي زوردار نموني ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو ڪم سامهون اچي ٿو جنهن انهن صنفن تي ماهرانه ڇنڊ ڇاڻ سان ڪم ڪيو آهي؛ جنهن عيوض هو صاحب کيرون لهڻي! ان کان اڳ ڪيل ڪم يا مذڪوره اصطلاحن جي ونڊ ورڇ غير علمي ڪيل آهي.

اصل ڳالهه اها آهي ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن (Terms) جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنهن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘.

ڄاڻايل اصطلاحن (Terms) جي درست رخ کي سمجھڻ لاءِ هر هڪ اصطلاح (Term) جي لغوي معنى ۽ ان جي مفهوم تي نظر ڌرڻ لاءِ مختلف ماهرن جا تڪيل توريل رايا ۽ وضاحتون سامهون رکي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گھرجي، سڀ کان پهريائين ’جملي جي جز‘ وارن اصطلاحن تي نظر رکڻ کپي:

اصطلاح:

لفظ ’اصطلاح‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ’محاوري‘ جي بدل سان به ڪم آندو ويندو آهي، هيٺ ٻنهي لفظن جي لغوي معنى سمجھڻ لاءِ انهن جو اشتقاق ڪري پيش ڪجي ٿو:

 

اصطلاح- افتِعال- اصتِلاح > اصطلاح- مصدر (صَلَحَ = هن درست ڪيو) ڪنهن لفظ يا تشريح جي استعمال کي عام لاءِ درست ڪرڻ- ڪنهن لفظ جي مفهوم جي استعمال تي مڙني جو اتفاق هجڻ- ڪنهن لفظ کي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي معنى طور ٺاهي ڪم آڻڻ.

 

اصطلاح لفظ جي اشتقاق مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن لفظ جي استعمال کي درست ڀانئي مڙني جو اتفاق هجڻ. ظاهر آهي ته درستگيءَ تي اتفاق جي ضرورت تڏهن پيش ايندي آهي جڏهن اهو استعمال لغوي معنى کان هٽي ڪري رواج ۾ آندل واري معنى مفهوم رکي. مذڪوره لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن مقصدن لاءِ ڪم آندو ويندو آهي، هڪ: جملي جي اهڙي جز لاءِ جيڪو رواج پٽاندر ٻي معنى رکي؛ ٻيو: ڪنهن خاص مضمون (Subject) سان سلهاڙيل, جنهن ۾ اهو لفظ لغوي اعتبار کان هٽي ڪري ان مضمون جي عنوان سان ٺهڪايو ويو هجي. هت صرف جملي جي جز وارو ’اصطلاح‘ مقصود آهي. ان جي درست وصف قائم ڪرڻ لاءِ چند ماهرن جا رايا سامهون رکي ڪي نتيجا اخذ ڪري سگھجن ٿا.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب مثالن آڌار اصطلاح بابت لکيو آهي ته: ”اصطلاح معنى صلح ڪرڻ، ڪنهن لفظ جي ٻي معنى مقرر ڪرڻ. مثال: ۱، ’پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀلو ناهي‘، ۲، ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنهن جو ارمان اٿم‘. پهرين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنهنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ ورتل آهي، يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ، ٻئي مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنهنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ نه پر رواجي معنى ۾ ورتل آهي يعني ڪوڙو الزام! واضح ٿيو ته اصطلاح جون ٻه معنائون ٿيون: ’هڪڙي مقرر ٿيل‘ جنهن کي ’لغوي يا اصلي‘ معنى چئجي ٿو ۽ ٻي رواجي جنهن کي اصطلاحي معنى چئجي ٿو. تنهن ڪري ’اصطلاح‘ جي معنى ٿي: ’رواجي معنى يا مطلب‘. مطلب ته اصطلاح هميشہ عام رواج مان ٺهندا آهن.“ (سنديلو، ۱۹۹۳ع : ۱۲)

ابڙو عبدالرحيم ارشد ’اصطلاح‘ بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”اصطلاح انهن لفظن جي ميڙ کي چئجي ٿو جنهن ۾ اڪثر ڪري فعل ڪتب آيل نه هوندو آهي ۽ سندس مفهوم لفظي معنى کان مٽيل هوندو آهي.“ (ابڙو، ۱۹۸۶ع : ۶۰)

سنديلي صاحب ۽ ابڙي صاحب جي ڄاڻايل وصفن ۾ اهم تضاد ’فعلي صورت‘ جو آهي، سنديلو صاحب اصطلاح کي فعلي صورت ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ابڙي صاحب ان کي فعل کان پري هجڻ جو ڄاڻايو آهي، مبادا سندس خيال ’محاوري‘ ڏانهن هجي.

انجنيئر عبدالوهاب سهتو ’اصطلاح‘ بابت لکي ٿو ته: ”اهو فقرو جيڪو مصدر سان گڏ جملي ۾ ٻي معنى ڏيکاري تنهن کي اصطلاح چئبو آهي. جهڙوڪ: هٿڙي هڻڻ، ڄنگھ ٻانهن لڳڻ، هٿ پير هڻڻ، کرڙي لڳڻ، ڄاڙي لڳڻ، اک هڻڻ، اک ۾ رکڻ، مڇ جو وار هئڻ وغيره.“ (سهتو، ۲۰۰۳ع : ۱۲)

ٽنهي حوالن کي گڏي ڏسجي ته وري به فعل/ مصدر جو معاملو سامهون اچي ٿو، سهتو صاحب به ان ڳالهه تي بيٺل آهي ته اصطلاح مصدر سان گڏ هجي. اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مصدر ڪنهن فعل جي آخر ۾ ’ڻ‘ جي هجڻ کي چئبو آهي، جيڪا مختلف زمانن جي گردانن ۾ ڦيرو کائڻ سبب مرڪزي حيثيت رکندڙ هوندي آهي ۽ ’اسم‘ طور پڻ ڪم ايندو آهي؛ ان لاءِ اصطلاح سان لازمي لفظ ’مصدر‘ جو استعمال ڪرڻ به درست ناهي.

ان حوالي سان اصطلاح جو گھاڙيٽو ’فعلي صورت‘ ۾ هجڻ وارو سنديلي صاحب وارو رايو نهايت مضبوط آهي. سهتي صاحب جي نظر يقيناً ان جي ’اڪيلي صورت‘ تي آهي، جيئن: ’ٺڪر ڀڃڻ‘، جڏهن ته سنديلي صاحب جي نظر ڪنهن جملي ۾ استعمال تي آهي، جيئن: ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو‘. جيڪڏهن جملي ۾ اصطلاح ’ٺڪر ڀڳو‘ تي نظر ڪبي ته هي لفظ گرامر موجب ته ’ماضي مطلق‘ ئي آهي. جيڪڏهن ان ۾ مصدر ناهي ته ڇا ان کي ’اصطلاح‘ نه چئبو؟ اهڙي علمي ڇنڊ ڇاڻ کي سامهون رکي ڪنهن لفظ يا لفظن جي مجموعي جي وصف مقرر ڪئي ويندي آهي. حقيقت اها آهي ته ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو به ڪنهن ڳالهايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گھٽ ۾ گھٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنهن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنهن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي. ان لاءِ ان جي درست استعمال کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي. ظاهري اصطلاح جي اڪيلي سر شڪل يقيناً ’مصدر‘ واري آهي، ليڪن ان کي هڪ جڳهه تي قيد ڪري نه ٿو سگھجي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب اصطلاح جي وضاحت بابت ڄاڻايو آهي ته: ”اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي.. ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ هڪ محاورو يا اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي: ’لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ‘.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۵۴)

ڄاڻايل حوالن جي ڇنڊ ڇاڻ آڌار Term اصطلاح جي وصف هيٺين ريت بيهي ٿي:

ٻوليءَ جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنهن جملي ۾ لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي، ان کي ’اصطلاح‘ چئجي.

جيٽلي صاحب جي ڄاڻايل وصف ۾ اصطلاح جي مفهوم سان مڙئي رايا سهمت ٿين ٿا، البته ’اصطلاح يا محاورو‘ ساڳي ڳالهه ڄاڻائڻ تي اختلاف رکي سگھجي ٿو. ساڳي نوعيت جي Term لاءِ ٻن لفظن جو استعمال ضرور ڪي شڪ پيدا ڪندو آهي ته لفظ محاورو ۽ اصطلاح ساڳيو مفهوم رکندڙ آهن يا ڪو فرق آهي. جيڪڏهن ساڳي عربي ٻوليءَ جا لفظ ساڳي مراد لاءِ الڳ الڳ استعمال ۾ آڻجن ٿا ته ضرور ڪي سبب هوندا! اهو خيال ذهن ۾ رکي لفظ محاوري جي اشتقاقي اکيڙ ڪجي ٿي:

محاوره:

محاوره- مُفاعِلہ- مصدر (حَارَ/ حَوَرَ = هن وراڻيو، هن موٽائي چيو) ڪنهن ڳالهه جي موٽ ڏيڻ- ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.

محترم محمد عمر چنڊ صاحب ’محيط المحيط‘ مان لفظ ’محاوره‘ جي وضاحت ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”حَاوَرَ جو اسم مصدر ٿيو ’محاورة‘، جنهن جي معنى ٿي ورندي، وراڻي (جيڪا ڳالهه ورائي چئجي يعني جواب) مڪالمه يا مباحثه. انهيءَ ڪري جو هڪڙي ماڻهوءَ ڪا ڳالهه چئي، ان جي ورنديءَ ۾ ڪنهن ٻي ڳالهه چئِي، اهڙيءَ طرح ڳالهه ٻولهه جي ڏي وٺ جاري ٿي... اڪثر عربي ڊڪشنرين جيڪي ’محاورة‘ جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڄاڻايون آهن سي آهن: ڪنوَرسيشن، ڊايالاگ، ڊبيٽ، ڪانفرنس، ٽاڪ، آرگيومينٽ.“ (چنڊ، ۲۰۰۴ع : ۶۲ ۽ ۶۳)

جامع سنڌي لغات موجب: ”محاورو- ج- محاورا (ع. حَوَرَ = هن ورائي چيو) گفتگو- ٻول چال- ڳالهه ٻولهه- سوال جواب- علم نَحوَ موجب اهو جملو جنهن جي لفظي معنى هڪڙي هجي ته ڪنايةً معنى ٻي هجي مثلاً: ’اکيون پورڻ، بيشرم ٿيڻ، مرڻ‘ وغيره. اصطلاح- ورجيس- استعمال- اڀياس- ساڌنا- مشق- آزمودو- تجربو.“ (بلوچ، ۱۹۸۸ع : ۲۶۱۶)

جان پليٽس جي اردو، ڪلاسيڪل هندي ۽ انگريزي ڊڪشنريءَ موجب:

محاوره n. of حاور To return answer for answer; to hold a dialogue; dialogue- conversation- conference: - idiom- phraseology- common or current speech; usage; practice; habit .... (Platts, 2003: 1007)

فرهنگ آصفيه موجب: ”مُحاوره (ع) :- هم ڪلامي- باهمي گفتگو- بول چال- بات چيت- سوال جواب- اصطلاح عام- روزمره- اهو ڪلمو يا ڪلام جنهن کي چند ثقات (قابل اعتبار ماڻهن) لغوي معنى جي مناسبت يا غير مناسبت سان ڪنهن خاص معنى لاءِ مختص ڪيو هجي جيئن ’حيوان‘ مان مراد ’ڪل جاندار‘ مقصود آهن ۽ محاوري ۾ غير ذو العقول تي ان جو اطلاق ٿئي ٿو ۽ ذو العقول کي انسان چئجي ٿو- عادت- مهارت- مشق- ربط- اڀياس. (سيد، ۲۰۰۲ع : ۳۰۳)

لفظ ’محاوري‘ جي اشتقاق ۽ مختلف لغتن مان جيڪا معنى ۽ مفهوم سامهون اچي ٿي تن مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته لفظ ’اصطلاح‘ ۽ ’محاورو‘ ٻه مختلف اسم آهن، يقيناً انهن جي استعمال ۾ به فرق هوندو. ان حوالي سان محترم اعجاز احمد ميمڻ صاحب تازو پنهنجي هڪ مقالي ’سر پرڀاتيءَ ۾ ڪم آندل اصطلاحي ٻوليءَ‘ ۾ اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ هو صاحب لکي ٿو ته: ”لفظن جي بنياد ۽ ان جي استعمال مان واضح ٿئي ٿو ته اصطلاح ڪنهن لفظ جي حقيقي معنى نه ٿو ڏئي، جڏهن ته محاورو ڳالهه ٻولهه ۾ آيل جملي جي اهڙي جز کي چئي سگھجي ٿو جيڪو اصطلاح جي گھاڙيٽي جهڙو ته آهي ليڪن اهو جملي جو جز پنهنجي حقيقي معنى ڏئي ٿو.“

محترم ميمڻ صاحب انهن Terms کي آسان ڪرڻ لاءِ هيٺيان مثال ڏئي ٿو:

ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ - (اصطلاح)

ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ - (محاورو)

انهن مثالن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”پهرين مثال ۾ ’ڪلهو ڪلهو سان ملائي هلڻ‘ وارو جملي جو جز پنهنجي حقيقي معنى ان حوالي سان نه ٿو ڏئي سگھي، جو ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ ۾ ڪا رواني پيدا ڪانه ٿيندي، بلڪه اهو عمل تهائين ڏکيو ٿي پوندو؛ اهڙي انداز سان هلڻ ۾ ضرور ڪٿي جھول پوندي يا اٽڪاءَ جي صورت ۾ قط پوندو. ان صورت ۾ ان کي اصطلاح ئي چئي سگھجي ٿو، جنهن جي معنى بيهندي: هڪٻئي جي ڏکن سکن ۾ شامل حال رهڻ. جڏهن ته ٻئي مثال ۾ ’ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ‘ پنهنجي حقيقي معنى ان صورت ۾ به ڏئي سگھي ٿو جيئن نماز وغيره ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهبو آهي؛ يعني هن فقري ۾ جملي جو جز پنهنجي حقيقي معنى سان به سلهاڙيل آهي. ان صورت ۾ مذڪوره جملي جي جز کي محاورو چوڻ روا ٿيندو؛ ڇو ته اهڙا جملي جا جز اسان جي ڳالهه ٻولهه يا عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جو حصو آهن.“ (ميمڻ، ۲۰۰۹)

محاوري لفظ جي اشتقاق ۽ مختلف لغتن جي ورق گرداني مان اهو ئي معلوم ٿيو ته محاوري لفظ جي ٿلهي ليکي معنى ۽ مفهوم ’ڳالهه ٻولهه‘ ۽ ’گفتگو‘ آهي. ان سببان ڪافي لسانيات جا ماهر ٻوليءَ جي مختلف لهجن لاءِ به لفظ ’محاورو‘ ڪم آڻيندا آهن. ان مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته عام گفتگوءَ ۾ جيڪو سڌو سنئون ’گفتي‘ طور لفظ يا لفظن جو مجموعو سڌي سنئين معنى ۾ ڪم آڻجي ٿو تنهن کي محاورو چوڻ ڪنهن حد تي درست آهي. اهڙو خيال محترم آفتاب ابڙي جي ترتيبيل ’جونئر اسڪول ڊڪشنري‘ جي چند لفظن مان به ملي ٿو؛ ان لاءِ سندس ترتيبيل ڊڪشنريءَ مان سندس پاران ڄاڻايل ’محاورا‘ سامهون رکي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي:

محاورا:

آئي ويل ڪم اچڻ = ڏکيءَ ويل ڪم اچڻ، ضرورت وقت مدد ڪرڻ.

اڀرندي تاءُ ڪرڻ = شروعات ۾ جوش ڏيکارڻ، منڍ ۾ ئي جوهر ڏيکارڻ.

اجاگر ڪرڻ = وڌيڪ چٽو ڪرڻ، واضح ڪرڻ.

(مذڪوره جزي ’اجاگر ڪرڻ‘ کي محاوري يا اصطلاح ۾ آڻڻ سان لفظ جي فعلي مصدر ڏک ڪندي. راقم)

اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ = تمام جلد ٿيڻ.

اَلي وڃڻ = ڪوڙ هڻي وڃڻ، نٽائي وڃڻ.

اُونو هئڻ = فڪر هئڻ.

تڏي تي وهڻ = عذر خواهي ڪرڻ- پٿر تي ويهڻ- ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ.

ترت توبهه ڪرڻ = جلدي توبهه تائب ٿيڻ، جلدي بانءِ ڪرڻ، فوراً آزي مڃڻ.

تڙ تڪڙ ڪرڻ = تمام جلدائي ڪرڻ، هڙد گڙد ڪرڻ.

تکو ٿيڻ = تيز ٿيڻ، ڪاوڙ مان ڳالهائڻ، وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻ.

(هن ۾ پڻ لفظ ’تکي‘ کي مصدري صورت ۾ آندو ويو آهي، ان سبب ان جو شمار ڪرڻ بيڪار آهي. راقم)

ٿيلهي جو منهن کولڻ = تمام گھڻو خرچ ڪرڻ، سخا ڪرڻ.

ٽاري ڇڏڻ = لنوائڻ، ٽرڪائي ڇڏڻ.

ٽانءِ ۾ ڀرجڻ = مغرور ٿيڻ، وڏائي ڪرڻ.

ٽپڙ ٽيشن تي هئڻ = وڏو نقصان ٿيڻ، پاڻ وٽ ڪجھ به نه بچڻ.

(هي محاوري نه پر اصطلاح جي زمري ۾ ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جز جي سڌي سئين مراد نه ورتي ويندي آهي. راقم)

ڀنڊي ٻارڻ = پچر نه ڇڏڻ، کٽ ڦٽ لائڻ، فتنو اٿارڻ.

ٿڌو ٿيڻ = ٺرڻ، غصو ڇڏڻ، ڪاوڙ ختم ڪرڻ، سانت ۾ اچڻ.

ٽڪو ملهه ڪرڻ = سخت بيعزتو ڪرڻ، ٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ.

ٺڪي ٺوڪي وٺڻ = جاچي جوچي وٺڻ، ڏسي وائسي کري شيءِ وٺڻ.

پرائي پچار ڪرڻ = ٻين جي گلا ڪرڻ، ٻين جي غيبت ڪرڻ.

پڪو پهه ڪرڻ = پڪو ارادو ڪرڻ، پختو عزم ڪرڻ.

پنهنجو مٽ پاڻ هئڻ = بي مثل هئڻ، ڪو ثاني نه هئڻ، ڪو جوڙ جيس نه هئڻ.

سندس ڊڪشنريءَ ۾ جيڪي اصطلاح ڏنل آهن تن مان چند هيٺ رکي تقابلي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪو نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو:

اصطلاحَ:

اُڀ ڏارڻ = وڏيون دانهون ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، ٻٽاڪون هڻڻ، ڊاڙون هڻڻ.

(’اڀ ڏارڻ‘ ۽ ’اڀ ڦاڙڻ‘ الڳ الڳ اصطلاح آهن، پهرين جي معنى رڙيون ڪرڻ ۽ ٻئي جي معنى ڊاڙون هڻڻ. ’راقم‘)

اڀ ڦاڙي وجھڻ = وڏو ڪم ڪري ڏيکارڻ، وڏي خطري وارو ڪم سر انجام ڏيڻ.

اکيون کتل هئڻ = انتظار ۾ هئڻ، اوسيئڙي ۾ رهڻ.

اکين تي رکڻ = تمام گھڻي عزت ڏيڻ، تمام گھڻو احترام ڪرڻ.

بار رکڻ = ڪنهن ڪم لاءِ سفارش ڪرڻ، ذميداري سونپڻ، ڪنهن ڪم لاءِ مجبور ڪرڻ.

بت کان بيزار ٿيڻ = پنهنجو پاڻ کان ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ، بيزار هئڻ.

ٻارڻ ٻرڻ = آزار مچڻ، ظلم ٿيڻ، تڪليف اچڻ.

ٻاڪر ڪٽو ڪرڻ = ٻارن کي مارڪٽ ڪرڻ، مانڌاڻ وجھڻ، ٽاڪوڙو وجھڻ.

ٻانهن ڀڄائڻ = پرائي زال کڻي وڃڻ، ڪا عورت اغوا ڪرڻ.

ٻانهن ڏيڻ = مدد ڪرڻ، واهر ڪرڻ.

(اصطلاح ’ٻانهن ڏيڻ‘ جي معنى ڪنهن کي سزا ڏيڻ ؛ رشتو ڏيڻ؛ مدد لاءِ ماڻهو ڏيڻ به آهي. راقم)

ڀاڳ کلڻ = بخت کلڻ، پُکي ۾ ڪجھ پوڻ، دولت ۾ برڪت پوڻ.

ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ = حصا ڪرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، ورهائڻ.

(اصطلاح ’ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جي معنى ڪنهن کي سيکيت ڏيڻ آهي؛ حصا ڪرڻ ان جي لفظي معنى آهي. راقم)

ڀڙڪائڻ = هشي ڏيڻ، برغلائڻ، خلاف ڪرڻ.

(هن لفظ جو شمار فعلي مصدر ۾ ٿئي ٿو، ان کي اصطلاح چوڻ روا ناهي. راقم)

ڀؤ ڀولو هئڻ = ڊپ ڊاءُ هئڻ.

ڀيلو منهن ڪرڻ = شرمسار ٿيڻ، ڦڪو ٿيڻ، لڄي ٿيڻ.

(اصطلاح ’ڀيلو منهن/ ٻوٿ ڪرڻ‘ جي معنى عام طور نااميد ٿيڻ، بي همت ٿيڻ جي ورتي ويندي آهي. راقم)

ٺلها ٺڪر = خالي ٿانوَ، سڃائي.

(هن ترڪيب ’ٺلها ٺڪر‘ کي اصطلاح جي زمري ۾ نه ٿو آڻي سگھجي. راقم)

ثواب کٽڻ = نيڪ ڪم ڪرڻ، ڪنهن ضرورت مند جي گھرج پوري ڪرڻ.

(اصطلاح ’ثواب کٽڻ‘ جي معنى عام طور پاڻي پيارڻ جي آهي، نيڪ ڪم ڪرڻ لفظي معنى آهي. راقم)

پيٽ ۾ وٽ پوڻ = پيٽ ۾ سور پوڻ، پيٽ ۾ زوردار گڙ ٻڙ ٿيڻ. (ابڙو، ۱۹۹۲ع)

(اصطلاح ’پيٽ ۾ وٽ پوڻ‘ جي معنى ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ آتو هجڻ، ڪا لالچ هجڻ آهي؛ سور پوڻ ان جي لفظي معنى آهي. راقم)

مٿيان چند ڄاڻايل محاورا ۽ اصطلاح آفتاب ابڙي جي ترتيبيل ڊڪشنريءَ مان کنيا ويا آهن، انهن قريب صورت وارن لفظن يا لفظن جي مجموعي ۾ ڏيکاريل فرق مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته آفتاب ابڙي صاحب ضرور ان لاءِ ڪو ذهن ٺاهيو هوندو، ليڪن مهاڳ وغيره ۾ ان جو ڪو به ميزان ڪونه ڏنو اٿس ۽ نه وري انهن جو ڪو اشارو ئي ڏنو اٿس؛ منهنجي قليل مطالعي موجب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘ ۽ آفتاب ابڙي جي ترتيبيل ’ڊڪشنري‘ اهي ٻه ڪتاب آهن جنهن ۾ اصطلاح ۽ محاورا الڳ الڳ ڪري ڏيکاريا ويا آهن.

آفتاب ابڙي جيڪو خيال ٺاهيو هوندو، سو شڪ جي بنياد تي سندس ڄاڻايل هڪ- ٻن محاورن ۽ اصطلاحن جي ڇنڊ ڇاڻ آڌار سامهون آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪجي ٿي:

آئي ويل ڪم اچڻ = ڏکيءَ ويل ڪم اچڻ، ضرورت وقت مدد ڪرڻ.

اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ = تمام جلد ٿيڻ.

ڄاڻايل جملي جي جز ’آئي ويل ڪم اچڻ‘ جي لفظي معنى ’آيل وقت تي ڪم اچڻ‘، آيل وقت ڏکيو به ٿي سگھي ٿو ته سکيو به ٿي سگھي ٿو؛ ڇو ته انسان جي فطرت موجب ڏکئي وقت تي به مٽن مائٽن ۽ گھڻگھرن دوستن جي ضرورت پوي ٿي ته خوشين وارين سکين ڏينهن ۾ به ساڳين محبن جي ضرورت پوي ٿي. ان ليکي تحت هي جملي جو جز جيڪو فعلي شڪل ۾ اصطلاح جهڙو ته آهي، ليڪن سڌي سنئين معنى ۽ مفهوم آڌار، ’اصطلاح‘ کان معنوي فرق تحت مختلف آهي. جنهن بنياد تي اهو چئي سگھجي ٿو ته اهڙو جملي جو جز جيڪو معنوي فرق تحت اصطلاح کان مختلف آهي ته يقيناً ان لاءِ ڪو ٻيو Term هئڻ کپي؛ يعني ’گفتو‘، ’ڳالهه ٻولهه لاءِ ڇڙيل ڇنڊيل جملي جو جز‘، ’گفتگوءَ ۾ پختي ترڪيب‘ وغيره. ان صورت ۾ اهڙو جملي جو جز جيڪو سڌي سنئين معنى ڏئي ان کي گفتو يا ’محاورو‘ چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. سندس ٻيو ڄاڻايل محاورو ’اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ‘ وارو جملي جو جز به سڌي سنئين معنى ڏئي ٿو، جنهن کي پڻ سندس خيال مطابق محاورو چوڻ روا آهي. هونئن به اهو لفظ ’اصطلاح‘ جي بدل ۾ هندستاني/ اردو ٻولين ۾ اسان وٽ برصغير ۾ اڳيئي رواج ۾ آهي.

مبادا ابڙي صاحب اصطلاح ۽ محاوري ۾ مٿي بيان ڪيل معنوي فرق جي بنياد تي انهن Terms کي ورهايو هجي. اهو متعين ڪيل شڪي خيال وري ان وقت لوڏو کائي ٿو وڃي، جڏهن متعين خيال موجب ابڙي صاحب جو ڄاڻايل محاورو معنوي فرق جي بنياد تي ’اصطلاح‘ واري متعين ڪيل خيال سان ٿو وڃي ٺهڪي؛ مثلاً: ’ تڏي تي وهڻ = عذر خواهي ڪرڻ- پٿر تي ويهڻ- ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ‘. جيڪڏهن محاوري جي متعين ڪيل خيال موجب ’تڏي تي وهڻ‘ جي سڌي سنئين معنى وٺبي ته ’تڏي تي وهڻ جون معنائون وڃي بيهنديون: ’تڏي تي ويهي پڙهڻ‘- ’تڏي تي ويهي ڪچهريون ڪرڻ‘- ’تڏي تي ويهي عبادت ڪرڻ‘- ’ڄمي وهڻ‘- ’تڏو سرهو ڪرڻ‘ وغيره. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’تڏي تي وهڻ‘،’تڏو وڇائڻ‘، ’تڏو ڪرڻ‘، ’تڏو کڻڻ‘ وارا اصطلاح فوتگيءَ سان نسبت رکن ٿا، ان صورت ابڙي صاحب جو ڄاڻايل محاورو ’تڏي تي وهڻ‘ رواجي معنى جي لحاظ کان ’اصطلاح‘ جي زمري ۾ اچي ٿو.

جيڪڏهن ابڙي صاحب جا اصطلاح کڻي جاچجن ٿا ته انهن ۾ به ڪٿي ڪٿي جھول محسوس ٿئي ٿي، هت اسان جو معنى ۽ مفهوم جي درستگيءَ جو هجڻ وارو بحث ڪونهي صرف اهو ئي آهي ته ڄاڻايل اصطلاح، اصطلاح به آهن يا ڪا ٻي حيثيت رکن ٿا؛ جيئن:

بت کان بيزار ٿيڻ = پنهنجو پاڻ کان ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ، بيزار هئڻ.

ڀاڳ کلڻ = بخت کلڻ، پُکي ۾ ڪجھ پوڻ، دولت ۾ برڪت پوڻ.

ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ = حصا ڪرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، ورهائڻ.

ڀڙڪائڻ = هشي ڏيڻ، برغلائڻ، خلاف ڪرڻ.

ڀؤ ڀولو هئڻ = ڊپ ڊاءُ هئڻ.

ٺلها ٺڪر = خالي ٿانوَ، سڃائي. (ابڙو، ۱۹۹۲)

ماهرن جي’اصطلاح‘ لاءِ متعين ڪيل معنى ۽ مفهوم آڌار جڏهن ابڙي صاحب جي ڄاڻايل اصطلاحن کي تورجي ٿو ته مذڪوره جملي جا جز اصطلاح جي زمري ۾ لڙڪي پون ٿا. ڇو ته ’بت کان بيزار ٿيڻ‘، ’ڀاڳ کلڻ‘، ’ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ‘ ۽ ’ڀؤ ڀولو هئڻ‘جون سڌيون سنئيون معنائون ئي وٺبيون آهن؛ جڏهن ته ’ڀڙڪائڻ‘ سڌي سنئين فعلي مصدر وارو لفظ آهي، ان جو ڪنهن به Term سان ڪو خاص واسطو ناهي، باقي مرڪب لفظ ’ٺلها ٺڪر‘ کي محاوري جي درجي ۾ آڻبو ته به ٺيڪ رهندو.

البته ابڙو صاحب ’ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ‘ جي ڪيل معنى تان جيڪڏهن هٿ کڻي ۽ ’ڪنهن کي سيکيت ڏيڻ‘ جي معنى سان سهمت ٿئي ته پوءِ ان کي اصطلاح چئي سگھجي ٿو.

اصطلاح ۽ محاوري جي فرق کي جاچڻ لاءِ جڏهن ابڙي صاحب جي ترتيبيل ڊڪشنريءَ تي نظر ڌرجي ٿي ته اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سندس ڄاڻايل ’اصطلاحن‘ ۽ ان جي هم شڪل ’محاورن‘ جي ورهاست ۾ ڪافي جھول آهي. البته، سندس ڄاڻايل اصطلاحن ۽ محاورن جي الڳ الڳ گڏيل وزن مان ٿلهي ليکي اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته:

اصطلاح:

اهو جملي جو جز جيڪو سڌي سنئين معنى کان هٽي ڪري عام مروج معنى رکي.

اصطلاح جو گھاڙيٽو فعلي صورت ۾ هجڻ کپي.

اصطلاح فعلي صورت کان سواءِ به ٿي سگهي ٿو، جيئن: ٺلها ٺڪر. (ص:۹۲)

محاورو:

اهو جملي جو جز جنهن جو مفهوم لغوي معنى سان به سلهاڙيل هجي.

محاوري جو گھاڙيٽو به فعلي صورت ۾ هجڻ کپي.

محاورو فعلي صورت کان سواءِ نه ٿو ٿي سگھي.

 

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب لفظ محاوري بابت پنهنجو خيال هيٺين ريت جوڙيو آهي: ”محاورا به چوڻين ۾ ئي شمار ٿين ٿا، جن جي مختصر ترڪيب باعث انهن کي ’ننڍڙا پهاڪا‘ چئي سگھجي ٿو. محاورن ۾ به ساڳي طرح لفظن جي ظاهري معنى هڪڙي هوندي آهي، ليڪن حقيقي معنى ٻي ورتي ويندي آهي. مثلاً گونگي گانءِ، انڊ جو بنڊ، سهي جي کل، دٻي ۾ ٺڪريون، نانيءَ ويڙهو وغيره. محاورو ترڪيبي لحاظ کان نه پورو جملو آهي ۽ نه وري اصطلاحن جيئن مصدر مطابق جملن ۾ ڦيرو کائيندو آهي، تاهم اهو پهاڪن وانگر ئي ٻوليءَ ۾ سالم صورت ۾ ڳالهائبو آهي.“ (عرساڻي، ۱۹۹۷ع :۲۰)

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جيڪو اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن کي هيٺين ريت رکي سگھجي ٿو:

اصطلاح:

مبادا سندس خيال هجي ته اهو جملي جو جز جيڪو سڌي سنئين معنى کان هٽي ڪري عام مروج معنى رکي.

مبادا سندس خيال هجي ته اصطلاح ۾ مصدري صورت ڪم آندي ويندي آهي.

محاورو:

محاورن ۾ لفظن جي ظاهري (لغوي) معنى کان هٽي ڪري حقيقي (عام مروج) معنى ورتي ويندي آهي، جيئن: گونگي گانءِ، سهي جي کل وغيره.

سندس مثالن آڌار سندس خيال آهي ته محاوري ۾ مصدري صورت ڪم نه آندي ويندي آهي ۽ اهي لفظ/ فقرا صورت نه مَٽائيندا آهن.

 

عرساڻي صاحب جيڪو ’محاوري‘ لاءِ خيال جوڙيو يا ان جي وضاحت ڪئي تنهن وري ابڙي صاحب جي خيال جي جهڙوڪر نفي ڪري ڇڏي؛ ابڙي صاحب ته عرساڻي صاحب جي ڏسيل محاوري جي گھاڙيٽي جهڙي فقري ۾ به اصطلاح لفظ ڪم آندو آهي، جيئن: ’ٺلها ٺڪر‘. عرساڻي صاحب محاوري جي وصف ڏيندي ڪا به ڇنڊ ڇاڻ ڪانه ڪئي ۽ منهنجي خيال مطابق هن کي ڪنهن ڪتاب ۾ ان طرز جي ڪا وصف به ڪانه ملي هوندي. بهرحال هن صاحب جيڪو خيال جوڙيو آهي تنهن کي جاچڻ لاءِ مرليڌر صاحب جي ڄاڻايل Term ’ورجيس‘ کي جاچڻو ۽ ان جو تقابلي جائزو ڪرڻو پوندو. مٿي ڄاڻايل ٻن ماهرن جي مختلف راين مان اهو خيال ضرور اڀري ٿو ته ’اصطلاح‘ ۽ ’محاورو‘ ٻه الڳ الڳ اصطلاحي جزا آهن.

بهرحال، اصطلاح ۽ محاوري جي ڇنڊ ڇاڻ بعد جيڪي نتيجا اخذ ٿين ٿا سي وري ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جي ان خيال جي نفي ڪن ٿا ته ’اصطلاح يا محاورو‘ برابر آهي. ڊاڪٽر شمس الدين ’محاوري‘ لاءِ جيڪو گھاڙيٽو ڪم آندو آهي، تنهن کي ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ’وَرجيس‘ جي زمري ۾ آڻي ٿو. بهتر آهي ته لفظ ’ورجيس‘ جو مطالعو ڪري ڪو چڱيان نتيجو ڪڍجي.

ورجيس:

سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي جي جز طور هڪ ٻيو Term ’ورجيس‘ پڻ ڪم آندو ويندو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر صاحب ان جي اکيڙ هن ريت ڪئي آهي: ”محاورو يا اصطلاح، معنى جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آهي. حقيقت ۾ ورجيس اهڙو لسانيات استعمال آهي، جيڪو اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، پر اهو ڪنهن خاص روپ ۾ مروج ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري ٻين مروج استعمالن وانگر ان کي به ايڪائي وصف حاصل ٿي ويندي آهي. مطلب ته ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ مطابق ڦير گھير ڪري نه ٿا سگھون. اردوءَ جي عالمن اهڙن استعمالن کي ’روزمره‘ يا ’بول چال‘ نالو ڏنو آهي. مثال طور: ’ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ‘ هڪ ورجيس آهي، جيڪا اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندي آهي.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۵۵)

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي ڄاڻايل ’ورجيس‘ جي مثال آڌار وصف هوبهو ڊاڪٽر عرساڻيءَ واري ڄاڻايل ’محاوري‘ واري آهي. ممڪن آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ورجيس‘ مستعمل نه هجڻ سبب ان لاءِ ’محاورو‘ ڪم آندو ويو هجي/ ايندو هجي. بهتر آهي ته ’ورجيس‘ جي بنياد تي نظر رکي ’محاوري‘ سان تقابلي ڀيٽ ڪري ڪو نتيجو ڪڍجي!

جامع سنڌي لغات موجب: ’ورجيس‘:- رسم- رواج- دستور- پَر- هلي چلي- عادت. تهذيب. خيال- فڪر- الڪو- انتظار- هار سينگار جو شوق- ٺاه ٺوه جو شوق- سنڀال- حفاظت. جاچ. صرفو. مرجاتا. اصطلاح (جنهن جي لفظي معنى هڪڙي آهي ۽ رواج موجب ٻي)- جڳت. (بلوچ، ۱۹۸۸ع : ۲۹۳۹)

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ورجيس کي جامع لفظ ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”ورجيس جي علمي معنى محاورو يا اصطلاح آهي … لغت جي روءِ کان ورجيس لفظ جي معنى آهي لباس پهريل ٻولي.“ (عرساڻي، ۱۹۹۷ع : ۱۳)

ڊاڪٽر سنديلو صاحب اصطلاح ۽ ورجيس کي ساڳي ڳالهه ڄاڻائيندي ان جي بنياد تي لکي ٿو ته: ”ورجيس، سنسڪرت ’ورج‘ ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي: چونڊڻ، پسند ڪرڻ. يعني: ٻن معنائن مان هڪ چونڊڻ.“ (سنديلو، ۱۹۹۳ع : ۱۲)

ڊاڪٽر جيٽلي موجب: ”منهنجي ويچار ۾ انهيءَ ورج جو سنسڪرت ۾ بنياد آهي ’ورت‘ ڌاتو. ان جون گھڻيئي معنائون آهن جن مان ڪجھ هن ريت آهن: هئڻ= ٿيڻ- ڦرڻ- موٽڻ (ڀيٽيو- سنڌي فعل ورجائڻ) گذر ڪرڻ- ريت رواج ۾ هئڻ. ان مان اسم ٺهيل آهي ’ورت‘ جيڪو لفظن جي خاص استعمال يا طاقت لاءِ پڻ استعمال ڪبو آهي. ورج- ورجس- ورجيس پڻ اهو استعمال آهي، جيڪو ڪنهن ٻوليءَ جي رواج ۾ مشهور آهي ۽ بار بار ساڳئي نموني دهرايو وڃي ٿو.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۵۶)

’ورت‘ بنياد مان ’وارتا‘ معنى ’بات‘، ’سماچار‘، ’وائي‘ (سنديلو، ۱۹۸۰ع : ۲۷۱) ساڳئي بنياد مان ’وَرتا‘ جي معنى ’گفتار‘- ’ڳالهاءُ‘ (بلوچ، ۱۹۸۸ع : ۲۹۳۸) ڄاڻايل آهي. لفظ ’ورتاءُ‘ به ساڳئي بنياد مان ورتل آهي ۽ ان جي معنى ’رسم رواج‘ (ڦرڙو، ۲۰۰۷ع : ۲۸۳) ’هلت چلت‘، ’طور طريقو‘، ’سڀاءُ‘، ’رويو‘ (ابڙو، ۱۹۹۲ع : ۳۰۴) وغيره.

لفظ ورجيس جي جڏهن معنى عالمن وٽ ۽ لغتن ۾ ڏسجي ٿي، تنهن ۾ به ڪافي اختلاف نظر ٿا اچن، البته چاليهين پتي ضرور ملي ٿي. اهو سٽ سلجھائڻ به سولو ڪم ڪونهي، بهرحال ’جامع سنڌي لغات‘ تي ئي اڪتفا ڪجي ٿو، جنهن جون معنائون گھڻي قدر مڙني جي نمائندگي ڪن ٿيون.

لفظ ’ورجيس‘ جي اکيڙ مان جيڪو نتيجو نڪتو، ان مان معلوم ٿيو ته ’محاوري‘ ۽ ’ورجيس‘ جي معنى گھڻي قدر پاڻ ۾ مطابقت رکي ٿي. تنهن لاءِ جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌي ٻوليءَ کي ’پيڪن‘ ڏانهن ڇڪڻ وارن ساڳئي نوعيت رکندڙ جملي جي جز کي ’ورجيس‘ سڏيو آهي ۽ ٻوليءَ کي ’ساهرن‘ ڏانهن گـِﻫـلڻ وارن ’محاورو‘ لفظ ڪم آندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪوبه هڪ لفظ متعين ڪجي يا ٻنهي کي ساڳيو تسليم ڪيو وڃي. اهڙي راءِ ٺاهڻ لاءِ به مختلف عالمن جي ڪيل ڪم تي تنقيدي نظر رکڻ ضرور آهي؛ ورجيس جي معاملي ۾ پهريائين ڀيرومل جي ڪيل ڪم تي مختصر نظر رکجي ٿي:

ڀيرومل صاحب ’گلقند‘ جي ٻئي ڀاڱي ۾ ’اصطلاح يا ورجيسون‘ عنوان ۾ ’اصطلاح‘ ۽ ’ورجيسون‘ گڏي ڏنيون آهن، بلڪه سندس عنوان مان ئي ظاهر آهي ته ڀيرومل صاحب ’اصطلاح‘ ۽ ورجيسن کي ساڳي ڳالهه ڀانئي ’اصطلاح يا ورجيسون‘ عنوان رکيو آهي. (ڀيرومل، ۱۹۲۸ع : ۱۲۹) سندس ڄاڻايل چند ’جملي جا جز‘ ورڇ ڪري هيٺ خيال خاطر رکجن ٿا:

اصطلاح:

آبرو ڌوپي ويس = عزت بنهه ويس.

آڏو ڦرڻ = ابتڙ هلت ڪرڻ.

آر ڪم ڪرڻ = بي فائدا ڪم ڪرڻ.

آسمان يا اڀ مان تارا لاهڻ = ڏکيو ڪم ڪرڻ.

ابتا ٽوپا ڏيڻ = اڍنگي هلت ڪرڻ.

ورجيس:

آڏ وڏائي = شروع کان وڏن جي ريت.

آلو نور = نڪمو.

آنڊو = اولاد.

آنڊي جي ڄر = اولاد جي وڇوڙي سببان درد

آءٌ ۽ ڪانءُ = آءٌ اڪيلو يا هڪڙو ڄڻو.

(ڀيرومل، ۱۹۲۸ع : ۱۲۹، ۱۳۰ ۽ ۱۳۱)

ڀيرومل صاحب جا ڄاڻايل ’اصطلاح يا ورجيسون‘ کي مختلف گھاڙيٽن جي شڪل آڌار ورڇي رکڻ مان مراد اها آهي ته اصطلاح ۽ ورجيس لاءِ ڪو ميزان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي.

ڀيرومل صاحب ’وڏي سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ به ساڳي پر هليو آهي، هو صاحب باب ٻائيتاليهين ۾ ساڳيو عنوان ’اصطلاح يا ورجيسون‘ ڏنو آهي. تن مان چند اصطلاح ۽ ورجيسون ورڇي، ڇنڊ ڇاڻ لاءِ سامهون رکجن ٿيون:

اصطلاح:

اڀ ڦاڙڻ = ٻٽاڪ يا يٽ (زٽ) هڻڻ.

اڀ ۾ ترارون هڻڻ = وت کان ٻاهر هلڻ.

اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ = سچي ڳالهه ظاهر ٿيڻ.

الهو ٻلهو ڪرڻ = مٿاڇرو ڪم ڪرڻ

ڊسڙ ۾ پير هڻڻ = سڌي جواب ڏيڻ کان نٽائڻ.

ورجيس:

اٽي پاءُ کائيندڙ = رواجي سمجھ وارو.

اٽي جو ڏيئو = ڊڄڻو.

اٽي ۾ لوڻ = بلڪل ٿوري انداز ۾.

اڻ گھڙيو ڪاٺ = بي آزمودگار يا مورک ماڻهو.

ٻاهتريو آهي = عقل کٿو يا گھٽ ٿيو اٿس.

(ڀيرومل، ۱۹۸۵ع : ۲۶۰ کان ۲۶۷)

ڀيرومل صاحب جا ٻنهي ڪتابن مان اڳوواڙي چونڊيل چند اصطلاح ۽ ورجيسون الڳ الڳ رکي جيڪو فرق نمايان نظر ٿو اچي سو هيٺين ريت آهي:

اصطلاح:

هن جملي جي جز کي فعلي مصدر ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

هن جملي جي جزي جي مفهوم کي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري ورتو ويو آهي.

هن جملي جي جزي ۾ تشبيه يا استعاري ڪم آيل ڪونهي، بلڪه فعلي صورت ئي رکي وئي آهي

ورجيس:

هن جملي جي جز کي فعلي مصدر کان الڳ ڪيو ويو آهي.

هن جملي جي جزي کي پڻ لغوي اعتبار کان هٽي ڪري ورتو ويو آهي.

هن جملي جي جزي ۾ تشبيه يا استعاري کان به ڪم ورتو ويو آهي.

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب محاوري (واضح رهي ته ڊاڪٽر صاحب جي نظر ۾ اصطلاح ۽ محاورو ساڳي جزي جا ٻه نالا آهن) ۽ ورجيس ۾ واضح فرق ڄاڻائڻ لاءِ مثالن آڌار لکي ٿو ته: ”محاوري وانگر ورجيس پڻ هڪ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي. ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته محاورو اکري معنى بدران ٻي معنى ڏيندو آهي، پر ورجيس پنهنجي اکري معنى ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۶۷)

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ورجيسن جا جيڪي ونڊي ورڇي مثال ڏنا آهن تن کي هيٺئين وچور موجب سامهون رکجن ٿا:

ٻٽا لفظ: ڏٽو مٽو، ڀاڙو ڀتو، تيوڻ تلهو، ڇوڪر ٻاڪر، جوڙ جڪ، اٿ ويهه، لهه چڙه، اچ وڃ، پنج ڇهه، ٻه- ٽي، شربت- ٻربت، پاڻي- ٻاڻي.

ڀيٽ ڏيکاريندڙ لفظي ميڙ: اڇو جهڙو کير، ٿڌو جهڙو برف، مٺو جهڙو ماکي، ڪارو جهڙو ڪوئلو، شينهن وانگر بهادر، جبل جيان اڏول، ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ، اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت، سانڊي وانگر رنگ بدلائڻ، ڇتي ڪتي وارا چڪ پائڻ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦرندو رهڻ، ڍڳي وانگر وهڻ.

جانورن، پکين جا آواز ڄاڻائيندڙ لفظ: گڏه جي هينگ، گھوڙي جي هڻڪار، تتر جي تنوار، ٻليءَ جي ميائون ميائون، ڪڪڙ جي ڪڪڙو ڪو يا ٻانگ، ڪتي جي ڀونڪ، ڪانءَ جي ڪان ڪان.

اڳياڙين ۽ پڇاڙين وسيلي جڙيل مرتب لفظ: هر روز يا روز روز، غير ضروري، غير واجب، ناجائز، سنجيدگي، تازگي، اوسر يا اوڀر.

(جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۶۷، ۶۸)

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب اهي مثال ڏيڻ بعد اها به وضاحت ڪئي آهي ته: ”ورجيسن کي اردوءَ جي عالمن ’طرز ِ ڪلام، روز مره يا بول چال‘ سڏيو آهي.“ (جيٽلي، ۱۹۹۶ع : ۶۸)

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي اردوءَ واري وضاحت ان خيال کان به اڻٺهڪندڙ ٿي محسوس ٿئي ته اردوءَ ۾ اهڙن ٻوليءَ جي اصطلاحن جي ڪا حد بندي مقرر ڪانهي، اردوءَ ۾ لفظ ’اصطلاح‘ صرف Term طور ڪم ايندو آهي، ٻوليءَ ۾ جملي جي جز طور صرف لفظ ’محاورو‘ ئي ڪم آندو ويندو آهي. باقي ٻيا لفظ عام آهن جن جو ڪو مقرر ميزان ڪونهي. هندستاني ٻولين سان ويجھڙائپ سبب ڊاڪٽر جيٽلي صاحب محاوري ۽ اصطلاح کي ساڳئي زمري ۾ آڻي ٿو. سندس ’ٻوليِءَ جٖي جزن‘ جي وضاحت ۽ مثالن آڌار هيٺين ريت تقابلي وصفون رکي سگھجن ٿيون:

اصطلاح:

اصطلاح اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي.

اصطلاح جملي جو اهڙو جز آهي جنهن ۾ فعلي مصدر ڪم اچي ٿي، جيڪا جملي ۾ زمان، ضمير ۽ عدد سبب ڦري ٿي.

محاورو:

اصطلاح ۽ محاورو ساڳي نوعيت وارن جزن جا نالا آهن.

اصطلاح ۽ محاورو ساڳي ڳالهه آهن.

ورجيس:

ورجيس اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندي آهي ۽ ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ مطابق ڦير گھير ڪري نه ٿا سگھون.

ورجيس جملي جو اهڙو جز آهي جيڪو زمان، ضمير ۽ عدد سبب نه ٿو ڦري، يعني هن ۾ فعلي مصدر ڪم نه ايندي.

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻوليءَ جي اصطلاحي جزن تي انجنيئر عبدالوهاب سهتي به ڪافي ڪم ڪيو آهي؛ صاحب موصوف ورجيسن جي پسمنظر ۽ انجي ڪارج تي ڪم ڪندي، ورجيس جي گھاڙيٽي بابت لکي ٿو ته: ”ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل ٽڪرو/ فقرو، جيڪو غير مڪمل جملو هئڻ سان گڏ، جملي ۾ استعمال ٿيڻ وقت ٻي معنى ڏيکاري، تنهن کي ورجيس چئبو آهي.“ (سهتو، ۲۰۰۳ع : ۱۵)

سهتي صاحب پڻ اصطلاح ۽ ورجيس ۾ فرق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن کي هيٺين ريت سامهون رکجي ٿو:

اصطلاح:

اهو فقرو جيڪو مصدر سان گڏ، جملي ۾ ٻي معنى ڏيکاري.

مصدر مان مراد فعلي صورت جيڪا گردان موجب ڦرندڙ رهندي.

ورجيس:

اهو فقرو جيڪو مصدر کان آجو هجي ۽ جملي ۾ ٻي معنى ڏيکاريندڙ هجي.

مصدر کان آجيءَ مان مراد فعلي گردان موجب ڪا به ڦير ڦار نه ايندي، فقرو ساڳيو رهندو.

مڙني عالمن ۽ ٻوليءَ جي ’جملي وارن جزن‘ تي ڪم ڪندڙ اديبن جي راين ۽ خيالن بعد جيڪا گڏيل نظر رکجي ٿي سا ڏاڍي پريشان ڪندڙ آهي. آفتاب ابڙي جي ڏنل هڪ مثال: ’ٺلها ٺڪر‘ سواءِ اصطلاح جي Term جي وضاحت تي تقريباً رايا ۽ خيال متفق آهن. البت، محاوري ۽ ورجيس ۾ ڪافي اختلاف سامهون آيا آهن. محاوري ۽ ورجيس ۾ ٿلهي ليکي مڙني عالمن جا رايا ۽ خيال سامهون رکي ڪنهن نتيجي تي رسي سگھجي ٿو:

ڀيرومل آڏواڻي:

محاورو: لفظ محاورو ڪم نه آندو اٿس، مبادا سندس خيال موجب اصطلاح ۽ محاررو ساڳي ڳالهه آهي.

ورجيس: اهو جملي جو جزو جنهن ۾ فعلي صورت نه هجي، ۽ مراد لغوي اعتبار کان هٽي ڪري وٺجي؛ هن ۾ تشبيه ۽ استعاري جو عمل دخل به آهي.

مرليڌر جيٽلي:

محاورو: اهڙو جملي جو جز جيڪو اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي. محاورو ۽ اصطلاح ساڳئي جملي جي جزن جا ٻه نالا آهن. فعلي مصدر ڪم اچي ٿي، جيڪا جملي ۾ زمان، ضمير ۽ عدد سبب ڦري ٿي.

ورجيس: ورجيس اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندي آهي ۽ ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ مطابق ڦير گھير ڪري نه ٿا سگھون. يعني هن ۾ فعلي مصدر ڪم نه ايندي.

عبدالڪريم سنديلو:

محاورو: محاوري بابت سنديلي صاحب جو ڪو رايو ڪونه ٿو ملي.

ورجيس: ورجيس، اصطلاح جو ٻيو نالو آهي.

شمس الدين عرساڻي:

محاورو: محاوري ۾ لفظن جي ظاهري (لغوي) معنى کان هٽي ڪري حقيقي (عام مروج) معنى ورتي ويندي آهي، جيئن: گونگي گانءِ، سهي جي کل وغيره.

ورجيس: ورجيس جي علمي معنى محاورو يا اصطلاح آهي (يعني ورجيس اصطلاح ۽ محاوري لاءِ جامع لفظ آهي.)

آفتاب ابڙو:

محاورو: اهو جملي جو جز جنهن جو مفهوم لغوي معنى سان سلهاڙيل هجي. محاوري جو گھاڙيٽو فعلي صورت ۾ هجڻ گھرجي.

ورجيس: ڪابه راءِ ڪانهيس.

عبدالوهاب سهتو:

محاورو: ڪا به راءِ سامهون ڪونهي

ورجيس: اهو فقرو جيڪو مصدر کان آجو هجي ۽ جملي ۾ ٻي معنى ڏيکاريندڙ هجي.

مٿين جملي جي جزن ۽ عالمن جي راين مان اندازو ٿئي ٿو ته هي هڪ منجھيل سٽ آهي، جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سڄي ساري کوٽ پوٽ مان هڪ ڳالهه اها به ظاهر ٿي ته جملي جي جزن جا به ڪافي نمونا آهن، جن جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ هيٺ ويچار ونڊن ٿا:

(الف) اهو ’جملي جو جز‘ آهي، جنهن جو گھاڙيٽو فعلي مصدر ۾ بيهي ٿو ۽ مراد لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻي رواج ۾ آندل ورتي وڃي ٿي؛ مثلاً: ’ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ‘.

(ب) اهو ’جملي جو جز‘ آهي، جنهن جو گھاڙيٽو فعلي مصدر ۾ بيهي ٿو ۽ مفهوم لغوي معنى سان به سلهاڙيل آهي؛ مثلاً: ’پرائي پچار ڪرڻ‘ يا ’پڪو پهه ڪرڻ‘

(ج) اهو ’جملي جو جز‘ آهي، جنهن جو گھاڙيٽو فعلي مصدر کان هٽي ڪري پڪي پختي گفتي وارو آهي، جنهن جي مراد لغوي معنى سان به سلهاڙيل هوندي آهي؛ جيئن: ’الله واري ورڇ‘ يا ’ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ‘

يعني ٻه جملي جا جز اهڙا آهن جيڪي فعلي مصدر سان ڪم آندا وڃن ٿا؛ تن ۾ هڪ لغوي معنى کان هٽي ڪري عام رواجي مراد رکي ٿو، ٻيو لغوي معنى سان سلهاڙيل آهي.

ٻيا ٻه، جملي جا جز اهڙا آهن جيڪي فعلي مصدر کان هٽي ڪري اڻ ڦرندڙ صورت ۾ رهن ٿا؛ تن ۾ به هڪ لغوي معنى کان هٽي ڪري عام رواجي مراد رکي ٿو، ته ٻيو لغوي معنى سان سلهاڙيل آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن چئني ’جملي جي جزن‘ لاءِ ڪي الڳ الڳ لفظ متعين ڪجن يا ڪا ويجھڙائپ رکندڙ ٻه ٻه ’جملي جا جز‘ گڏي ڪي به ٻه لفظ سيڙائجن! سي به ڪهڙا؟

لفظن جي لغوي کوٽ پوٽ ۽ اڀياس مان اهو سامهون آيو آهي ته عربي ٻوليءَ جا ٻه لفظ ’اصطلاح‘ ۽ ’محاوره‘ الڳ الڳ حيثيت رکن ٿا؛ ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي ته ساڳي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لفظ ساڳئي Term لاءِ ڪم آندا وڃن! اسان جي چند عالمن اصطلاح ۽ محاوري کي ساڳي ڳالهه ڄاڻايو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر جيٽلي جو نالو ڳڻي سگھجي ٿو، جنهن جو اهم سبب صاحب موصوف تي هندستاني/ اردو ٻولين جو اثر آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ Term ’اصطلاح‘ کي ’محاورو‘ کي تصور ڪيو ويندو آهي؛ ڪن سنڌي عالمن وري محاوري جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي، مبادا سندن خيال موجب اصطلاح ۽ محاورو ساڳي ڳالهه هجي، جن ۾ ڪاڪي ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر سنديلي جو نالو وٺي سگھجي ٿو. جن عالمن لفظ ’محاوري‘ کي الڳ Term طور ڪم آندو آهي تن ۾ ڊاڪٽر عرساڻي ۽ آفتاب ابڙي جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.

سڄي ساري اڀياس ۽ لفظن جي بنيادي معنائن جي تناظر ۾ جيئن خيال اخذ ٿين ٿا تن کي هيٺ رکجي ٿو:

اصطلاح: اصطلاح لفظ جي لغوي معنى ’ڪنهن لفظ کي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي معنى طور ٺاهي ڪم آڻڻ‘؛ ان بابت مڙني عالمن ۽ استادن جو اتفاق آهي ته ’جملي جو اهو جز جيڪو لغوي معنى کان هٽي ڪري عام ماڻهن جي مراد لاءِ ٺيڪ ڪيل هجي، ان کي ’اصطلاح‘ چئجي.

محاورو: محاوره لفظ جي لغوي معنى ’ڪنهن ڳالهه جي موٽ ڏيڻ‘- ’ڳالهه ٻولهه ڪرڻ‘ يا ’گفتگو ڪرڻ‘ آهي؛ محاوري لاءِ گفتو، تڪيل توريل فقرو، پڪو گفتو، گھڙيل ترڪيب، وزنائتو تُڪ وغيره جهڙا خيال ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي قسم جا خيال ڪهڙي جملي جي جز ۾ سهڻي نموني سمائي سگھجن ٿا ؟ هن ۾ اختلاف آهي.

ورجيس: ورجيس لفظ جي لغوي معنى ’ورت‘ بنياد مان ’وارتا‘ معنى ’بات‘، ’سماچار‘، ’وائي‘ (سنديلو، ۱۹۸۰ع : ۲۷۱) ساڳئي بنياد مان ’وَرتا‘ جي معنى ’گفتار‘- ’ڳالهاءُ‘ (بلوچ، ۱۹۸۸ع : ۲۹۳۸) ڄاڻايل آهي. عالمن جي استعمال موجب هي لفظ به هڪ جملي جي جز لاءِ ڪم آندو ويو آهي. هن لفظ جي معنى به ڪي قدر محاوري سان مماثلت رکي ٿي.

مٿين ٽن لفظن جي بنيادن مان جيڪو معلوم ٿئي ٿو سو اهو آهي ته ’اصطلاح ۽ محاورو‘ ٻه الڳ لفظ آهن؛ البته مختلف ٻولين جي لفظن هجڻ سبب ’محاوري ۽ ورجيس‘ ۾ ڪي قدر مماثلت آهي. بهتر ٿيندو ته ’جملي جي جز‘ وارن چئن قسمن کي پاڻ ۾ ملائي، ٻه بڻائي، انهن لاءِ صرف ٻه ئي Term ڪم آڻجن، هڪ: اصطلاح، ٻيو: محاورو يا ورجيس.

نتيجو:

اصطلاح: هي Term سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جملي جي جزن لاءِ ڪم آندو وڃي جنهن ۾ فعلي مصدر ڪم آندي وڃي ۽ زمان، ضمير يا جنس وغيره جي گردان ۾ ڦرندڙ هجي؛ توڻي جو اهو جملي جو جز لغوي معنى سان سلهاڙيل هجي يا نه هجي. مثلاً:

لغوي معنى کان هٽيل مراد:

کير کنڊ ٿيڻ = پاڻ ۾ ٺهي وڃڻ- محبت قائم ٿيڻ.

گل ڪرڻ/ ٿيڻ = بتي يا باه وسائڻ/ پورو ٿيڻ- کپي وڃڻ.

ڌڪڙ تي اٽو هڻڻ/ لڳڻ = معاملو مچائڻ/ مچڻ. وغيره.

لغوي معنى سان به سلهاڙيل مراد:

آئي ويل ڪم اچڻ = ڏکيءَ ويل ڪم اچڻ، ضرورت وقت مدد ڪرڻ.

اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ = تمام جلد ٿيڻ.

بت کان بيزار ٿيڻ = پنهنجو پاڻ کان ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ، بيزار هئڻ. وغيره.

محاورو: هي Term سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جملي جي جزن لاءِ ڪم آندو وڃي جيڪو زمان، ضمير ۽ جنس وغيره جي گردان ۾ اڻ- ڦرندڙ رهي ۽ فعلي مصدر کان آجو هجي؛ توڻي جو اهو جملي جو جز لغوي معنى سان سلهاڙيل هجي يا نه هجي. هن Term لاءِ ’ورجيس‘ جو لفظ به ڪم آڻي سگھجي ٿو.

لغوي معنى کان هٽيل مراد:

اڻ گھڙيو ڪاٺ = ناتجربيڪار- اڻ آزمودگار- ڇسو.

ڀوڪ بصر = ٺپ بيوقوف- بنهه موڳو.

اٽي جو ڏيئو = ڊڄڻو- بزدل. وغيره.

لغوي معنى سان به سلهاڙيل مراد:

سون تي سهاڳو = سهڻي شيءِ ۾ اضافو- سهائيندڙ ڳالهه ۾ سهڻي خيال جو اضافو.

حلال حرام جي ڪاتي = جائز توڙي ناجائز ڪهندڙ/ کائيندڙ.

ڏاڙهيءَ پٽ = جھيڙو فساد- ڇڪ ڇڪاڙو. وغيره.

 

حوالا/ ذريعا:

آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند (۱۹۲۸ع) گلقند-

آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند (۱۹۸۵ع) وڏو سنڌي وياڪرڻ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.

ابڙو آفتاب (۱۹۹۲ع) سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري- سنڌي ڪتاب گھر ڪراچي.

ابڙو، عبدالرحيم ارشد (۱۹۸۶ع) رفيق گرامر- انٽر نيشنل اڪيڊمي هالا.

بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (۱۹۸۸ع) جامع سنڌي لغات (جلد پنجون)- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

پليٽس، جان. ٽي (۱۹۱۱ع) ڊڪشنري آف اردو، ڪلاسيڪل هندي اينڊ انگلش- سنگ ميل پبليڪيشنس لاهور.

جيٽلي، مرليڌر (۱۹۹۶ع) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

چنڊ، محمد عمر (۲۰۰۴ع) سنڌي ٻولي، لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.

سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (۱۹۹۳ع) اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي ڪراچي/ لاڙڪاڻو.

سهتو، عبدالوهاب انجنيئر (۲۰۰۳ع) ورجيسون- سنڌي ساهت گھر حيدرآباد.

سيد، احمد دهلوي، مولوي (۲۰۰۲ع) فرهنگ آصفيّه (جلد چهارم)- سنگ ميل پبليڪيشنس لاهور.

عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر (۱۹۹۷ع) سنڌي ورجيسي ٻولي- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

ميمڻ، اعجاز احمد (۲۰۰۹ع) سر پرڀاتيءَ ۾ ڪم آندل اصطلاحي ٻولي- ثقافت ۽ سياحت کاتو ڀٽ شاه.

 

(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment