Wednesday, August 17, 2022

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ، مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾. - انجيئر عبدالوھاب سھتو

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ،

مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾.

(ھندي، چوڻي)

انجيئر عبدالوھاب سھتو



پل؛ پليءَ کان تمام وڏو، پَلي وري گُندَ کان وڏي ٿيندي آھي. گُندُ وري گُنديءَ کان به اڃا وڏو ٿيندو آھي. ان سانڍڻ جو گدام. پل ٻڌڻ؛ ڪاميابي ماڻڻ.

ھَرِ؛ ھري، رام، پرڀو، ڌڻي، مالڪ.

مَلَ جي ريخته اندر معنيٰ؛ بھادر، شجاع يا سورمو آھي.

ھَرُ؛ اھو اوزار جنھن سان ٻني کيڙبي آھي.


ھن چوڻيءَ جا ٻه روپ آھن. ھڪڙو اھو جيڪو، مٿي داخلا منجھ ڏنل آھي. اھو سنڌي ھندن وٽ مروج روپ آھي. ٻيو اھو، جيڪو ھيٺ مطلب ۾ لکيو ويو آھي. اھو سنڌي مسلمانن وٽ مروج روپ آھي. اتي ان ھر جي تعريف ٿيل آھي.

پنڻ ۽ پورھيي منجھان ماڻھو گھر اندر، اناج جو ذخيرو ڪرڻ واسطي پَلَ نه ٿو ٻڌي سگھي. ان مان فقط آڻين ۽ چاڙھين جيترو، کيس مس ملي ٿو. ان جي بر عڪس، جيڪي ھريءَ جو نام جپين ٿا، سي مَلَ آھن. مَلُ، خاص اعزاز پڻ آھي. اڪثر واڻيا، بقال يا گھڻا تڻا ويشنو پنھنجي نالي سان پڻ ڳنڍيندا آھن، جيئن پرڀومل، سوڀومل، بھاري مل وغيرھ.

مطلب:

ڪاميابي، پورھيي يا پنڻ سان نه ٿي ملي، بلڪ رب جو نالو وٺڻ سان ٿي ملي. ان سان ئي انسانيت جو اعزاز حاصل ٿئي ٿو.

۲. پنڻ ۽ پورھيي مان، ڪنھن نه ڀريا پَلَ،

مانجهي اھي اَملَھ، ھَرُ جنين جي ھٿ ۾. (لاڙ، زرعي)

۳. پنڻ ۽ پوڙهي مان، ڪنھن نه ٻڌا پل،

مانجهي اهي امل، هڙ جنھن جي هٿ ۾. (ھندي)

۴. پنڻ ۽ پورهئي مان، ڪنھن نه ٻڌا پل،

مانجهي اهي مل، هر جنھن جي هٿ ۾. (زرعي)

۵. پنڻ جي پورھيي مان، ڪنھن نه ڀريا پل،

مانجھي اھي ملھ، ھر جنين جي ھٿ ۾. (زرعي)

No comments:

Post a Comment