Friday, August 19, 2022

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ، بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ،

بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ.

(لاڙ، چوڻي)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“

 


سنڌي ڪئلينڊر سنبت ۲۰۷۹ بڪرمي جو سانوڻ مھينو، ٻٽيھن ۳۲ ڏينھن جو عرصو وٺي، سورھين ۱۶ آگسٽ تي کنوڻ ۽ گجگوڙ جي برساتن سان ھلي پورو ٿي ويو. چؤماسي جي ھلندڙ برساتن ۾، بڊي جي مھيني سترھين ۱۷ آگسٽ کان سانوڻ جي جاء والاري ته ”گونگو مِينھن“ شروع ٿي ويو. جنھن بنا کِنوڻ ۽ گوڙ جي، گونگو ٿي وسڻ شروع ڪيو ۽ اصل واڄٽ وڄائي ڇڏيائين. سانوڻ ته کنوڻ ۽ گجگوڙون ڪري، ڌڌڪا مچائي، وسيو پر بڊي ته اصل ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ھر ھنڌ پاڻيءَ جي ڇَر ئي ڇَر لڳي پئي آھي.


پکي پکڻ چوڳي لاء، جهنگلي جانور پناھ ۽ کاڌي لاءِ، چوپايو مال گاھ لاءِ ته انسان ساھ ۽ سڪون لاءِ پريشان ٿي ويو. ٻنين ۾ رھڻ وارا ھاري، پورھيت گهر ٻڏي وڃڻ سبب، اجها ڇڏي ٻچا کڻي سر بچائي ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۱۱ع وارين مھا ٻوڏن وانگر، مٿانھن ھنڌن ۽ روڊن جي ڪنارن تي بي يار و مددگار نڪري اچي ويٺا آھن.

مطلب:

”گونگي مينھن“ سان بڊي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي.

 

(علي محمد لغاري ”کيسانوي“ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment