Wednesday, December 7, 2022

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھڪ دفعي ڪنھن شڪاريءَ ڄار ۾ ھڪ تتر ڦاسايو. تتر کيس منٿون ڪيون ته؛ ”مون کي آزاد ڪر! سڀاڻي پنھنجي برادريءَ جا وڌيڪ تتر وٺي اچي، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“

شڪاريءَ کيس ڇڏي ڏنو.


ٻئي ڏينھن ان تتر، پنھنجي برادري جا ٻيا تتر ڌتاري، اچي شڪاريءَ جي ڄار ۾ واڙيا. شڪاريءَ سڀني تترن کي ڦاسايو ته ان تتر وري منٿون ڪيس؛ ”مون کي اڄ ڇڏ! سڀاڻي وري ٻيا تتر وٺي اچي تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“

شڪاري اھو چئي، چاقو سان ڪھي ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيس ته؛ ”جيڪو پنھنجن جو دشمن آھي، سو ٻين جو ڪھڙو سڄڻ ٿيندو۔“

نصيحيت/ مطلب:

۱ - ڪڙم جو ويري، ٿڻ ٿانءِ نه ٿيندو.

۲ - ماريءَ جي مٿان، ماري پيو آھي.

۳ - غير/ چالاڪ دشمن، مخالفن کي انھن جي پنھنجن ھٿان ڪمزور ڪرائي، سڀ راز ھٿ ڪري، پوءِ انھن مخالفن کي ماريندو آھي. آخر ۾ رازدان کي اڪيلو ڪري، پنھنجو به دشمن سمجهي، ماري ڇڏيندو آھي.

۴ - پنھنجو ئي پنھنجن کي ڪمزور ڪري، غيرن اڳيان رکي مارائي، انھن اڳيان سرخرو ٿئي ٿو. غير به کيس سمجهي ويندا آھن ته جيڪو پنھنجن جو سڄڻ نه ٿيو ته اسان جو سڄڻ ڪيئن ٿيندو. اھي ئي غير، سندس پنھنجا سڀ مارائي، کيس اڪيلو ڪري، ختم ڪري ڇڏيندا آھن.

 

(علي محمد لغاري ”کيسانوي“ جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment