Saturday, August 13, 2022

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ - علي محمد لغاري

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ. (اصطلاح/ ورجيس)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھونئن ته اھو مٿيون فقرو، اردوءَ ٻوليءَ کان علاوھ سنڌي سنڌي زبان پڻ، اصطلاح/ ورجيس طور ڪتب ايندو آھي.

محترم سائين Hassan Umed Laghari پنھنجي فيسبڪ ٽائيم وال جي پوسٽ ۾ ”ڌجيون اڏائڻ“ لکيو آھي. پر اھو اصطلاحي/ ورجيسي درست نموني نه ٿو ڏئي. ڇو جو اھو ھڪڙو مصدري فقرو آھي ۽ اصطلاحي/ ورجيسي ناھي. ان جو اصطلاحي/ ورجيسي روپ، جيڪو سنڌيءَ ۾ مستعمل آھي، سو آھي؛ ”ڌَڄِيون اڏائي ڇڏڻ.“


مثال: ”پيءُ جي وفات کان پوءِ مکڻ خان ملڪيت جون ڌَڄِيون اڏائي ڇڏيون آھن.“

ھن اصطلاح جي جدا جدا لفظن جي لغوي معنيٰ جاچينداسين ته اسان کي ھن ريت ملندي.

*ڌَڄ، ڌَڄا: ث. جنھن جي معنيٰ آھي ”جهنڊي، بيرق، ٻيڙيء جي خاص نشان يا اھڃاڻ واري جهنڊي يا بيرق.“

اڳي سامونڊي سفر ۾ ناکئا، پنھنجي ٻيڙن ۾ خاص نشان يا سڃاڻپ واري وڏي جهنڊي يا بيرق ٻڌندا ھئا. اھڙي بيرق يا جهنڊيءَ کي ناکئا ”ڌڄا“ (ڌَڄ: واحد مؤنث) سڏيندا ھئا ۽ ھوا ۾ بيرق جي جهولائڻ کي ”اڏارڻ، اڏائِڻ، تيز ڊوڙائڻ“ چوندا ھئا.

اڄ به ھندو ڌرم وارا بانس جي وڏن ڇڙھن ۾ بيرق ٻڌي، اھڙي قسم جي بيرق پنھنجن مندرن تي چاڙھين ٿا، جنھن کي ”ڌڄا اڏائڻ يا ڌڄا چاڙھڻ“ چون ٿا.

*اڏائڻ: م. ھن لفظ جي معنيٰ آھي ”اڏارڻ، مٿي چاڙھڻ (لغڙ، جھاز)، لٽائڻ، برباد ڪرڻ، کپائڻ (ملڪيت)، تيز ڊوڙائڻ، گم ڪرڻ، لڪائڻ. “

جيئن اڄ ڪلھ فيس بڪ تي ڪنھن جي ڪوڙي آء ڊي کي ڪو فيس بڪ ڄاڻو ختم ڪري ڇڏي ٿو ته اصطلاح يا محاوري ۾ چوي ٿو:

فلاڻي جي آء ڊي ” اڏري وئي“/ اڏاري ڇڏيم“ وغيره.

جنھن مان مراد آھي ختم ڪرڻ، نيست نابود ڪرڻ، گم ڪرڻ، لڪائڻ.“

ٻئي پاسي ”ڌڄيون اڏائڻ، ڌڄيون اڏائي ڇڏڻ“ سنڌي ٻوليء جو ھڪ اصطلاح/ ورجيس آھي جيڪو خاص مقصد ”بربادي يا نيست نابود ڪرڻ“ جي مطلب، مفھوم ۽ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي.

مثال: ”گامڻ خان، پيء جي وفات کان پوء اجايا قرض کڻي فضول خرچ ڪري ملڪيت جون ڌَڄيون اڏائي ڇڏيون.“

مثال: ”وڏيري مکڻ خان دولت ۽ لچن لوفرن جي زور تي تر ۾ راڄن جون چوريون ڪرائي پنھنجي وقار جون ڌَڄيون اڏائي ڇڏيون.“

 مطلب؛ ”ڌَڄيون اڏائڻ/ ڌَڄيون اڏارڻ“ سنڌي ورجيس/ اصطلاح آھي. جنھن جي معنيٰ آھي؛ ”نيست نابود ڪرڻ.“

 

علي محمد لغاري ”کيسانوي“ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ڇنڇر ۱۳ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment