Wednesday, November 9, 2022

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان

مٺل جسڪاڻي



انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھه“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتبخانن (لائبرريز)، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھتل آھي.



”پھاڪن جي پاٻوھه“ ڪتاب کي اک مان ڪڍندي، گھڻن ھنڌن تي منھنجي اک ٽڪ ٻڌي بيھندي به رھي، پر چوڻي ”عقل بنا آدمي، پسون سمان“ پڙھيم، ته...

پاڻ وٽ شاعر تمام گھڻا آھن ۽ انھن جي تمام وڏي گھڻائي، مثبت ۽ صحتمند مطالعي کان وانجھيل ھجڻ ڪري، شاعر طور قبولجڻ جھڙي نه آھي!

عقل جا انڌا تمام گھڻا آھن. انھن ۾ اجايا گھڻا ته عام ماڻھو آھن ئي، پر ڪيترائي شاعر، ڪجھه ڪھاڻيڪار، ڪي چند ناول نويس، شاعرن کان گھٽ پر ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نويسن کان سرس مضمون نگار، صحافي ته ھيڪاندا، عقل واري نعمت کان وانجھيل آھن.

عقل ڇا آھي؟ عقل ڪٿان ملندو؟ عقل کائبو، پيئبو، ڦڪبو، ڪيئن واپرائبو، ڪتب آڻبو يا استعمال ڪبو؟ ۽ انيڪ سوالن جا جواب جلدي نه ملندا آھن. جلديءَ ۾ ته ڪو پھاڪو، ڪا چوڻي، ڪا ورجيس، ڪو قول به پاڻ نه مڃائي سگھندو آھي، نه متعارف ٿيندو آھي.

پھاڪو، چوڻي، ورجيس گھڻو ڪري پاڻمرادو تخليق ٿيندي آھي، ۽ تخليقڪار صرف گھڻ پڙھيو يا گھڻ گھميو ھجي، اھو ضروري نه آھي.

منھنجي خيال ۾ ھر پھاڪو، ھر چوڻي، ھر ورجيس، عقل ڏياريندڙ انتھائي سليس نموني سمجھه ۾ اچي سگھندڙ اھڙو سبق آھي، جنھن جي نتيجي ۾ بي عقل کي عقل ايندو آھي ۽ جنھن وٽ به ٿورو ٿڪو عقل اچي ويندو آھي، ان جي عقل جي آبياري ٿيندي آھي. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي عقل وارو عقلمند، عاقل، بالغ، وات وڪيل ٿي پوندو آھي.

مطالعي جي کوٽ محسوس ڪندڙن، معاشري ۾ مثبت ڪردار جا خواھشمند، ٻئي مواد سان گڏوگڏ، جيڪڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ڪتاب پڙھندا، ته کين جيڪو فائدو ٿيندو، اھو پاڻ به محسوس ڪندا، ساڻن لڳ لاڳاپن وارا به محسوس ڪرائيندا. لوڪ ڏاھپ جو ثمر ”پھاڪن جي پاٻوھه“ پڙھڻ ۽ پرائڻ جھڙو ڪتاب آھي.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



”پھاڪن جي پاٻوھہ“ ڪتاب

لوڪ ڏاھپ جو ثمر!

مٺل جسڪاڻي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھہ“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتبخانن (لائبرريز)، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھتل آھي.

”پھاڪن جي پاٻوھہ“ ڪتاب کي اک مان ڪڍندي، گھڻن ھنڌن تي منھنجي اک ٽڪ ٻڌي بيھندي بہ رھي، پر چوڻي ”عقل بنا آدمي، پسون سمان“ پڙھيم، تہ...

پاڻ وٽ شاعر تمام گھڻا آھن ۽ انھن جي تمام وڏي گھڻائي، مثبت ۽ صحتمند مطالعي کان وانجھيل ھجڻ ڪري، شاعر طور قبولجڻ جھڙي نہ آھي!

عقل جا انڌا تمام گھڻا آھن. انھن ۾ اجايا گھڻا تہ عام ماڻھو آھن ئي، پر ڪيترائي شاعر، ڪجھہ ڪھاڻيڪار، ڪي چند ناول نويس، شاعرن کان گھٽ پر ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نويسن کان سرس مضمون نگار، صحافي تہ ھيڪاندا، عقل واري نعمت کان وانجھيل آھن.

عقل ڇا آھي؟ عقل ڪٿان ملندو؟ عقل کائبو، پيئبو، ڦڪبو، ڪيئن واپرائبو، ڪتب آڻبو يا استعمال ڪبو؟ ۽ انيڪ سوالن جا جواب جلدي نہ ملندا آھن. جلدي ۾ تہ ڪو پھاڪو، ڪا چوڻي، ڪا ورجيس، ڪو قول بہ پاڻ نہ مڃائي سگھندو آھي، نہ متعارف ٿيندو آھي.

پھاڪو، چوڻي، ورجيس گھڻو ڪري پاڻمرادو تخليق ٿيندي آھي، ۽ تخليقڪار صرف گھڻ پڙھيو يا گھڻ گھميو ھجي، اھو ضروري نہ آھي.

منھنجي خيال ۾ ھر پھاڪو، ھر چوڻي، ھر ورجيس، عقل ڏياريندڙ انتھائي سليس نموني سمجھہ ۾ اچي سگھندڙ اھڙو سبق آھي، جنھن جي نتيجي ۾ بي عقل کي عقل ايندو آھي ۽ جنھن وٽ بہ ٿورو ٿڪو عقل اچي ويندو آھي، ان جي عقل جي آبياري ٿيندي آھي. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي عقل وارو عقلمند، عاقل، بالغ، وات وڪيل ٿي پوندو آھي.

مطالعي جي کوٽ محسوس ڪندڙن، معاشري ۾ مثبت ڪردار جا خواھشمند، ٻئي مواد سان گڏوگڏ، جيڪڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين تي مشتمل ڪتاب پڙھندا، تہ کين جيڪو فائدو ٿيندو، اھو پاڻ بہ محسوس ڪندا، ساڻن لڳ لاڳاپن وارا بہ محسوس ڪرائيندا.

لوڪ ڏاھپ جو ثمر ”پھاڪن جي پاٻوھہ“ پڙھڻ ۽ پرائڻ جھڙو ڪتاب آھي. ۱۹۲ صفحن تي مشتمل، پڪي جلد واري، ھن ڪتاب جي قيمت صرف ۲۰۰ روپيا آھي.

 

(سرجڻھار صفحو، روزاني ”ھلال پاڪستان“ ڪراچي. اربع ۱۶ نومبر ۲۰۲۲ع)

No comments:

Post a Comment