اتم کيتي، وڌندڙ واپار،
نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. (چوڻي)
منظور ڪوھيار
پر پير پٺي جي هڪ هم عصر بزرگ،
جميل شاھ ڏاتار گرناريءَ جي مزار تي وڃو ته خبر پئجي ويندو. قطارون ڪيون، ڏاڪڻين
تي فقيراڻيون ويٺيون آھن. اندر گھر ته ڏنڊا ڏوٺا مجاور بيٺا آھن. وٺن ائين ٿا ڄڻ
لهڻو هجين. هيٺ لھ ته ٻار ڀون! ڀون! ڪندي چيلاٽن وانگيان چنبڙي ٿا وڃن. نه ڏسي سگھ،
نه گھمي ساءُ ڪر. جيتوڻيڪ چؤڦير سبزه زاري، آباد ٻنيون ۽ چڱا چؤکا ڳوٺڙا آھن. شايد
پنڻ مڱڻ هاڻي عيب نه، حرفت بڻجي ويو آھي.
انهن ماڻھن جو به ڏوھ ڪونهي. هاڻي
ته چڱن ڀلن سياسي ڪارڪنن، صحافين، دانشورن ۽ اديبن به لنگھائي ڏنو آھي. لور لور ڪندا
وزيرن، اميرن ۽ بيوروڪريٽس جي پٺيان ڀڄندا
وتن. اهي وري اھڙا بشني، جو جيڪو وٽن ڪم لاءِ اچي، ته سندن واٺا چونس: ’آيو
آ ته ڇا کنيون آيو آ!؟ وڃين ٿو ته ڇا ٿو ڏيون وڃي؟!‘
خود دار ۽ عزت نفس رکندڙ ماڻھوءَ
جو جيئڻ عذاب ٿي پيو آھي. ڀلا جڏهن ملڪي وهنوار ئي منڍ کان وٺي قرض ۽ امداد تي هلي
ته عام ماڻھن جو ڪهڙو ڏوھ؟.....
ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول Old
Man and The Sea ۾ ڪيڏي نه تلخ حقيقت ڄاڻايل
آهي ته:
First you borrow, then
you beg
اهڙي ماحول ۾ اسان وٽ ھر حڪومت
امداد جي نالي تي پنندي رهي آھي ۽ عام ماڻھو پيرن جي درگاهن تي ويهي ۽ چوراهن تي
بيهي، هٿ ٽنگيو آھي. ڀڳت ڪبير جو اهو دوهو ڄڻ ته ڪو ٻڌڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ وارو
ئي ناهي رهيو:
مانگن مرن سمان هئي، مت ڪو ئي
مانگو بيک،
مانگن تي مرن ڀلا، يه ست گرو ڪي
سيک. (ڪبير)
(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment