گولاڙو، بول کان پچي
(ٿر، چوڻي/ پهاڪو)
چونڊ: انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
گولاڙي جي ول، وسڪاري ۾ سڀني ولين کان سرخرو نظر ايندي آهي. ڪو به ڪنڀٽ، ڪنڊو، ڪرڙ يا ڄار اهڙو نه هوندو، جنهن تي هيءَ ول جلوه افروز نه هجي. منجهس ڳاڙهي رنگ جو هڪ گول ميوو پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي گولاڙو سڏبو آهي.
برسات ۾ گولاڙي جا گدام لڳيو وڃن.
پر ماڻهن کي نصيب ورلي ٿين. ان جو سبب اهو آهي جو وسڪاري جي نعمتن جا، نه رڳو ماڻهو
سڪايل هوندا آهن، بلڪ ٿر جا پکي پکڻ پڻ سڄو سال آسروند هوندا آهن. اهي پنهنجو
دسترخوان انهن گولاڙن تي ڪندا آهن.
گولاڙا ڪچا ئي کائبا آهن. کائڻ ۾ سوادي ۽ قوت بخش آهن. گولاڙي جي ول جو گاه، کائڻ سان ٻڪري کير وڌائي ٿي ۽ اٺ ٿوهو ڪڍي ٿو.
ٻيا سڀ ميوا منهن وٽان پچڻ شروع
ڪندا آهن، مگر گولاڙو بول کان پچندو آهي. تنهن ڪري بلبليون ۽ ٻيا پرندا، کيس سڄو
پچڻ جي مهلت ئي نه ڏين.
جيئن پچندو ويندو، تيئن کائيندا
ويندس، تان جو ولين جي ڏانڊين ۾ نشانيءَ طور وڃي کَلَ-ذرو لڙڪيل نظر ايندو آهي.
مطلب:
گولاڙي کائڻ جي، سندس ابتي پچڻ
سبب، ٿري فقط حسرت ئي ڪري سگهندا آهن.
گولاڙي جو ذڪر شاه لطيف ڀٽائي
سائين بہ ڪيو آهي:
وَرُ
سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
گولاڙا
۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
ويڙهيا
گُھمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِّ؛
مُون
کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!
***
سَنِهِيءَ
سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛
ويٺي
سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛
هِنئو
مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛
پَکَنِ منجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
No comments:
Post a Comment