سنڌي اخبارن ۾ اصطلاحن
جو استعمال
(هڪ جائزو)
خالد آزاد وگھيو
سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، استعمال ۽ ڦهلاءُ جي ڏس ۾ سنڌي اخبارن جو وڏو ڪم ۽ ڪردار آهي. سنڌيءَ ۾ روزانو شايع ٿيندڙ اخبارن جي تعداد مان ئي، ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ واهپي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ، جڏهن ته خبرن ۽ مضمونن ۾ اصطلاحن جو مناسب ۽ اثرائتو استعمال جهڙيءَ طرح سنڌي اخبارن ۾ ڪيو وڃي ٿو، سو ملڪ اندر ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن، جهڙوڪ: اردو، انگريزي، پنجابي، پشتو، بلوچي، براهوي يا سرائيڪيءَ کان سو دفعا سهڻو آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ شايع ٿيندڙ انگريزي اخبارن ۾ به اصطلاحن جو مناسب استعمال نظر اچي ٿو، پر پوءِ به اهو سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. ان ڪري، ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته روزانيءَ جي بنياد تي شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارون، سنڌي ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ واهپي ۽ ڦهلاءُ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻوليءَ جي بگاڙ جي ذميواري به سنڌي اخبارن تي عائد ڪئي ويندي رهي آهي، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته، جهڙيءَ طرح سنڌي اخبارون پنهنجي مواد ۾ اصطلاحن جو بهترين استعمال ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ جي شاهدي ڏينديون رهيون آهن، سا ڳالهه يقيني طور تي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار جي اظهار جو هڪ نمونو آهي.
’اصطلاح‘ ڇا آهي؟
’نئين جامع سنڌي لغات‘ (جلد
پهريون) ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’اصطلاح‘ جي معنيٰ هن ريت لکي آهي:
’اصطلاحُ ج اصطلاحَ؛ ذ (ع) ڪنهن
ڌنڌي يا فن جو لفظ- ورجيس، ٻوليءَ جي محاوري وارو لفظ. لفظن جو جوڙ. (۱)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب
’اصطلاحن جي اصليت‘ ۾ لکي ٿو:
”اصطلاح معنيٰ صلح ڪرڻ، ڪنهن
لفظ جي ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ:
مثال (۱): پُراڻو ٺِڪر ڀَڳو ته ڀولو ناهي (۲) هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنهن جو ڏاڍو ارمان اٿم.
پهرئين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنهنجي
اصلي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ ورتل آهي، يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ. ٻئي مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل
پنهنجي حقيقي ۽ اصلي معنيٰ نه پر رواجي معنيٰ ۾ ورتل آهي، يعني: ڪوڙو الزام.
واضح ٿيو ته لفظ جون ٻه معنائون
ٿيون: هڪڙي مقرر ٿيل، جنهن کي ’لغوي يا اصلي‘ معنيٰ چئجي ٿو، ٻي رواجي، جنهن کي
اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو. مطلب ته اصطلاح هميشه عام رواج مان ٺهندا آهن. (۲)“
ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، پنهنجي ڪتاب
’پهاڪا ۽ محاورا‘ ۾ لکي ٿو:
”ٻوليءَ ۾ مروج استعمال جوا ڀياس
ڪندي اسان ڏٺو ته ’محاورو‘ يا ’اصطلاح‘
اُهو مروج استعمال آهي، جيڪو بيان ۾ ڪنهن
جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آهي. مثال طور: ’ڪملا ساهيڙين واتان اِها ڳالهه
ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي‘. انهيءَ جملي
۾ ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ هڪ محاورو يا اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي. ’لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.‘
... ’اصطلاح عربي لفظ آهي. جنهن جو بنياد
آهي، ’صلح‘ يعني موافق، سٺو يا وڻندڙ ٿيڻ. پلئٽس اِنهيءَ لفظ جون اردو – هنديءَ ۾
معئانون ڏنيون آهن. لفظي ميڙ، فقرو، محاورو، ٻوليءَ ۾ استعمال، ڪا مقبول معنيٰ:
مروج ٽيڪنيڪي لفظ.. ... انگريزيءَ ۾ محاوري (اصطلاح) ۾ ورجيس کي گڏي ‘Idiom’ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جون گهڻيئي ٻيون معنائون پڻ آهن.‘ (۳)“
ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي
تحقيقي مقالي ’سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا‘ ۾ لکي ٿي:
”اصطلاح اهو لفظن جو ميڙ آهي،
جنهن کي فاعل ۽ مفعول نه هجي. اصطلاح جي سمجهاڻي هيءَ آهي ته ڪنهن خاص لفظ کي اصل
معنيٰ کان الڳ ڪري، اهل زبان ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، انهيءَ کي اصطلاح
چئجي ٿو. ... اصطلاح درحقيقت هڪ اشارو آهي، جيڪو خيالن جي مجموعن ڏانهن ذهن کي
منتقل ڪري ٿو.“ (۴)
مٿين مثالن مان واضح ٿيو ته
’اصطلاح‘ دراصل ڪنهن خاص لفظ جي سماجي ۽ عام رواجي معنيٰ کي چيو ويندو آهي، جيڪا ڪنهن
نه ڪنهن فن، ڌنڌي يا علم سان وابسته هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن مخصوص فن يا ڌنڌي
سان لاڳاپيل معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظن کي ’اصطلاح‘ چيو ويندو آهي.
تحرير ۾ اصطلاحن جو استعمال،
تحرير کي نه رڳو خوبصورت بڻائي ٿو، پر ان سان ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ وسعت جو به اندازو
ٿئي ٿو. اصطلاح ڪنهن هڪ لفظ جي خاص معنيٰ کي به چيو ويندو آهي ته ٻن ٽن لفظن تي ٻڌل
هڪ فقري‘ يا ’جملي جي حصي‘ کي به اصطلاح چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح اصطلاح هڪ لفظ
جو هجي يا ٻن ٽن لفظن تي ٻڌل هجي، پر ان ۾ هڪ مڪمل ڳالهه سمايل هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ
۽ ٻڌندڙ جي ذهن تي هڪ خوشگوار اثر ڇڏيندي آهي. ٻين لفظن ۾ اصطلاح ڪهن به ٻوليءَ جي
حسناڪي، خوبصورتي ۽ زندگيءَ جي علامت هوندا آهن.
عام طور تي اسان وٽ گهڻو ڪري
ادبي تحريرن ۾ اصطلاحن جو استعمال ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي، پر اها خوشگوار حيرت جي ڳالهه
آهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جي خبرن توڙي مضمونن ۾ روزانو
سوين سنڌي اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا. هيءَ اصطلاح نه رڳو ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽
حُسناڪيءَ ۾ واڌارو ڪن ٿا، پر انهن جي استعمال سان اخباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ايڊيٽرن،
سب ايڊيٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪارڪنن جي پنهنجي ٻوليءَ سان وابستگي ۽ محبت جو اندازو پڻ
ٿئي ٿو. هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ڪِن مشهور روزاني
اخبارن ۾ اصطلاحن جي استعمال جو هڪ جائزو پيش ڪري سگهجي.
اچو ته سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ
مختلف اخبارن ۾ سنڌي اصطلاحن جي استعمال تي هڪ نظر وجهون:
اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ: سموري ڳالهه ظاهر ٿيڻ- حقيقت پڌري ٿيڻ
’قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو پڌرنامو
رد: ڪميشن جوڙيو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.‘
روزاني ’عوامي آواز‘، (ڪراچي)، ۱۶ اپريل ۲۰۱۸ع
اڇي ڪاري جو مالڪ هجڻ: هر شيءِ
جو اختيار پاڻ وٽ رکڻ
’سکر ڊويزن ۾ پرائيويٽ اسڪول
مالڪ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي) ۲۱ اپريل ۲۰۱۹ع
اربع خطا ٿيڻ: تمام وڏو ڏوهه ڪرڻ،
ناقابل معافي ڏوهه ڪرڻ، چار خطائون ڪرڻ
’جتي ابهام آهي، اهو ختم ٿئي،
ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي‘
روزاني ’عوامي آواز‘ (ڪراچي) ۰۱
ڊسمبر ۲۰۱۹
(مضمون)
اڪ ڪارا ڪرڻ: ڪجهه به حاصل نه ڪرڻ،
وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ (طنزيه طور)
’انهن پنهنجي ڪرت جي حوالي سان ڪهڙا
اڪ ڪارا ڪيا آهن.‘
روازني ’عبرت‘ (حيدرآباد) ۱۳
جون ۲۰۱۶ع –
مضمون
اکرن ۾ اڙجڻ: ظاهري ڳالهه ۾ ڦاسي
پوڻ، حقيقت نه جاچڻ
’انهن بهترين اکرن ۾ اڙجي
پنهنجو الهه تلهه وڃائڻ بدران سنڌ لاءِ هر ماڻهوءَ کان جيترو بهتر ٿي سگهي ٿو، اهو
ڪيو وڃي‘
روزاني ’ڪلياڻ‘ (حيدرآباد)، ۱۱ فيبروري ۲۰۱۷ع، ايڊيٽوريل
الهه تلهه وڃائڻ:سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏڻ،
ڪُل جمع پونجي وڃائي ڇڏڻ
’ڪمون شهيد ڀرسان ڪکائين گهر کي
باهه، الهه تلهه رک‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘
(حيدرآباد)، ۲۸ جنوري ۲۰۲۰ع
بستري ڀيڙو ٿيڻ: بيمار ٿي پوڻ، بستري
تي پئجي رهڻ، ڪِري پوڻ
’اڪري ۾ پيرسن معذوريءَ سبب
بستري ڀيڙو، علاج ڪرائڻ جي اپيل‘
روزاني ’سوڀ‘ (ڪراچي)، ۲۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع،
ٻانهن ٻيلي ٿيڻ: مدد ڪرڻ، هٿ ونڊائڻ
’هن نه رڳو سندس همٿ افزائي ڪئي
پر هر سطح تي سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي) ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۹ع
ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ: نقصان مان
فائدو حاصل ٿيڻ، قربانيءَ جو ڦل ملڻ
ڪچي جا ماڻهو ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا“
ملڻ جي آسري ۾ هوندا هئا....
روزاني ’امڪان‘ (حيدرآباد) ۰۷ فيبروري ۲۰۱۹ع (مضمون)
ٻڪر ٻوساٽ ڪرڻ: زبردستي ڪرڻ، ڪُڇڻ
نه ڏيڻ، ڇڪي سوڙهو ڪرڻ، گُدي ڇڏڻ
ٻئي طرف جيلن ۾ ٻڪر ٻوساٽ لڳي
پئي آهي،
روزاني ’ڪلياڻ‘ (حيدرآباد) ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۴ع (مضمون)
ٻنجو اچڻ/ ٻنجو نه اچڻ: خاتمو ٿيڻ/
خاتمو نه ٿيڻ
’غوثپور ۾ بدامنيءَ کي ٻُنجو نه
آيو، شهري امن لاءِ رستن تي نڪري آيا.‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي) ۱۵ اپريل ۲۰۱۹ع
ٻوٽو نه ٻارڻ: ڪجهه نه ڪرڻ، همت
نه ڪرڻ، نالو روشن نه ڪرڻ
ويسٽ انڊيز کي آخري اوور ۾ مئچ
کٽڻ لاءِ ۱۳ رنسون گهربل، براوو ٻوٽو نه ٻاريو‘
روزاني ’سوڀ‘، (حيدرآباد)، ۱۷ جنوري ۲۰۲۰ع
”اڳي قافلي وارا، رات جو رستن
تي ٻوٽا، ڪ ڪانا، ۽ ڪاٺيون گڏ ڪري باهه ٻاريندا هئا ته جيئن باهه جي روشنيءَ تي
مسافر ۽ رستي وارا قافلا سنئين دڳ لڳن ۽ ڦرلٽ کان بچي پون“ (۵)
ٻيگهي مچڻ: ٻنهي پاسن کان فائدو
ملڻ، وارو ورڻ، وجهه ملڻ
’فصلن جي سيزن شروع ٿيندي ئي
خريدارن جي ٻيگهي مچي وئي.‘
روزاني ’سوڀ‘ (ڪراچي)، ۱۰ جون ۲۰۱۹ع
هي اصطلاح اصل ۾ ”نَوَٽِڻ“ راند
تان ورتل آهي.
”نَوَ ٽِڻ راند ۾، ٻن رانديگرن
جو مقابلو ٿيندو آهي. هر هڪ رانديگر کي ۹
ڳوٽُون هونديون آهن، ليڪن مختلف قسم جون. مثلاً؛ هڪ
رانديگر کي کارڪ جون ۹ ڪَڪڙيون،
ته ٻئي کي ۹ پٿريون هونديون. نَوَ ٽِڻ راند
۾ ڪُل ۲۴ گهَرَ يا خانا يا ڳوٽن رکڻ جا
هَنڌَ هوندا آهن. پهريائين هڪ رانديگر، پنهنجي هڪ ڳوٽ، نَوَٽڻ جي ڪڍيل نقشي جي ڪنهن
به هڪ گهر يا خاني تي رکندو پوءِ وري ٻيو رانديگر ڳوٽ، پنهنجي پسند واري خاني تي
رکندو. اهڙي نموني نمبروار، هڪ هڪ ڪري، ٻَئي رانديگر، پنهنجون نَوَ نَوَ ڳوٽون،
پنهنجي پسند جي گهرن يا خانن تي رکي ويندا.
ڳوٽن رکڻ جي دوران به، ڪي ڄاڻو رانديگر، پنهنجي
”ٽِڻ“ ٺاهي، ٻئي رانديگر جي رکيل ڳوٽ
ماريندو يا کائي ويندوآهي. اهڙي نموني هر هڪ رانديگر ڪوشش ڪري، پنهنجو ”ٽڻ“ ٺاهي ٻئي
رانديگر جي رکيل ڳوٽ ماريندو آهي، يعني ڳوٽ
کڻندو آهي. جيڪڏهن ڪو رانديگر مسلسل
پنهنجا ”ٽڻ“ ٺاهي، ٻئي رانديگر جون
راند ۾ رکيل سڀ ڳوٽون ماري يا کڻي ويندو ته سمجهبو ته کٽيائين. هار يا جيت جي
فيصلي لاءِ، هڪ راند ئي ڪافي آهي. ”نَوَ ٽڻ
راند“ ۾، ڪي فني ڳالهيون به هونديون آهن، مثلاً، ”ٽِڻ ٺَهڻ“ ان کي چئجي، جڏهن
رانديگر جون ”ٽي ڳوٽون“ هڪ ئي پاسي قطار ۾
بيهن. ٻيو هن راند جو فن آهي ته ڄاڻو رانديگر پنهنجي حرفت ۽ هنر سان، اهڙا ”ٻه ٽِڻَ“،
ساڳئي پاسي يعني ”پهرئين ٽڻ“ جي ڀر سان ٺاهيندو آهي، جو انهن ”ٻِن ٽِڻن“ جي وچ
واري ڳوٽ کي رڳو هيٺ مٿي ڪرڻ سان، هر هر ”ٽِڻُ“ ٺهندو، جنهن کي ”ٻيگهي مچڻ“ چوندا
آهن.“ (۶)
ڀڳڙن مٺ ڏيڻ: معمولي رقم تي وڪرو
ڪرڻ، سستي شيءِ ڏيڻ، ملهه کان گهڻو گهٽ وڪرو ڪرڻ
’ريلوي کاتي جي ڪروڙن جي زمين ڀڳڙن
مٺ وڪرو ڪرڻ جا انڪشاف، اڏاوت شروع‘
روزاني ’امڪان‘، ڪراچي /
حيدرآباد، ۲۷ جون ۲۰۱۹ع
ڀنڊي ٻارڻ: خوار ڪرڻ، باهوڙ
مچائڻ، ’ڀنڊ‘ وارو ڪم نه ڇڏڻ
’جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿيندو
آهي ته سوشل ميڊيا تي ... ڀنڊي ٻاري ويندي آهي ته ...‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي) ۴ فيبروري ۲۰۱۹ع
ڀير تي ڏونڪو هڻڻ: للڪارڻ،
مقابلي لاءِ تيار ٿيڻ، آمد جو اطلاع ڏيڻ
۱. ’اهي
ڀير تي ڏونڪو هڻي چئي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ....‘
روزاني ’نواءِ سنڌ‘ (ڪراچي) ۶ فيبروري ۲۰۱۷ع
۲. ’ملڪ
۾ ڇهين مردم شماري لاءِ ڀير تي ڏونڪو لڳي چڪو آهي‘
روزاني ’نواءِ سنڌ‘ (ڪراچي) ۶ فيبروري ۲۰۱۷ع
ٽانڊا ڏيئي ڇڏڻ: بيحد تڪليف ڏيڻ،
حد کان وڌيڪ پريشان ڪرڻ
’سانگهڙ ۾ نوجوان ڪرڪيٽرن
سينيئرس کي ٽانڊا ڏيئي ڇڏيا‘
روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘
(حيدرآباد) ۲۱ سيپٽمبر ۲۰۱۷
ٺپ ٿي وڃڻ: بند ٿي وڃڻ، ماٺ ٿي
وڃڻ، چُپ ۾ اچڻ
’وڪري جي سرٽيفڪيٽس ۽ شاگردن جي
ڊوميسائلن سميت ٻيو سرڪاري ڪاروانهوار ٺپ ٿي ويو آهي.‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي)،
۰۷ ڊسمبر ۲۰۱۹ع
پرلوڪ پڌارڻ: لاڏاڻو ڪري وڃڻ،
گذاري وڃڻ، وفات ڪري وڃڻ
’سنڌيت جو سفير دادا جي پي
واسواڻي پرلوڪ پڌاري ويو‘
روزاني ’سنڌ‘ (حيدرآباد)، ۱۳ جولاءِ ۲۰۱۸ع
پول پڌرا ڪرڻ: عيب ظاهر ڪرڻ،
وکا پڌرا ڪرڻ، ڳالهيون ٻاهر ڪڍڻ
’ماتلي: طوفاني برسات ميونسپل
جي صفائيءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا‘
روزاني ’ڪاوش‘ (حيدرآباد) ۱۷ جولاءِ ۲۰۲۰ع
ڏندين آڱريون اچڻ: حيرت ۾ پوڻ،
عجب ٿيڻ، دنگ رهجي وڃڻ
’پوليس ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو،
اهو ڄاڻي ڏندين آڱريون اچي وينديون‘
روزاني ’عوامي آواز‘ (ڪراچي) ۱۹ نومبر ۲۰۱۹ع
ڊاهي پٽ ڪرڻ: ڪيرائڻ، ختم ڪرڻ،
بنياد ئي ختم ڪرڻ
’ماتليءَ ۾ٽئين ڏينهن به
آپريشن: سوين گهر ڊاهي پٽ: ميونسپل چيئرمين جي قيادت ۾ڌرڻو’
روزاني ’پنهنجي اخبار‘، ڪراچي، ۲۱
ڊسمبر ۲۰۱۹ع
جاوا ڪرڻ: مزا وٺڻ، ڍو ڪرڻ، گهڻا
پئسا حاصل ڪرڻ
’شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت
پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جا جاوا ٿي ويا‘
روزاني ’ڪوشش‘، ۱۶(حيدرآباد) جولاءِ ۲۰۱۷ع
ڪڙو چاڙهڻ: چوطرف ڦري وڃڻ،
گهيرو ڪرڻ، چار ئي پاسا بند ڪري ڇڏڻ
’واقعي کانپوءِ پوليس ڳوٺ کي ڪڙو
چاڙهي ڇڏيو، پر جوابدارن جي گرفتار عمل ۾ نه اچي سگهي‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘، ڪراچي- ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۹ع
ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪرڻ: ڪجهه نه ڪرڻ،
ڪو ڪم نه ڪرڻ، ڪا ڪوشش نه ڪرڻ
روزاني ’مهراڻ‘، حيدرآباد: ۶ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع
’گهوٽڪي ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾
نوجوان ۽ ناري اغوا، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو‘
کڙ تيل نه نڪرڻ: نتيجو نه نڪرڻ،
فائدو نه ٿيڻ
’صدارتي نظام جون ڳالهيون اڳ به
ٿينديون رهيون آهن، انهن جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو.‘
روزاني ’هلال پاڪستان‘، ۲۳ اپريل ۲۰۱۹ع
ست سُريون ٻڌائڻ: سِڌي ٻڌائڻ،
سِڌي ڳالهه ڪرڻ، هر ڳالهه واضح ڪرڻ
’ايمن ۽ مينال ادڪارا حنا الطاف
کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون‘
روزاني عوامي آواز‘ (ڪراچي)، ۱۴ جولاءِ ۲۰۱۹ع
سبز باغ ڏيکارڻ: وڏيون لالچون ڏيڻ،
خوشحاليءَ جي آسري ۾ رکڻ، ليکا ڏيڻ، آسري ۾ رهائڻ
’ڪنهن جامع پاليسيءَ جي بغير
عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ٿا وڃن‘
روزاني ’ڪاوش‘ (حيدرآباد) ۹ آگسٽ ۲۰۱۵ع
مٽي ماءُ حوالي ٿيڻ: دفن ٿيڻ،
تدفين ٿيڻ، قبر ۾ وڃڻ
’مير عنايت ٽالپر آلين اکين سان
مٽي ماءُ حوالي‘
روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘
(حيدرآباد) ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۱۴
مٿي تي هٿ اچي وڃڻ: وڏو نقصان ٿيڻ،
گهاٽو پوڻ، ڪاروبار ٻڏي وڃڻ
’سنڌ ۾ ماڪڙ تي ضابطو نه اچڻ
سبب آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا‘
روزاني ’عوامي آواز‘، ڪراچي- ۰۳
ڊسمبر ۲۰۱۹ع
ملڪ بدر ڪرڻ: ملڪ مان تڙي ڪڍڻ،
جلاوطن ڪرڻ
’غير قانوني آباد افغانين کي ملڪ
بدر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي: صدر‘
روزاني ’سرواڻ‘، ڪراچي- ۲۱ فيبروري ۲۰۱۷ع
وات ۾ مڱ اچڻ : نه ڳالهائڻ، سچ
چوڻ جي همت نه ڪرڻ، چُپ ۾ رهڻ
’جڏهن هن صوبي جي اجتماعي مفادن
جو وارو اچي ٿو ته سندن وات ۾ مڱ اچيو وڃن.‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي)،
۲۱ جنوري ۲۰۱۹ع
وار به ونگو نه ڪري سگهڻ:ذرو به
نقصان نه ٿيڻ، ڪجهه نه ڪري سگهڻ
’پوليس انهن اڳيان ڪمزور بڻيل
آهي، جنهن سبب انهن جو وار به ونگو نه ٿي سگهيو آهي‘
روزاني ’پنهنجي اخبار‘ (ڪراچي) ۲۷ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع
وايون بتال ٿيڻ: مُنجهي پوڻ،
پريشان ٿي وڃڻ، توائي ٿي وڃڻ
۱.
’رسمون ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن موري پهتا ته سندن وايون بتال ٿي ويون‘
روزاني ’ڪاوش‘ (حيدرآباد)، ۲۴ جون ۲۰۱۹ع
۲. ’ڪراچي
۽ حيدرآباد مٿان آڱر اُڀي ڪندڙن جون وايون بتال ٿي ويون هيون‘
روزاني ’برکا‘ (ڪراچي)، ۴
ڊسمبر ۲۰۱۷ع
اخبارن جي خبرن، مضمونن ۽ ٻئي
مواد ۾ اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال، سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ رنگارنگيءَ جي
شاهدي ڏئي ٿو. هن مقالي ۾ شامل ڪيل اصطلاحن کان سواءِ، سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا به ڪيترا
ئي اهڙا اصطلاح آهن، جيڪي روزانو سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا ۽ سنڌ جا ماڻهو،
جيڪي روزانو سنڌي اخبارون پڙهن ٿا، سي انهن اصطلاحن کي نه رڳو چڱي نموني سمجهن ٿا،
پر خبرن ۽ مضمونن ۾ انهن جو استعمال ڏسي، ٻوليءَ جي رنگارنگي ۽ حُسناڪيءَ مان به
لطف اندوز ٿين ٿا.
حوالا:
۱.
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’نئين جامع سنڌي لغات‘، جلد ٻيو، ص ۱۵۴، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سال ۲۰۱۷ع
۲.
سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، ’اصطلاحن جي اصليت‘، ڇاپو پهريون، ص ۲۳ اسلم پبليڪيشنس، لاڙڪاڻو، سال ۱۹۸۷ع
۳. جيٽلي،
ڊاڪٽر مرليڌر ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘- هڪ اڀياس‘، ص ۶۹ روشني پبليڪيشنس، ڇاپو ٻيون، سال ۲۰۰۴ع
۴.
سهتو، انجنيئر عبدالوهاب، ’پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون‘، ص ۱۸ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سال ۲۰۱۷ع
۵.
سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، ’اصطلاحن جي اصليت‘، ڇاپو پهريون، ص ۶۶ اسلم پبليڪيشنس، لاڙڪاڻو، سال ۱۹۸۷ع
۶.
سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، ’اصطلاحن جي اصليت‘، ڇاپو پهريون، ص ۷۸ اسلم پبليڪيشنس، لاڙڪاڻو، سال ۱۹۸۷ع
(وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي تحقيقي جرنل ’ڪارونجهر‘ جي پرچي ۲۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل تحقيقي مضمون)
Thank you 😊
ReplyDeleteسائين منهنجا اوهان جي پڻ وڏي مهرباني
Delete