Friday, September 24, 2021

جيسين سکيو کڻي ساھ، تيسين بکئي جو وڃي ارواح - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جيسين سکيو کڻي ساھ،

تيسين بکئي جو وڃي ارواح. (ساھتي، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سڃو يا بکيو، سڃ يا بک سبب، سکئي يا وڏي ماڻھوءَ ڏانھن مدد لاءِ واجھائيندو آھي. بلڪ کيس سڏيندو به آھي. ان سڏ تي سکئي جي لوڏ، اٿڻ جو ڍنگ، پيٽ کنھڻ جو انداز، نار نخزا اڃا وڌي ويندا آھن ۽ ڏسڻ وٽان ھوندا آھن.

سندس ان گيسر جي ويساند دوران، بکيو پيو بک اڃ ۾ تڙپندو آھي. سائو، بکئي جي تڙپ ڏسي، بجاءِ تڪڙو اٿي سندس مدد ڪرڻ جي، اڃا گيسر ڪري، پيو دل پشوري ڪندو آھي.


سکئي جي ان گيسر واري دل پشوريءَ کي، سندس ساھ کڻڻ سان ڀيٽ ڏني وئي آھي. بکئي جي تڙپ کي، ان جي ارواح اٿي وڃڻ يا ارواح کڄي وڃڻ يا ارواح ھليو وڃڻ سان ڀيٽ ڏني وئي آھي.

مطلب:

1.    جيسين ڍائو پيٽ کنھي، تيسين بکيو بک ۾ مري وڃي.

2.    جيسين ڍائو کنهي پيٽ، تيسين بکئي جو وڃي ساھ.

3.    جيسين ڍائو کڻي ساھ، تيسين بکيو تڙپي مري.

4.    جيسين سائو کڻي ساھ، تيسين بکئي جو وڃي ارواح. (ڪاڇو)

No comments:

Post a Comment