Monday, August 30, 2021

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو - منظور ڪوھيار

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،

جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو! (لاڙ، چوڻي)

منظور ڪوھيار



ڪالھ صوفي زلف علي سان گڏجي پير پٺي جنهن لاء هڪ ٻي چوڻي/ پهاڪو به مشهور آھي، ته با برڪت پير پٺو؛ هڪ مئو، هڪ ڊٺو!‘، جي درگاه ڏسڻ وياسين. واٽ تي مڪليءَ تان رونق علي قلندري فقير کي به ساڻُ ڪيوسين. پير پٺي جي درگاه هڪ ننڍي ٽڪري جي پٺار تي ٺھيل آهي. ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌوءَ جي ڪنهن گم گشته درياهي تڙ جو حصو هجي. جنهن جي هيٺان وهندڙ سنڌوءَ ۾ ٻيڙن ۽ ٻيڙين جون قطارون لڳيون پيون هجن. هڪڙيون اچن ته ٻيون وڃن پيون.


پير پٺي جو پورو نالو حسن بن راجپار ۽ ذات جو اپلاڻ ھيو. هو بي بي بصري جيان انتها درجي جو عبادت گذار ۽ خلوتي بزرگ هيو. جنهن سان پنهنجي دؤر جي عظيم صوفي شخصيتن مختلف وقتن تي سندس آسڻ اچي ملاقاتون/ ڪچھريون ڪيون. جن ۾ قلندر لال شھباز، بھاؤالدين زڪريا، جلال الدين سرخ پوش، بابا فريدالدين گنج شڪر ۽ شيخ سعدي (سنڌ ۽ گجرات جي سير و سفر دؤران) قابل ذڪر آھن. قلندر شهباز جي حوالي سان اڄ به اتي قلندري تڪيو موجود ۽ محفوظ آھي. جيڪو هڪ وڏو ثبوت آھي.

پير پٺي جي حوالي سان هڪ ٽيون پهاڪو يا چوڻي به زبان زد آھي ته؛ پير پٺو خاشو، پر پير پٺي جي گھل بڇڙي!‘

سچ پچ ته اسان سان پير پٺي اهڙي ڪو نه ڪئي، جھڙي فقيرن ڪئي. ايترو جو صوفي زلف علي جھڙي صابرين ماڻھوءَ کي به چيڙائي وڌائون. سندس ڪيل رڪارڊنگ ۾ هاڻي صرف اهي آواز اچن ٿا:

او حاجي، الله جي نانوَ تي ڏي!.. سهڻي ڪنوار ملندئي!“ مطلب ته اھڙي دعا جو گهر ۾ جھيڙو ۽ گھل گھلاڙو....

پير پٺي جي ميلي تي ايندڙن بابت، قاسم ڪيھر جي پڇيل ٻي چوڻي؛ ”پير پٺا! ڪنهن جون ڳُيُون، ڪنهن جا مٿا.“ جي حوالي سان منهنجي ڀاءُ در جان جو چوڻ آھي ته؛ پير پٺي جي ميلي تي، ۱۲ ربيع الاول جي ڏينھن، سندس عقيدتمند، خاص ڪري ڪڇي سومرا، ڳاهٽ ٿيندا آھن۔ صحن سوڙھو هجڻ ڪري، سمهڻ وقت هر ڪو هڪ ٻئي سان لڳي سمهندو آھي۔ ٻاهر پهاڙيءَ تي جيئن ته هيٺانھين مٿانهين گھڻي آھي۔ ان ڪري هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي آھي ته صحن ۾ سمهي۔ تڏهن اهڙي حالت هوندي آھي.

 

(منظور ڪوھيار صاحب جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment