Thursday, September 23, 2021

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جون چَوڻيون - جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جون چَوڻيون

جوکيو جسارت الياس سنڌي



ھاڻي اچو ته ھتي سنڌ جي ڪوھستان واري علائقي جون ڪجھ مشھور چوڻيون ۽ انھن جي معنيٰ پڙھون:

”کاڻي شل...!:“ عورتون پنھنجين نياڻين کي مذاق مان چون.

”لَکي وڃ ڪڄاڙو:“ لَکي (ل کي زَبر) وڃڻ مطلب ڄاڻڻ، ڪڄاڙو مطلب ڇا. ھتي ڪنھن به لڪل شيءِ يا ڳجھارت تان پڙدو کڻڻ کي ”لَکي وڃڻ“ چوندا آھن.

”شل نه ڪو پرڻجي، راڄ کيس رُئاڙي:“ مطلب گھوٽيتا، شادي جي دعوت ڏيڻ کان اڳ، ڳوٺ ۾ سڀني کي پرچائي راضي ڪندا آھن ۽ پوءَ ڪاڄ رکندا آھن.


”مائي اصل جڙد مڙد (جڙد جوان):“ مردن جھڙي باھمٿ عورت لاءِ ھي چوڻي استعمال ٿيندي آھي. 

”پوڙھي اصل کَيئاتي:“ مطلب اھڙي پيرسن عورت جيڪا جھور پيرسنيءَ ۾ به ھمٿ ڪري ۽ پنھنجي بازن تي سلامت ھلي. 

”پٽڪي ٺاھي ور وار الا:“ ھي مشھور سگھڙ شاعر باغ محمد بيشڪ جوکيو جي شاعري جي سٽن مان نڪتل چوڻي آھي، جنھن کي ڪوھستاني گھوٽ جي پڳ کي ور ڏيڻ مھل وڏي آواز ۾ پڙھندا آھن ۽ عام طور اھا چوڻي طور مشھور آھي.

”ٽوپي اصل ٽِڪڻ تي:“ مشھور فنڪار جلال چانڊئي جي سنڌي ٽوپي وجھڻ وارو انداز.

”ڳالھ ٿي ڪَه جُٺ:“ جڏھن بحث ھلي ته جنھن ماڻھوءَ کي رڙيون ڪندي، دليلن باوجود به غلط سمجھيو وڃي اھو ايئن چوندو آھي.

”جيڪسو:“ ڳالھائيندي ضمير ۽ ظرف جا لفظ ”جيڪو سو“ کي ھتي ”جيڪسو“ چون ٿا.

”جيءُ چُواني جڳر:“ اڄڪلھ ڪوھستاني مارو، ايڪويھين صدي ۾، واٽس-ايپ تي ڪچھري ڪندي، ڪنھن سان متفق ٿيڻ مھل، ھيءَ چوڻي استعمال ڪن ٿا، جنھن جو مطلب ”تو کي جيءُ چوان جڳر!“ آھي.

”چيلھ سنئين ڪرڻ:“ مطلب چيلھ مان چُڪ پوڻ بعد سڌو ٿي سمھڻ.

”ڳُڙ ڳوري، ھينئون سرھو نه ڪر:“ مطلب ڪو ڪم اصول جي خلاف پر پنھنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، پنھنجي پر ۾، خانه پوري ڪري ڪجي.

”تاريخ ڪنڊن جي سيڄ:“ مالماڙي جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ ڏکيو ھو جيڪو ڪافي ليکڪن جڏھن شروع ڪيو، ته انھن وٽ، ھيءَ چوڻي عام ٿي.

”ڌُڻيون ڪري منھن ڀَرُ ڪرڻ:“ ڌڻيون مطلب وڏي آواز سان.

”ڦُيو شل:“ عورتون ٻارن کي پيار مان اھو چونديون آھن جنھن جو مڪمل لفظ ٿيندو، ”ڦريو شل!“. 

”اُڇرپو ڪرڻ:“ مطلب وچ مان ٽپو ڏئي ڪنھن ڪم ۾ بگاڙ ڪرڻ.

”ٽولر ڪڍينم:“ ٽولر معنيٰ مٿي جي جُونءِ يا بوٽ.

”شڪمند \شڪوند:“ معنيٰ سالن جو سِڪايل.

”اَئي شل ڪو ڪڄاڙو؟:“ عورتون ھيءَ چوڻي حرف ندا جي لفظن جي بدران تعجب ۾ سوال پڇڻ مھل استعمال ڪن ٿيون. 

”ھل ته سنڌ ھلون:“ مالماڙي واسين جون نھري زمينون گجي ۽ گھاري پاسي آھن جن کي سالن کان وٺي ھتي ”سنڌ“ چون ٿا، جيڪا ان ڳالھ جي شاھد آھي ته ماضيءَ ۾ سنڌ ملڪ ۾ سدائين ساوڪ ھوندي ھئي.

”پُوت:“ جنھن ماڻھو جا گھڻا ٻار ھجن ان کي ھتي پُوت چون ٿا.

”روت، رنج:“ ڪاوڙ ۾ جيڪڏھن ڪنھن کي پنھنجا لفظ واپس ڪجن ته روت چئجي ٿو، جڏھن ته رنج جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون، ھڪ معنيٰ ڪاوڙ ۽ ٻي معنيٰ ڪاوڙ ۾ کاڌو کارائڻ.

”ڳور ڳور:“ مطلب کاءُ.

”ڊانبو ڀرڻ:“ مطلب ڍئو ڪري کائڻ.

”پٿرن جي ٽوٽ:“ قديم پٿرن جي ماھيئن کي ھتي ٽوٽ پڻ چون.

”چُڪ ٿي بيھڻ:“ مطلب يڪو بيھڻ.

”چُٻو، ڄوڙو:“ عجيب شڪل.

”ٻوٿ واسرو:“ مطلب جيڪو ڪاوڙ ۾ نه ڳالھائي.

”اڇو ڌونئرو:“ ھن جون ٻه معنائون آھن، ھڪ سفيد ڌونئرو ٻي پيريءَ ۾ وارن جو رنگ جڏھن ڌونئري جھڙو ٿئي ته اھڙي شخص جي مٿي کي به ”اچو ڌونئرو“ چوندا آھن.

”اکيون آھني ڪَه ڀِترَ:“ مالماڙي ۾ مذاق ۾ يا ڪاوڙ ۾ ڪو شخص ويجھي کان يا پري کان، موڳو ھجڻ ڪري، جيڪڏھن ڪا شي نه ڏسي ته ان کي ھيءَ چوڻي چوندا آھن.

”وھندي:“ سخت سياري ۾ ھوا سان وسندڙ مينھن کي وھندي چوندا آھن.

”اوڍر جي ڪُر، چُونھن منجھ اچ:“ سخت سرديءَ ۾ ڀت يا ڪنھن ڪمري جي لڳ ڪا اھڙي جڳھ جتي ھوا نه لڳي ۽ سردي محسوس ٿئي ان کي ”اوڍر“، پائپ جھڙي اھڙي شيءِ جيڪا اڪثر پاسن کان ڍڪيل ھجي، ان کي ”ڪُر“ ۽ اھڙي ڪُنڊ کي ”چُونھن“ چوندا آھن.

”تکي سُرڪ سين ملھاڙ پچڻ:“ تکي ذائقيدار مڇي يا گوشت جي ٻوڙ مان سُرڪ ڀرڻ سان زڪام پچي لھي ويندو آھي.

”جوٽَ ته سمھاريني ماڙا:“ جوٽ معني ھنج، جڏھن ته پيءُ ڪنھن ٻار کي انجي ماءُ لاءِ ”ماڙا“ لفظ چوي جنھن کي عام لھجي ۾ ”ماڻھين“ چوندا آھن.

”اگھيو ٻارڻ:“ پٿر واري دؤر کان وٺي، باھ ٻارڻ جو ھڪ طريقو، جيڪو سنڌ جي ٿر کان وٺي ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾، ڪٿي ڪٿي اڄ به رائج آھي، جنھن ۾ ٻن کِپَ جي ڪاٺين کي مخصوص سوراخ ٺاھي، انم رڳڙي، ٻور ڪڍبو آھي، جيڪو گرم ھجڻ ڪري، ٻري باھ ٿي ويندو آھي ۽ ان مان شعلا نڪرندا آھن. آگھيسر معنيٰ: ”کپ جي ڪاٺي،“ جيڪا ھڪ ٻي ڪاٺي ”آگھيو“ سان گيسائي (رڳڙي) باھ ٻاري ويندي آھي.

”وَڌاري وٺ:“ ڪوھستان ۾ ماروئڙن جو گذر سفر کير جي واپار تي ھوندو آھي، جنھن ڪري عام روزي رزق کان وڌيڪ، کير کي اھميت ڏيندا آھن. جيڪڏھن کير ۾ ڪو جيت يا مک ڪري پوي ته انکي ٻين کان پاسيرو ٿي پوءِ زمين تي وَڌاريندا (يعني ھاريندا) آھن. ھتي صرف کير کي ھارڻ يا وھائڻ لاءِ ھي لفظ ۽ چوڻي استعمال ٿيندي آھي.

”ڍُڻڪو:“ مختصر ترين ننڊ جو جھوٽو.

”ڪڪڙ واري ننڊ:“ ڪڪڙ وانگر ڪجھ وقت سمھي وري، اکيون کولڻ ۽ وري سمھڻ لاءِ ھيءَ چوڻي استعمال ٿيندي آھي.

”وات توبرو:“ ڪاوڙيل منھن ۾ قدرتي طور چپن تي سوڄ swelling ٿي ويندي آھي.

”توئڻ تندوڻ:“ کاڌو پچائڻ ۽ رڌڻ.

”مانڌوڪي ڳالھ:“ اڳوڻي ڳالھ.

”ڌوماڙيو ڪرڻ:“ ڌام ڌوم سان اچڻ.

”جھڻ ڀت، اڇاڻ ڍُڪ:“ لسي ساڻ چانورن جي ڊش، جيڪا ڪوھستان ۾ ھر گھر ۾، ھر ماڻھو، عام طور کائيندو آھي. 

”ٺنگو پاڻي:“ يا سکڻي ٽينڊَ؛ رڳو پاڻي، پٽڙو يا ٺلھو پاڻي.

”زٽل زٽڻ:“ ڪوڙ يا ڊاڙ ھڻڻ.

”ڦڻڪ منڊڻ:“ پکين يا جانورن کي جيئرو جھلڻ جو ھڪ طريقو.

”دتو دت ٿيڻ:“ ڄاڻ ھجڻ باوجود اڻ ڄاڻ يا بي خبر ٿيڻ.

”ٻڪري پيراتي:“ جڏھن ڪو ڌراڙ ڪنھن جي ٻڪري سنڀالي ته ان ۾ ڇوٿون پير يا حصو کڻندو. 

”جوجائي:“ مطلب جيت يا بلا جنھن کان ٻارن کي ڊپ لڳي.

”نئون ڪرائڻ:“ جڏھن ڪڻڪ جي ماني کائيندڙ جابلو ماڻھو ڪنھن نھري زمين (سنڌ) جي ماڻھو جي ٻنيءَ جو ڳاڙھو چانورن جو اٽو، ٻنيءَ وارن کان تحفي طور وٺي، نواڻ ڪري کائين. 

”ڄڙھي ٺُل ٿي نه بيھ:“ ھتي جي ڪاري جبل جي بلند ترين چوٽيءَ جو نالو ٺُل آھي، جڏھن ڪو قدآور ماڻھو ڄڙھي (خاموشي سان) چُپ ٿي اچي بيھي ۽ مسلسل بيٺو رھي ته ان کي ايئن چوندا آھن. 

”ماديءَ مورڙو:“ اھڙو اڪيلو مرد يا ڇوڪرو جيڪو عورتن وچم وڃي ويھي يا اتي ويھڻ کي پسند ڪري انکي مادي مورڙو چون ٿا.

”وڻٺل ٻوٿ:“ بدصورت منھن.

”آلائي:“ ھي لفظ اھڙي ماڻھو لاءِ مخصوص آھي جيڪو کير ته پيئي پر مکڻ، ڏھي ۽ لسي کان پري ڀڄي.

”شِست ٻڌڻ:“ سوچي، سمجھي، ھر ڳالھ جو بندوبست ڪري، ڪو ڏکيو ڪم لڳاتار ۽ مڪمل توجه سان ڪرڻ مھل وڃڻ وقت ھيءَ چوڻي مشھور آھي.

”ڪنوارڙا ڪنوارڙا:“ نرم نازڪ.

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي پنھنجي مقالي ”سرُ ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو“ ۾ وڏي وزن واري ڳالھ وزن لکي آھي ته، حقيقت ۾ اسان جي وڏن بزرگن جيڪي تجربا ۽ مشاھدا ڪري، زندگيءَ مان سبق حاصل ڪيا، اھي چند لفظن جي صورت ۾ وڏي معنيٰ رکندڙ گفتا، اڄ اسان وٽ پھاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾، ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ٻڌجن پيا. ڪوھستان ۾ به ڪيترا ئي املھ انسان وفات ڪري ويا، جن وٽ سندن يادگيريون ۽ لفظن جا ذخيرا موجود ھئا پر سندن وفات جي ڪري، اھي سنڌي ٻوليءَ جا پھاڪا، چوڻيون ۽ لفظ گم ٿي ويا. ڪوھستان ۾ پھاڪن کي گڏ نه ڪرڻ جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي گھڻو نقصان پھتو آھي. بھرحال ھيءَ ھڪ ابتدائي تحقيق آھي، جنھن ۾ واڌارو ضروري آھي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــ

مددي حوالا:

1. قادري، اياز، ڊاڪٽر. (2019ع). شاھ جا پھاڪا.

https://sindhiproverbs.blogspot.com/.../blog-post_99.html... )ٰ

2. ٻگھيو، قاسم. (1979ع). سماهي مهراڻ 1، 1979ع : 181. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

3. سھتو، عبدالوھاب، انجنيئر. (2018ع). شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر. https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=824

4. جوڻيجو، عبدالجبار. پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون.

https://sindhiproverbs.blogspot.com/.../blog-post_02.html...

5. جيٺلي، مرلي ڌر، ڊاڪٽر.(1996ع). سنڌي پهاڪا ۽ محاورا.  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

6. جوکيو؛ الطاف محبوب، ڊاڪٽر. پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس.

https://sindhsalamat.com/threads/48089/

7. سومرو، نذير احمد، پروفيسر.( 2012ع).

http://sindhicriticism.blogspot.com/.../blog-post_3277.html)

8. مانجھي، محمد علي. (2018ع). سُر ديسيءَ ۾ پھاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو.

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=824

09. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر. (1977ع). لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- - انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا مئگزين جي، آچر 21 مارچ 2021ع جي شماري ۾، لسانيات جي موضوع تي ڇپيل، ھڪ مطالعو ۽ تحقيق)

No comments:

Post a Comment