Thursday, September 23, 2021

ڪوھستاني لھجي جا ڪجھ نوان پھاڪا - جوکيو جسارت الياس سنڌي

ڪوھستاني لھجي جا ڪجھ نوان پھاڪا

تحقيق ۽ تحرير


جوکيو جسارت الياس سنڌي


سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي ۾، لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آھي، جنھن بابت، ٻوليءَ جي ناميارن ليکڪن جھڙوڪ؛ الھبچايو يار محمد سمون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانه، عبدالعزيز جوکيو، محمد الياس ھمغم جوکيو، جان محمد جانباز، بشير احمد جوکيو، حاجي شمس دين (ڪونڪرائي)، احسن جوکيو، سکيه خان جانواڻي، پروفيسر امان الله جوکيو ۽ جيجي ج.ع (جنت علي محمد) مُنگھاڻي جو ڪيل ڪم ڳچ وقت اڳ جو ٿيل آھي، جنھنکي نئين سري سان ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي، ڇوته ان ڪم کي اندازن اڌ صديءَ کان به وڌيڪ وقت يا ويھ ٽيھ سالن کان به مٿي جو عرصو ٿي چڪو آھي، جنھن دؤران ٻوليءَ جي اندر ڪافي نواڻ ۽ تبديلي آئي آھي. گڏوگڏ ھت ڪوھستاني لھجي مٿان، وقت جي ردوبدل جي ڪري، ٻين مقامي توڙي ڌارين ٻولين جا به وڏا اثر پيا آھن، جنھن جي ڪري ھڪ بنيادي تحقيقي مطالعي Baseline Research Study جي وڏي کوٽ آھي.


جنگشاھي ضلعي ٺٽي ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي ۾، استعمال ٿيندڙ ڪجھ خاص ۽ ناياب چوڻيون، پھاڪا ۽ لفظ گڏ ڪري، لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. ممڪن آھي ته ھتي ذڪر ڪيل اصطلاح ۽ پھاڪا، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ٻڌڻ ۾ ايندا ھجن پر، ڪوھستاني لھجي ۾، انھن کي اُچارڻ جو انداز سڀني کان الڳ آھي، اھو ئي سبب آھي ته ڪوھستاني لھجي ۾، روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ڪافي اھڙا لفظ به ملن ٿا، جيڪي ٿي سگھي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لھجن ۾ نه ھجن. ائين جيڪڏھن، سڄي سنڌ جا ماڻھو، پنھنجي پنھنجي لھجي ۾ استعمال ٿيندڙ، ٻوليءَ جا پھاڪا، چوڻيون ۽ لفظ گڏ ڪن، ته ھوند اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ گھڻا ئي، نوان لفط به ڳولھي لھون ته، ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪري سگھون، ڇوته ڪوھستان ۾ تمام گھڻا پھاڪا ۽ چوڻيون انڪري به عام آھن جو، ڪوھستان ۾ جتي لٽَ (مٽيءَ جي) تمام گھڻي ھوندي آھي ته اتي جا ماڻھو، عام ۽ فطري طور، ڳالھائڻ وقت، پنھنجو وات سڄو کولڻ بدران، اڌ کولي، لفظن کي به مختصر ڪري ڳالھائيندا آھن. پروفيسر نذير احمد سومرو چواڻي، پھاڪا ۽ چوڻيون به حقيقت ۾، ججھن لفظن کي ٿورن ۽ مختصر لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو مجموعو آھن.

اچو ته ڪوھستان جا ڪجھ مشھور پھاڪا پڙھون.

 

۱ـ سُڀ جُتي سوڙھي، ڀر چٽو ساڄنڙي جو:

ھي پھاڪو ساڄن نالي ھڪ درويش سان منسوب آھي، جنھن جو ھڪ مشھور واقعو آھي ته جنگشاھي ريلوي اسٽيشن جيڪا ويھين صديءَ عيسوي ۾ پنھنجي عروج واري زماني ۾، مالماڙي واسين جي سانگ ۽ سفر جو ذريعو ھئي، ان پاسي جنگشاھي لڳ مشھور ڏاھي رسول بخش پليجو جي ڳوٺ ڀرسان قائم قديم ڳوٺ وسرام ميگھواڙ سان واسطو رکندڙ ھڪ موچي بنام ڏيو مل جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ويجھو ھڪ بڙ جي وڻ ھيٺان موچيڪو ڌنڌو ڪندو ھو، جنھن وٽ ساڄن پنھنجي ڦاٽل جُتي کي ٽانڪو ھڻائڻ آيو. موچيءَ کيس ٽانڪو ھڻي ڏنو ته جُتيءَ کي کڻي ڪوٿريءَ ۾ وجھي، مالماڙيءَ پنھنجي گھر پھتو ۽ اتي جڏھن چمپل کي پير ۾ وجھي ڏٺائين ته اھا سوڙھي ھجڻ ڪري، کيس پير ۾ پوري ڪونه آئي.

رات ئي رات جو ھمراھ پنھنجي اُٺ کي پلاڻي واپس جنگشاھي ريلوي اسٽيشن پھتو ته موچي پنھنجو دڪان بند ڪري گھر ھليو ويو ھو. ساڄن ڪاوڙ ۾ موچيءَ جي پيتي کڻي ڪلھي تي رکي ۽ سڄي رات اُٺ تي ھلندو ھلندو مالماڙي اچي پھتو ۽ جامع مسجد ٻاھران بيٺل ماڻھن کي سڄو واقعو ٻڌايائين ۽ کين اھڙي ريت به چيائين؛ موچيءَ کي ڪنھن چيو ته جُتي سوڙھي سُڀي؟ ھاڻي ڀلي ڀري چٽي ساڄن جي! سندس ائين چوڻ تي اھو واقعو مشھور ٿي پھريان ھڪ قصو ۽ پوءِ پھاڪو بڻجي ويو ۽ جيڪو به پنھنجي ڪنھن به ڪم لاءِ جنگشاھي ويندو ھو ته ماڻھو کيس اھو پھاڪو چئي خبردار ڪندا ھئا ته جنھن به دڪان تان ڪا خريداري ڪريو ته اھا شيءِ، دڪان تي ئي، وٺڻ مھل، وجھي ۽ ڏسي کڻو.

 

۲ـ ڪري ساڄنڙو پير اُچا، وڃي نڪري ڀاڏ:

ساڳيو ئي درويش ساڄن ھڪ ڀيرو مالماڙي جي مشھور جانواڻي تلاءَ ڀرسان ويٺل ھڪ اٺيءَ تي ان نيت سان چڙھيو ته ڪجھ پنڌ کان بچي پوي ۽ گھر تائين مٿس سوار ٿي وڃي. جنھن مھل ساڄن ان اٺي تي ويٺو ته ان وقت اُٺيءَ جو منھن اولھندي يعني ڳوٺ جي ان طرف ھو، جنھن طرف ساڄن جو گھر ھو پر ھن جڏھن لانگ ورائي قدم رکيا ته ان وقت اٺي مٿي اٿندي ئي پنھنجو طرف ڦيري ڇڏيو پر ساڄن کي محسوس نه ٿيو ۽ ننڊ جي الوٽيءَ ۾، رات ھجڻ ڪري ساڄن اٺي جي پاکڙي تي ويٺي ئي سمھي پيو ۽ کيس اک تڏھن کلي جڏھن اُٺي ڀاڏ مڪان(مالماڙي ويجھو ھڪ علائقو) پھچي چڪي ھئي!

ان وقت ئي ساڄن، ڀاڏ جا پَٽَ سڃاڻي، ٽپو ڏيئي لٿو ۽ ڪاوڙ ۾ واپس پنڌ گھر اچي پھتو. انکانپوءِ اھو واقعو مشھور ٿي ويو ۽ ھر ان ماڻھو کي ائين چيو ويندو آھي؛ جيڪو ڪو ڪم ”شارٽ ڪٽ“ ته ڪري پر ويتر وقت وٺي يا پنڌ ھلڻ کان لھرائي؛ ڪنھن گاڏي ۾ چڙھي ته بجاءِ وقت بچائڻ جي ڪا غلطي ڪري وجھي!

 

۳ـ پلھ لڳي ٽنڊڙي ڪُنڊ پار نه وڃ:

ھن پھاڪي جي پس منظر بابت مختلف روايتون ملن ٿيون، جيڪي ڪمزور آھن پر انھن سڀني مطابق ڪو ماڻھو ھڪ ڀيرو، ڪنھن سان ڪُنڊ پاسي (ھتي ڪُنڊ جا ٻئي مطلب نڪرن ٿا يعني ھڪ ڪُنڊ Corner ۽ ٻيو ڪُنڊ ڳوٺ جيڪو مالماڙي ۽ جلالجي وچم آھي) لٽڪي (ٽنڊڙي) ويو ۽ ڪِري ٽنگ مان جھري پيو ته ھي لفظ مشھور ٿي ويا. ڪوھستان ۾ ڪنھن به سوڙھي گاڏيءَ تي ڪنھن ڪنڊ پاسي ويھي وڃڻ سراسر ھڪ خطرو ھوندو آھي ڇوته ڪچي رستي جي اڌوڪن جي ڪري گاڏيءَ کي ڪلٽي ٿيڻ جو خطرو به ھوندو آھي. ان پھاڪي کي گاڏي ۾ احتياط سان چڙھڻ لاءِ پھريان سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي ۾ ۽ بعد ۾ سموري سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪيو ويو.

 

۴ـ نبوءَ کاڌا ڏوئنھارا:

نبو نالي ڪو درويش ھو، جنھن اڻ مندائتا ڏونئھارا کاڌا ته سندس طبعيت خراب ٿي پئي، جنھن کانپوءِ اھو پھاڪو مشھور ٿيو جنھن کي ھر ان ماڻھوءَ کي چوڻ لاءِ مشھور ڪيو ويو جيڪو کاڌي کي بنا ڏسڻ ۽ بنا تصديق ڪرڻ جي کائي.

 

۵ـ گاڏي ھلائي ته اصل ڦاچوڙيو متان ٿئين:

ھتي سوڍل نالي ھڪ مشھور شخص آھي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڪافي ڀيرا، موٽرسائيڪل تان ڌڪو کائي ڪِريو آھي، پر ھر ڀيري کل، خوشيءَ سان حادثن کي مڙس ماڻھو ٿي، منھن ڏيندو آھي ته کيس ماڻھو ”ڦاچوڙيو“ لقب سان سڏيندا آھن، جنھن جو مطلب ”ڪِرڻ“ آھي. انڪري جيڪو به ماڻھو موٽر سائيڪل تان ڪرندو آھي ته ان ماڻھوءَ کي، ”ڦاچوڙيو“ وانگر ڪرڻ چئي، سبق ڏيندا آھن ته جيئن آئنده احتياط سان گاڏي ھلائي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش ”دنيا مئگزين“، بروز آچر، ۲۱ فيبروري ۲۰۲۱ع ۾؛ مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڇپيل تحقيقي مقالو.)

1 comment: