Saturday, August 28, 2021

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي. (لاڙ، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



رش يا ڀيڙ ۾، جڏھن لتڙ ٿيندي آھي ته ڪِرڻ جو انديشو ضرور ھوندو آھي. اتي پاڻُ، چڱيءَ طرح سنڀالڻو ھوندو آھي. اگر ڪير ڪريو ته ان کي ٻيو ان ڪري به ھٿ نه وجھندو جو متان پويان ايندڙ انبوھ جي ڌڪن ٿيلھن ۾ پاڻ به ڪري پوي. پوءِ انھن جي لتڙ ھيٺ اچي وڃي.


رش وارو ھنڌ، خاص طور تي ميلو ملاکڙو، وڏي احتياط جو ھنڌ ھوندو آھي. جنھن اتي پاڻُ سنڀاليو، تنھن پاڻُ بچايو. جنھن پاڻُ نه سنڀاليو، سو ٿِڙيو، ٿاٻِڙيو، ڪِريو، لَتِڙيو، ويو.

ھڪ دفعي سان ڪريل کي، نوڙي ڪو کڻڻ وارو ته ڇا ٻانھن کان وٺي، اٿارڻ وارو به نه ھوندو آھي. ڇو جو پويان ايندڙن وٽ به ويساند نه ھوندي آھي جو ڪريل ۾ ھٿ وجھي، اٿارينس ۽ جان بچائينس.

مطلب:

۱. ڪريي جو، ڪوئي ناهي؛ اڀري جو مانس، ڪو ئي نه کائي. (ٿر)

۲. ڪريي کي، ٻلي به لتون هڻي.

۳. ڪريل کي ھر ڪو چيٿاڙي.

۴. ڪانءَ جي ڪاھَ، اڪ مڪڙ تي.

No comments:

Post a Comment