Sunday, August 15, 2021

جتي ھوندو به ڪين اتان ايندو به ڪين - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جتي ھوندو به ڪين، اتان ايندو به ڪين. (چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي شخص، ھڪڙو گھر خريد ڪيو. منجھس ڦلدار باغ پڻ ھيو. پاڙي وارو گھر پراڻو ھيو، جنھن ۾ گھڻا ڀاتي رھندا ھيا. ٿورن ڏھاڙن کان پوءِ ھن ڏٺو ته پاڙي واري گھر مان ڪنھن گھر ڀاتيءَ ڪچري جي بالٽي ڀري، سندس گھر دروازي تي اچي اڇلي.

شام ڌاري ھن وڃي ھڪڙي بالٽي خريد ڪئي. منجھس تازا ميوا وڌائين ۽ انھيءَ گھر جي در جي وڃي گھنٽي وڄايائين.


ان گھر جا ڀاتي پريشان ٿيا ۽ سوچڻ لڳا ته لاشڪ صبح واري حرڪت جو بدلو وٺڻ لاءِ، پاڙيسري وڙھڻ آيو آھي.

تنھنڪري ھو به اڳواٽ تيار ٿي ويا ۽ بڙ بڙ ڪرڻ لڳا.

مگر جيئن ئي دروازو کوليائون ته حيران ٿي ويا. رس ڀريل تازن ميون سان ڀريل بالٽيءَ سان، مرڪ چھري تي سجايو، نئون پاڙيسري، سامھون بيٺو ھيو. سڀ جو سڀ حيران ٿي ويا.

ھن چين؛ ”جيڪو اسان وٽ ھيو، مان سو ئي اوھان لاءِ کڻي آيو آھيان.“

مطلب:

۱. جنھن وٽ جيڪو آھي، سو ئي ھو ٻين کي ڏئي سگھي ٿو.

۲. جيڪو ڪنيءَ ۾ ھوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو.

۳. جيڪي کوھ ۾ ھوندو، سو ئي بالٽيءَ ۾ مٿي چڙھندو.

1 comment: