Saturday, August 28, 2021

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي.

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)

ترتيب و تدوين: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



هڪڙي ھمراھ، ڇيلي جي گوشت مان ڀت جون ٻه ديڳيون تيار ڪرايون. ڀاءُ کي چيائين؛ ”ادا! وڃ! ڳوٺ ۾ جيڪي پنھنجا مائٽ ۽ دوست آھن، تن کي سڏ ڏئي اچ ته ڀت کائي وڃن.“

ڀاڻس، گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ وڏي واڪ سڏ ٻڌائيندو ويو؛ ”ادي جي گهر کي باھ لڳي آهي. جلدي مدد لاءِ پھچو.“


ٿورا ٿڪا ماڻهو، سڙندڙ گھر جو ٻڌي، باھ وسائڻ جي مدد لاءِ، ٿڏي تي سندن گهر اچي پهتا. گھڻا تڻا مٽ مائٽ ۽ دوست يار، پنهنجن پنھنجن ڌنڌن ڌاڙين ۾ ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهيا. جيڪي ساڏي، واھر تي وٽن پھتا، تن کي ڀت جون ٻئي ديڳيون کارائي ڍَوَ ڪرايائون.

جڏهن ساڏي، ماني کائي هليا ويا ته ڀاءُ کان پڇيائين؛ ”ادا! اسان جا کوڙ مائٽ رھائي آئين. الائي ڪنھن کي سڏي آئين جو مون ته گھڻن کي سڃاتو به ڪو نه.“

”ادا! مون سڏ ئي اھڙي واڪ ڪيو ھيو؛ ’اسان جي گهر کي باھ لڳي آ، دوست يار ۽ مٽ مائٽ پھچو.‘ اھي ئي پھتا، باقي ٻيا نه آيا. هاڻي اسان جا مٽ به اھي ٿي ته دوست به اهي اٿي. ڀت جو ٻڌايان ها ته سڀ ئي پھچن ھا. ڀت به کائين ھا گلا به ڪن ها. اهڙن کان ته اھي ڀلا، جيڪي مھل جو ٻڌي پھتا به، گلا به نه ڪيائون.

مطلب:

۱. جيڪو ڏک ۾ ڀائي نه ٿئي، تنھن کي دوست يار/ مٽ مائٽ چوڻ ئي اجايو.

۲. دوست اھو، جو ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ ڪم اچي.

۳. مٽ مائٽ اھو، جيڪو وقت تي واھر ٿئي.

1 comment: