Tuesday, August 24, 2021

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دنيا اندر، ٽن ڄڻن جا ضد مشھور آھن. ھڪڙو بادشاھ، ٻيو ٻار ٽيون عورت.

انھن لاءِ ٿري چوڻي آھي؛

بادشاھ ھٺ، ٻاريه ھٺ، ناريءَ ھٺ؛ ڪڏھن نه ھَٽُ. (ٿر، چوڻي)

ان جي تشريح ۾ جيڪا ڄاڻ ملي سا آھي: ۱. بادشاھ جنھن ھوڏ تي چڙھي، مور نه لھي. سندس حڪم مڃيو ويندو ۽ مٿس بادشاھي خزاني مان خطير رقم سان خرچ پڻ ڪيو ويندو آھي. ۲. ٻار جنھن ريچڪ تي چڙھي، ان تان آتارئي به نه لھي. جيستائين ان جو اھو رانگو پورو نه ٿيندو تيستائين پيو روئندو ۽ رينگندو. جڏھن ھوڏ پوري ٿيندس پوءِ ماني کائيندو، ور نه ته بک تي ستو پيو ھوندو. ۳. رن جڏھن رانگي تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجهي پر رانگي تان نه لھي.


اھي ضد، اڻٽر ۽ فطري آھن، جيڪي خوامخواھ سر تي سَھڻا، کڻڻا ۽ بنا چون چران جي برداشت ڪرڻا آھن.

ٻيا ضد ھروبرو ڳچيءَ پئجيو وڃن، تن مان مشھور آھن؛ ۱. ڪتي وارو ضد، ۲. گڏھ وارو ضد. ۳. وڏيرڪو ضد.

يعني ۱. ڪتو وڏو وڻواند آھي، جڏھن عڪس پوي ته سر نئي، ضد تان نه لھي. ۲. گڏھ پڻ وڏو نٺر ۽ ضديرو آھي. پوک ۾ پوي، ھاري ڀلي ڪٽي ڪٽي ساڻو ٿي پوي، ھي پوک مان نه نڪرندو. جيئن ئي ھٿ ڍرو ٿيندس، ڪن ڇنڊي وري پوک ۾ بيٺو ھوندو. ان ڪري ضدي ماڻھوءَ لاءِ مثال طور چئبو آھي؛ ”فلاڻي جو ته گڏھ وارو ضد آھي.“  ۳. وڏيرو پڻ بينشيرو، اڻ سھو ۽ وير-وٺو ٿيندو آھي. جڏھن بڇڙائيءَ واري ضد تي چڙھيو، ڪيڏو به سائين سائين ڪرينس، موراڳو نه لھندو.

مطلب:

۱. وڏيرڪو ضد، گڏھ واري ضد کان زور.

۲. وڏيرو ضد تي چڙھي، گڏھ کي به ماري وڃي.

۳. ضد پورائڻ، ڪو وڏيري کان سکي.

۴. وڏيرو ضد تي چڙھي، اصل نه لھي.

No comments:

Post a Comment