ورھ کري، واءُ ڪري،
ٻني کري، اڪ ڪري،
ماڻھو کري، بڪ ڪري.
(چوڻي، ڪانڊيرو جت،
ڍورو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھمسفر گاڏھيءَ فيسبڪ ٽائيم وال تي ھڪ پوست ھن عنوان سان رکي آھي؛
”لوڪ ڏاهپ جو ڀنڊار، ڍوري واسي. ڪاڪو ڪانڊيرو جت چوندو ھو: ’ورھ کري واءُ ڪري،
ٻني کري اڪ ڪري، ماڻھو کري بڪ ڪري.‘ ٻوليءَ جا ڄاڻو/ماھر، انھيءَ چوڻيءَ جي تشريح ڪيئن
ڪندا؟ (حوالو: الھبچايو جمالي)“
ان جي وضاحت لاءِ، مٿي ڄاڻايل ٽنھي فقرن جي ڇنڊ ڇاڻ، علحده علحده ڪجي ٿي.
جطڪا ھيٺينءَ طرح سان آھي:
۱.
ورھ کري، واءُ ڪري.
ورھيہ؛ سال.
سال جي اندر چار مندون آھن. منجھانئن ڪا به ھڪ خراب ٿئي ته ان ۾ واءُ گھڻو
لڳي. جنھن سببان فصل، نه سٺو ڄاپي ۽ نه وري سٺو لھي. جنھن لاءِ ھاري چوندا آھن؛
مند کري وئي. کريل مند ۾ اڻ وڻندڙ واءُ لڳندو آھي. جنھن سان نه پگھر سڪي، نه جان
کي فرحت ايندي آھي.
۲.
ٻني کري، اڪ ڪري.
اڪ، اھڙو ٻوٽو آھي، جيڪو پاڻمرادو ٿيندو آھي. ان جي پوک نه ڪبي آھي.
جڏھن ته ٻني آھي، محنت سان. محنت نه ڪبس ته منجھس ڪرڙ ڪانڊيرا، لئا، سر ٻوڙا
۽ اڪ ڦٽي پوندا. اڪ وري اھڙو ٻوٽو آھي جو منجھانئس، نه کاڌو ملي، نه ڦل فروٽ ۽ نه
وري ان جي ڪاٺي ڪنھن ڪم جي ٿئي. اڪ جي ڪاٺي، نه ڪام طور ڪم اچي، نه وري طور، نه
فرنيچر ۾ ڪم اچي، نه وري ٻارڻ طور ڪم اچي. اگر ان جي باھ ٻاري کاڌو تيار ڪبو ته
اھو کائي نه سگھبو جو منجھانئس، اڪ جي اُگري بانس پئي ايندي. جنھن سببان نه زبان
سان چٻاڙي سگھبو، نه نڙيءَ مان ڳھي سگھبو. زور ڪري اندر اماڻبو ته آنڊن مان اٻڙڪ
ڏئي ٻاھر پيو ايندو.
جنھن ٻنيءَ تي محنت نه ڪبي، سا کرندي ۽ منجھس نڪميون شيون پاڻ-مراديون ڦٽي پونديون.
يعني کريل زمين/ ٻنيءَ ۾ اڪ ئي ڦٽندا آھن.
۳.
ماڻھو کري، بڪ ڪري.
ماڻھو به ٻنيءَ وانگر آھي. ھٿ ڪڍينس ته کرڻ ۾ دير نه ڪندو. کريو ته ننڍي وڏي
کي ڪو نه سڃاڻندو. سڀني سان ٻولي ساڳي ڳالھائيندو. اھڙي ٻولي ڳالھائيندو، جنھن جو
نه منھن، نه سُرُ. پاڻ ئي پيو ان ۾ گچندو ۽ جھاڪا کائي نڪرندو. پاڻ ئي سمجھندو اڃا
اڻ پورو ڳالھايو اٿم ته وري ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ ٻيھر کڻي تاھوت ٻڌندو. ائين سڄو ڏينھن
ويٺو جابوليندو ۽ بڪ ڪندو.
مطلب؛
۱. کريل شيءِ مان فائدي بجاءِ نقصان پوندو آھي.
۲. جڏھن ڪنھن شيءِ ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو آھي ته موذي ٿي پوندي آھي.
۳. سنگتي کري، گلا ڪري.
No comments:
Post a Comment