Wednesday, July 28, 2021

هوڙ لڀي ڪا نه، هليو آ حلوو کائڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هوڙ لڀي ڪا نه، هليو آ حلوو کائڻ. (ورجيس)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪ آھي سيرو، جيڪو سوجيءَ مان يا ڪڻڪ جي اٽي مان جڙندو آھي. نرم ٿيندو آھي. کائڻ ۾ سولو ھئڻ سبب، جلد کائي سگھبو آھي. بلڪ بنا ڏندن جي به کائي سگھبو آھي. ھضم ڪرڻ به آسان آھي. گھر ۾ به تيار ڪري سگھبو آھي.


ٻيو آھي حلوو، جيڪو چاٻو ٿيندو آھي. اھو ھوڙ سان چڪي ۽ چٻي کائڻ ڏکيو آھي. ڳھڻ سان ھضم نه ٿيندو. چٻڻو ئي پوندو آھي. ان جي چٻڻ ۾ ئي چس رس آھي. اھا چس رس، ھوڙ کان سواءِ حاصل ٿيڻ، مشڪل آ. ان لاءِ ھوڙ جو ھجڻ ضروري آھي.

جيڪو ھوڙ نه ھوندي، حلوي جي طلب ڪري، سو ڄڻ اجايو زيان ٿو ڪري.

مطلب؛

۱. سخت شيءِ کائڻ لاءِ وات ۾ سخت ڏند ھجڻ گھرجن.

۲. وات ۾ سخت ڏند ۽ پيٽ ۾ محنتي آنڊا ھجن ته سخت شيءِ ورتائجي.

۳. نه مونھ ۾ وه دانت، نه مونھ ۾ وه آنت. (اردو)

۴. سيرو کائڻ سولو، حلوو چٻڻ ڏکيو.

No comments:

Post a Comment