مـُندون منھنجي مـُلڪ جون
ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي
مُندن ۽ موسمن، ڏينھن ۽ ڏيهاڙن، مھينن ۽ ماسن جي مـَٽَ سَٽَ ڪري، نه رڳو ماڻھو پر وڻ ٽڻ، ٽنگ ٽاري، ٻنو ٻاري پنھنجا رنگ روپ مٽائيندا آهن.
انسان ته انسان پر پکي پکڻ، مڇي ٻلھڻ (Dolphin)، ڪُميون ۽ سَيسَرَ، جِيت ۽ جَڻيا، ڪوليون ۽ ماڪوڙيون، مند آهر موج مستيون ڪن ٿيون ۽ سور سختيون سھن ٿيون. انھن ئي موسمن جي مُھابي، ڪڏهن جوانيءَ جو جوش ۽ ڪڏهن وري وڇڙي ويل عمر کي، مھڻا ۽ طعنا ڏين ٿيون.
وه واهه جواني جاڙ ڪتوئي، ڇورا ڪرڪي ڇوڙ ڳِيون،
هر ڪوئي آکي چاچا ماما، جاڙ اهو به جوڙ ڳِيون.
اهي مـُندُون ۽ موسمون ئي آهن جن پٽ-اندڙ ڪڏهن عيدن جا اُهڃاڻ ته ڪڏهن براتين جون باتيون، ڪڏهن ڏِڻَ ۽ ڏياريون، ميلا ۽ ملاقاتيون، لابارا ۽ لايون، ڇڄ ۽ ڇاڙيون، پوکون ۽ راهون، نه رڳو انسان کي زندگي گذارڻ جو احساس ڏيارينديون آهن پر هر مخلوقِ خدا، موسمن پٽ-اندر، پاڻ کي ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماسو، ڪڏهن ٽُويو ته ڪڏهن ڪاسو پئي سمجھندي آھي.
مَٽنديءَ مُند سارو ڪڏهن واءَ ۽ واچوڙا، لڪون ۽ جهولا، گرميون ۽ سرديون، ڪڏهن بھار ته ڪڏهن ملھار. مطلب ته ڪڏهن سارنگ جا ساٺ ته ڪڏهن ڏُڪـَرَ جا ڏک.
منجهان منھنجي روح جي، وڃي ساجن وسري،
ته مر لڳي لوءَ، ٿـَرَ- ٻاٻِيھو ٿي مـَران.
(شاهه)
اسان جي سنڌ ڌرتيءَ ڪيترا ئي ساڌو ۽ سنت، مھنت ۽ منش، سخي ۽ ڪوي، جوڳي ۽ روڳي، گياني ۽ ڌياني، ڪاپڙي ۽ ڪَن-ڦاڙ، صوفي ۽ سمجهدار، ڏيندڙ ۽ ڏاتار، پاڳارا ۽ پڳدار، سورهيه ۽ سردار، پير ۽ فقير، سونار ۽ لوهار، ڪمي ۽ ڪاسبي، ڪمانگر ۽ عقل جا اَڪابر، مڙس مھان ۽ دولھه دريا خان ڄڻيا جن پنھنجي ماتر-ڀومي جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اهڙا ته اهڃاڻ ۽ پنھنجي عقل جا اهي ته نشان ڇڏيا آهن جن تي نه رڳو سنڌ پر سڄي انسان-ذات ناز ڪري سگهي ٿي. اهي نشان پھاڪن ۽ پرولين، ڏورن ۽ بيتن، ڪٿائن ۽ چوڻين وغيره جي صورت ۾، اسان وٽ هڪ اهڙي ڀنڊار جي صورت ۾ موجود آهن جن کي سڄو جَڳ گڏجي به اسان کان لُٽي نٿو سگهي ۽ نه وري اها ڪا مَٽائڻ جي مايا آهي، جو ڪنھن شيءِ سان مَٽائجي.
هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون انيڪ ۽ اڻکٽ آهن، پر هتي رڳو انھن چوڻين، پھاڪن ۽ ڪويتائن (بيتن) جو ذڪر ڪبو جن جو مَٽجندڙ مندن ۽ موسمن، مھينن ۽ مِتين (مِتي معنى تاريخ)، هوائن ۽ طوفانن، لڪن ۽ واچوڙن سان واسطو يا ڪو سنٻنڌ آهي.
جيئن ته هن ليک جو لاڳاپو مندن ۽ موسمن، مھينن ۽ مِتين سان آھي ته هِتي ٽپڻي (Calendar) جي وِچور (حساب ڪتاب) ڏيڻ ضروري آهي، جيئن پڙهندڙ کي ڳالھ سولائيءَ سان سمجھائي سگھجي.
ٽپڻو Calendar
جنوري پوهه - مانگَهه
فيبروري مانگهه - ڦڳڻ
مارچ ڦڳڻ - چيٽَ
اپريل چيٽَ - وِيساکَ
مئي وِيساکَ - ڄِيٺَ
جون آرهڙ - سانوڻ
آگسٽ سانوڻ - بـَڊَءُ
سيپٽمبر بـَڊَءُ - آسـُو
آڪٽوبر آسُو - ڪـَتي
نومبر ڪـَتي - مَنگِهر
ڊسمبر مَنگِهر - پُوهُه
اسان جي هنن مھينن جي وچور به نرالي آهي. ڪنھن مھيني ۾ ٻٽيھه ڏينھن به ليکبا آهن، جيئن سال 1978ع جا سانوڻ ۽ بَڊَءُ جا مھينا ٻٽيھن ڏينھن جا ليکيا ويا آهن ۽ حساب موجب ڪي مھينا ويھن ڏينھن جا به ٿيندا آهن. ان کانسواءِ هر چوٿين سال هڪ تيرهون مھينو ڳڻبو آهي. اهو ويھن ڏينھن جي هجڻ ڪري اڌ مھينو ليکبو آهي، جنھن کي “لُنڊ” يا “پُرشوتم” به ڪوٺيندا آهن.
پنھنجي ٻني پوک، جاچي ٻوڏ سوڪ،
پنھنجو پاڻ موک، جيڏين وچ جھان ۾.
*
آيو مھينو چيٽ جو، آرس جو ڇڏ انگ،
توسان ويريءَ جو وڏو، آهي ضرور زنگ،
کڻ ڪھاڙيون ڪوڏريون، وڍ جودئون جهنگ،
تون دڙا دِڪيون، دڙي ڪڍج دنگ،
پرور! پيو ننگ، آهي آدم تو مٿي.
ھندي سال جي شروعات “چيٽ(مارچ/اپريلِ)” مھيني سان ٿيندي آهي ۽ چيٽي چنڊ جو ميلو ڌوم ۽ ڌام سان لڳندو آهي. جيئن ته هيءَ بھار جي مند هوندي آهي، ان ڪري وڻن ۽ ٽڻن، پوکن ۽ راهن، باغن ۽ باغيچن مطلب ته هر ڏس ۾ گل ۽ گلزاري، ساوڪ ۽ سرهاڻ هوندي آهي. وڻ به سيءَ ۾ سڙيل پن ڇاڻي، سايون پوشاڪون پھريندا آهن. ان ڪري چوڻي آهي؛
“چيٽ اڍائي ڏينھن، ڪُڏي ٻڪرار”.
ٻڪرارن جون ٻڪريون هڪ ته سياري جي پارن ۾ پاهه ٿيل هونديون آهن ۽ سيءَ جي ڪارڻ وَڻن ٽڻن ۽ گاهه پٺي جي سُڪي وڃڻ ڪري بُکن وگهي هيڻيون ٿيل هونديون آهن، سي وري ساهه پٽي سگهاريون ٿي پونديون آهن ۽ ٻڪرار جو مـُک به پيو ٻھڪندو.
چيٽ مھيني سان سلھاڙيل/ لاڳاپيل هڪ ٻي چوڻي آهي؛
“جي مينھن وسي چيٽ، ته اَنُ نه ماپي کيٽ.”
ڪڻڪون سنگ جهليون پيون جهولنديون آهن. جي اُن مُند ۾ پئي برسات ته اَن جو داڻو ٿلھو ۽ وِتَ وارو ٿيندو ۽ فصل سٺو لھندو. ان کانسواءِ برسات جي ڪري زمينن کي قدرتي نموني نائٽروجن ۽ ٻيون ڪيميا حاصل ٿين ٿيون. ڪيترا جيت جڻيا به مرن ٿا، جيڪي کيتن لاءِ هاڃيڪار ۽ بيمارين جو ڪارڻ هوندا آهن. چيٽ جي برسات سبب، جوئر ۽ ٻاجهر به جام پوکبي آهي. ان ڪري چيٽ جي برسات کي اَڻ مَئي اَنَ جو اهڃاڻ ڪري ڪوٺيو اٿن.
ڳـَھرَ ڳوڌا ڇڏ، جئن وريو ويساکي ماهه،
سَندري ڀُون سئين ڪري، پِڙ پڙووهي جو ٺاهه،
چاڙهي نار نينھن جو، هَلٽ ڪر همراهه،
وٺ گـُروءَ جي گس کي، وچن ڪر ويساهه،
چوويھه هزار پساهه، ويھي وڃاءِ نه وسيلو.
ويساک (اپريل/ مئي) جو مھينو اَنَ جو اُهڃاڻ ٿيندو آهي. هن مھيني ڌاري ڪڻڪ، مـَٽر، چَڻو، جَوَ، مَھُري (دوباري واري) لھندا آهن ۽ ان اڻ مَيُو ٿي پوندو آهي. ان ڪري چوڻي آهي؛
“ويساکي، ننڍي وڏي لاکي.”
ڄُلي آيو ڄيٺ اٿئي، جام چڙهيو آ جَر،
ٻارا، ٻنا، اڏون ٺاهه، وٺ وسيلو ڀر،
ريج روڻي ري شڪي ڪر، حُب جو ڏينس هَر،
وِجهه خاصيءَ ڳيڙ ۾، سالم ٻج سڌر،
تنھنجو ڪي قدر، تر توائي نه ٿئي.
ڄيٺ (مئي/جون) مھينو آهي جهڪن ۽ جهولن جو. هن مھيني ۾ لُڪَ لڳڻ شروع ٿيندي آهي، جيڪا آرهڙ مھيني جي ڏهن ڏينھن تائين هلندي آهي. تنھنڪري هن مھيني کي لُڪن جي چاليھي جي شروعات سمجهبو آهي. گهوڙن جا شوقين ۽ خفتي، چاليھي ۾ گهوڙن ۽ گهوڙين جا سنج لڪائي رکندا آهن ۽ سواري ڪونه ڪندا آهن. ڇو ته هي مھينو وَهِٽَن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. انھن لُڪن ۽ جهولن ۾، مارو ماڻھو رکندا آهن بصر تي بارو. جيئن ته بصر ٿـڌو ۽ سستو هوندو آهي، ان ڪري بصر جو کاپو به جام ٿيندو آهي. خاص ڪري چاليھي ۾. ان کانسواءِ مُستي ۽ ڳڙ جي ٿاڌل ۽ ٻڪريءَ جي کير جو جهارو ۽ لُڪَ کان بچڻ لاءِ آلو ڪپڙو (پُسي) پائي هلڻ ۽ سمھڻ تي زور ھوندو اٿن. جيئن ته ڄيٺ جو مھينو پوکيءَ راهيءَ جو ٿئي، تنھنڪري ٻھراڙين ۾ نـَرُ توڙي نار گهڻو تڻو گهر کان ٻاهر ٻنين ۾ گهارين ۽ لڪن ۾ لوساٽجي سڙي سانورا ٿي ويندا آهن. هن مھيني ۾ مڱ، تر ۽ گوار جي پوکي شروع ٿيندي آهي.
آيو مھينو آکاڙ جو، ڪر الله توهار،
واهر وڏي پير جي، وجهه واڙ چوڌار،
صوفي شاهه شھيد جي، اجهي لڳ آڌار،
سالم سبزا ساوڪون، ٻُڌ رينگٽ پون نار،
نڪري سلا نروار، آيا ڍڍي چونڪ تي.
جيڪا آرهڙ (جون/جولاءِ) سارين جو رونبو (Re-plantation) به ڄيٺ کان شروع ٿي، سانوڻ جي شروعات تائين هلندو آهي.
اسان جي سنڌڙيءَ جو اُتر وارو ڀاڱو، اونھاري ۾ سخت گرم ۽ سياري جو گهڻو ٿڌو تـَرُ ليکبو آهي. ڄيٺ کان گرمين جي شروعات، لُڪن سان ٿيندي آهي، جيڪي چاليھه کن ڏهاڙا هلندا آهن. ان کانپوءِ به گرمي ۽ گهُٽ اهڙي ٿيندي آهي جو پھرن جا پھر[1]، هوا صفا بند ۽ سج تپي ٽانڊي وانگر ٽمڪڻ لڳندو آهي. نه رڳو ڏينھن پر راتيون به پنھنجو مـَٽُ پاڻ. ڏينھن جو ويچارا مرد توڙي مايون ۽ ٻار، ٻنين ۾ سارين جو رونبو ڪندا آهن[2]. رات جو هوا بند هئڻ ڪري سخت گُهٽ ٿيندي آهي، ويتر مڇرن جو مارو. اهڙيءَ حالت ۾ مرد، مايون ۽ ٻار، گڏيل اندازَ ۾ رڙيون ڪري ڏکڻ جي ٿڌڙي هير کي سڏيندا ۽ الله سائين جي در، هوا لاءِ ٻاڏائيندا آهن.
گُهل ڙي ڏکڻ مئين گهوليان، تيڏي ماءُ پچاوي لوليان،
*
آ ڏکڻ ڏيھي، سردار ڏيسي ڏون مينھين،
هڪ ڏهي کاءُ، هڪ ڪھي کاءُ.
*
آءُ ڏکڻ ڏيھي! ڀڃ مڇرن جي پيھي.
انھيءَ کانسواءِ الله الله جون گڏيل رڙيون ۽ رنڀون، اصل توبھن لڳي پئي هوندي آهي. هڪ ته گرميءَ ۾ ماڻھو بت کان بيزار ٻيو مڇرن جو مارو، ٽيون وري گرميءَ ڪري نڪتل پِتُ ۽ آراين جو ساڙو. ٿورو سوچيو؟ ڇا حالت هوندي “هارُوءَ ماءُ جي.” اهڙيءَ حالت ۾ ڏکڻ جي هوا جي هير، ڪنھن رُٺل محبوبه جي موٽ کان گهٽ نه هوندي آهي.
هن سُندِري سُوڀياوان، من-موهڻي ماتر-ڀومي جي موسمن وانگر برساتين جون به عجيب ادائون آهن، جيڪي گهڻن ئي گروئن[3] جون متيون منجهائي وجهن ٿيون. جي جهڙالي آسمان مھل، اوڀر جو واءُ لڳو ته بادل ضرور پَلُر جي پالوٽ ڪندو. ڀيڄَ ڀڄندي ۽ ٿر بر ۾ بھاريون ٿينديون.
جهڙالي ۾ اوڀر جو واءُ لڳي ته معنى برسات ضررو پوندي. سانگي ويچارا واپس ورڻ جا سانباها ڪرڻ لڳندا آهن ۽ ٿر جو مال ۽ ڍور، جنھن جو گذر ئي انھن گهٽائن جي ادائن تي ٻڌل آهي، سي کِنوڻ جي چَمڪاٽ کي محبوب جي مرڪ ۽ راضپي جو اهڃاڻ سمجهي، سنگهرون ۽ رسا ٽوڙائي، ٺينگ ٽپا ڏيندا، ڀِٽُن ڏي ڀڄندا آھن ۽ ڀاڻن ڀيڙا ٿيندا آهن.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏ-ڦُڙو، ٽھڪن ٿيون ٽاريون،
لٿي لُکَ لطيف چئي، ڍايون تاساريون،
ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.
(شاهه)[4]
“وسي ته ٿر نه ته بر”
جي پَلُر جي پالوٽ[5] نه ٿئي ته ويچارا مارو ماڻھو، پيٽ جي دوزخ جي باهه وِسائڻ لاءِ پنھنجا اباڻا اجها ڇڏي، سانگ جا سانباهي ڪندا آهن. پنھنجا مَنَھهَ ۽ مانڊاڻ، ڀٽون ۽ ڀاڻ، ٺڪاڻا ۽ ٺاڻ ته ٺھيو پر ماءُ ۽ پيءُ، ٻار ٻچا ۽ نرمل ناريون ته ڇا، پنھنجي سڄي ڪائنات کان وڇوڙي لاءِ مجبور ٿي پوندا آهن. ڇو ته ڏُرت ۽ ڏڪار ۾، ٿر منجهان اَنُ اڻلڀ ۽ گاهه گم ٿي ويندو آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي ملي سو به ٻاڙو ۽ کارو. “واه ڙي رنگي! تنھنجا رنگ”.
ڪن کي ٻيڪ نه بخشين ٻڪري، ڪن کي داتا ڏين ٿو ڌڻ،
ڪن کي دام نه ڏئين دمڙي، ڪن کي مايا ڏين ٿو مڻ،
ڪن کي پالين سک پالڪين ۾، ڪن کان پيھائين پاهڻ.
(شاهه)
جي وسڻ لاءِ ٿئي واءُ سڻائو ته مارو به ڪن موٽ. جن وڇوڙي جي قيد ڪاٽي هوندي، جن جون اکيون چوڙيلين جي چڳن ڏسڻ لاءِ آتيون هونديون، تن جي من مندر ۾ کنوڻين جي کِوڻ سان واڌائين جا واڄٽ ٿيڻ لڳندا آهن. آتين اکين ۾ خوشي، من ۾ پرينءَ وٽ پڄڻ جي پچار. اها آهي سڀ مالڪ جي منشا. نه ته ڪير ڪري جانين کان جدايون.
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ٿو ڪري،
وسايو واٽڙين تي، ٿو خالق کنڊ ڀري،
پاساريان پري، سانگ مَ وڃن سپرين.
(شاهه)
جهڙالي ۾ اوڀر-واءُ ڄڻ ملھار جي ماءُ. جُهڙ سو هجي، باقي پوءِ اوڀر لڳڻ مان مينھن به اکڙيل ڪُھاڙيءَ وانگر واڄٽ ڪندو ايندو.
ساڳي سٽا آهي ڏکڻ جي ٿڌڙيءَ هير جي. پگهر سڪائي، ساهه ۽ سرير کي سڌير ڪندي آهي پر برسات آڻڻ کان بس. جھڙي نموني ڪانئر ماڻھوءَ جو جهيڙي کان جواب.
ڏکڻ مينھن نه وسڻا، جي وسي تان ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه مارڻا، جي ماري تان جهوري.
واءُ اوڀارو، جيءَ جيارو. جڏهن لڳي ته اُڃيارن کي ڍائي. ڪارا ڪڪر ڪنھن وينگس جي کليل وارن وانگر، آسمان جي مُکَ تي ڍري ۽ ڍرڪي پوندا آهن. کِنوڻ سان گڏ، گاج ۽ گجگوڙ، پوءِ ويھي ڏسو برسات جون بھاريون. ڍنڍون ۽ ڍورا، مَنَھهَ ۽ چنئرا، ڀاڻ ۽ وٿاڻ، گهٽ ۽ گهيڙ، سڀ ڀري ڪرائيندو آ بھاري.
سانوڻ (جولاءِ/آگسٽ) سک ۽ سانت جو مھينو آهي. هاري ناري ويچارا پنھنجو گهڻو تڻو ڪم لاهي، پوکي ۽ راهي کان آجا ٿي ويندا آهن. هن مھيني ۾ درياه به پنھنجي ڦوهه جوانيءَ جھڙي مستيءَ ۽ موج ۾ هوندا آهن. درياهه ۾ چاڙهه ڪري، جهنگل ۽ ٻيلا به پاڻيءَ پوڻ ڪري، ساهه پٽي چھچ ساوا ٿي پوندا آهن. هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هوندي آهي. ساوڪ جي گهڻائيءَ ڪري چوڻي آهي:
“ساوڻ جي انڌي کي سدائين ساوڪ نظر ايندي آهي.”
جيئن ته هن مھيني ۾ گهڻو ڪري هوا گهلندي رهندي آهي. تنھن ڪري چوڻي آهي:
”سانوڻ پٽ سياري جو، بَڊَءُ پٽ اونھاري جو.“
سانوڻ سکي آيو، پوکون ٿيون تار،
کيرو آڀون سنگ ۾، پيھا وجهج چار،
کڻ کانڀاڻي، ڪر هڪل، ٻُڌجي جهرڪي جهار،
دليون جانيون جڳديش کي، ساسئون ساس سنڀار،
نئڙي نرت نھار، ڪانھي ڪنڌي نياز ري.
سانوڻ مھيني ۾ برساتيون به ججھيون پونديون آهن. برساتين جي ڪري، سنڌ ڌرتيءَ جي باراني پَٽَن توڙي موڪي مُلڪَ[6] ۾، جوئر ۽ ٻاجهر جي راهي پوکي به هن مھيني ۾ گھڻي ٿيندي آهي.
سڄڻ سانوڻ مينھن جيئن، جُهڪن پاسي جهوڪ،
ڏيندا پاهه پَٽَن کي، منجهان مينھن موڪ،
لس پيارين لوڪ، آگم ڪيو اکين سين.
(شاهه)[7]
ماهيو مال به گهڻو ڪري سانوڻ ۽ بَڊَءُ ۾ ويم ڪندو آهي. تنھنڪري کير به ججهو ھوندو آھي. ويتر ٿئي گاهه ۽ پٺو به جام ته پوءِ ٿيو وڃي سون تي سُھاڳو. ٻارڙا، وڻن ۾ رسا ٻڌي پينگهون لڏندا آهن. انب ۽ انگور، سردا ۽ گرما، ڄَمون ۽ ليار، ڏاڙهون ۽ ڦاروا، صوف ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا ڦل لھندا آهن.
بَڊَءُ (آگسٽ/سيپٽمبر) مھيني ۾ گرمي ۽ گُهٽ وڃي تار ٿيندي آهي. تنھنڪري چوندا آهن:
“بَڊَءُ بد بلا، تنھن کان سانوڻ ڀلا.”
بَڊَءُ مھيني جي 22 تاريخ تي چِٽَ لڳندي. چِٽَ لاءِ چوڻي آهي:
“ست چِٽَ، ست ٻه-چِٽَ، ست چانھيون، ست ٻه-چانھيون، پوءِ سيارو ڪري دانھون، گهر گهر ٻرن باهيون.”
نه رڳو ايترو پر 22 بَڊَءُ تي سُھيل تارو بيھندو آهي. اهو تارو مکڻ جو اهڃاڻ ليکبو آهي. چوندا آهن:
“سھيل لڏيو، مکڻ ڪُڏيو”.
هن تاري جي ظاهر ٿيڻ سان، مکڻ به ججهو نڪرندو آهي. ريڍو مال به سھيل تاري جي بيھڻ ڪري، ڪڏڪارون ڪري خوشيءَ جو اظھار ڪندو. بلوچيءَ ۾ چوڻي آهي ته،
“مَ مري مِيَشان، دَان سُھيل بوشِتي.”[8]
سھيل تاري جي بيھڻ سان، آڳاٽي ۽ پاڇاٽي، هڙ جوئر سنگ جهليندي آهي.
بڊو بنجي آيو، ٿيون چٽيون چِٽايون،
اَن پَچي راس ٿيو، ڏاتا جُوڙيائون،
مولى پنھنجي مھر سان، ٽاريون بلائون،
سڦل ڦل ڪمائين، جو پنھنجو پاتائون،
خوش ٿي کنيائون، “آسو“ کلي خير سان.
بَڊَءُ جي مھيني ۾ ان جي اڻاٺ سبب، کيس تيرهون مھينو به چوندا آهن. هن مھيني لاءِ چوڻي آهي؛
”تيرهين مھيني ۾ ڪانوَ به اوڳرائي پاڻي ڪڍندا آهن.“
ڇو ته فصلن ۾ ان اڃا ڪچو هوندو آهي. ان ڪري پکين جون گُجيون به ان بجاءِ، پاڻيءَ سان ڀريل هونديون آهن. هن مھيني جي آخر ۾ تَلُور پکي به سائبيريا جا پَٽَ ڇڏي اچي سنڌ وسائيندا آهن.
آيو اسو آسروند، هلر ٻڌائون،
وائري اَن صاف ڪري، ڀانڊا ڀريائون،
ثمر سياري لاءِ، پڻ ڦٽيون چونڊيائون،
ٺاهي سَوڙ سچ جي، ٻي ڪٿ نه ڪٿيائون،
انھن سان آءٌ، شل گڏ گذاريان ڏينھڙا.
اَسُو (سيپٽمبر/ آڪٽوبر) جي مھيني ۾ درياه ڪيترو به چڙهيل هجي پر وهندو پنھنجي حدن اندر آ. ان لاءِ چوندا آهن؛
“اَسوءَ جا ريلَڙا، وڃي باهڻي پيا”.
هن مھيني ۾ درياهه چاڙهه وارن حصن مان لھي ويندو آهي ۽ درياهه جا واهڙ به پاڻي موٽائيندا آهن. جيئن ته هيءُ مھينو سرءُ جو هوندو آهي، تنھنڪري سَرءُ جو بخار ۽ تپاولي، اُلٽيون ۽ دست، کنگهه ۽ زڪام جام ٿئي. جنھنڪري ويڄ ۽ طبيب، ڊاڪٽر ۽ حڪيم عيدون ڪندا آهن.
لابارن جي ڪري اَنُ به ٿئي جام. هڪ پاسي انُ لھي ته ٻئي پاسي بيمارين جي ڀيڙ ٿئي. انَ مان اپت ٿئي سا کسي ويڄ.
“اَسُوءَ ۾ لسي بيمار ڪندي آهي. گهٽ واپرائجي نه ته بيمار ڪندي.”
جيئن ته اَسُو ۽ ڪَتي، سَرءُ جي مند هوندي آهي ان ڪري لسي به گهٽ واپرائجي نه ته بيماري ٿيندي.
اَسُو جو مھينو آيو، لاباري جو ڪيو سعيو،
هلي ٻنيءَ ۾ گُهمون، سنگ سڀئي لڻون.
لاباري لاءِ ڏاٽي جي ڳن ۾ هٿ پيو ته خبر ناهي ڪٿان ڪٿان کان ڀانت ڀانت جا پينو ۽ پينار، منگتا ۽ مڱڻھار، جوڳي ۽ ڪن-ڦاڙ ڪاپڙي، موالي ۽ مست، ڀان ۽ ڀَٽ، پير ۽ فقير، انڌا ۽ منڊا، لولا ۽ لنگڙا اچي لابارن وٽ لامارا ڏيندا ۽ نصيب سارو سنگ پِنندا ۽ پنھنجون بُگِريون ڀريندا، دعائون ڪندا، رمندا رهندا آهن. هيءَ به سنڌڙيءَ جي انوکي ريت آهي. ڏک هجي يا ڏڪار، پنھنجا ڪک تمام ڏکيائيءَ سان ڇڏيندا. مرندي مري ويندا آهن پر ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪو نه ٽنگيندا آهن. جيڪڏھن ڪو سائل سندن در تي آيو ته ان کي به خالي هٿين موٽائڻ مھڻو ڀانئيندا.
ڏِنو ڪِنو نه ٿئي، جيئن ڏي تيئن گهڻو،
سَخي سِرنَھن چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.
(شاهه)
ووئنڻن ۾ چونڊو به هن مھيني ۾ ٿيندو آهي ۽ سياڻن جي چوڻيءَ موجب؛
“جلاب اَسُو مھيني ۾ وٺڻ گهرجي، ڇو ته صحت لاءِ فائديمند ٿيندو.“
ڪُتا مستيءَ جي ڪري ڇتا به ٿي پوندا آهن. اَسُو ۽ ڪـَتي مھينن ۾، ڪُتا مَستيءَ جي ڪري ماڻھن کي گهڻو ڏاڙهيندا آهن.
چڻو، مٽر تُوري، مَھُري (دوباري واري) اسو مھيني جي شروعات کان پوکبا آهن.
سعيو ڪر ربيع جو، آئي جا ڪتي،
ڪڻڪ پوکج قرب جي، ڪڍي ڪلپت ڪتي،
صبر، رضا، شُڪر کي، لڳي ڪا نه رتي،
پردو رک پَتيِ! سونھان سرتئين وچ ۾.
اَسُو کانپوءِ ڪَتيءَ (آڪٽوبر/ نومبر) جو مھينو اچي، جنھن لاءِ چوندا آهن؛
“ڪَتي، ناڙيءَ ۾ پتي“
ڪَچي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڻڪ جي ناڙي شروع ٿيندي آهي. هن مھيني ۾ ڏينھن گهٽجي ويندو آھي ۽ راتيون وڌي وينديون آهن. ان ڪري چوندا آهن؛
“ڪَتي، گهمندي ڦرندي لٿي.”
ڏياريءَ جو ڏِڻُ به هن مھيني ۾ ملھائبو آهي. ان ڪري چوندا آهن؛
“ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.”
مَنِگهرِ (نومبر/ ڊسمبر) مھيني تائين ڪڻڪون پوکبيون آهن. هن مھيني ۾ سخت سيءَ پوندا آهن ۽ ٿَڌ لڳڻ سبب، سِرسَام جو خطرو هوندو آهي. ان ڪري چوندا آهن؛
“مَنگهر، پاڻيءَ ۾ نه گِهرِ”.
سياڻن جو چوڻ آهي ته منگهر ۽ پوهه جي مھينن ۾ زيتون کائجي. ڇو ته هن موسم ۾ زيتون اندر جِيتَ ۽ ڪينئان گهٽ ٿيندا آهن. منگهر ۽ پوهه، کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ سٺا مھينا ليکبا آهن. کير ۽ مکڻ، ماکي ۽ مڇي، گوشت ۽ ڦل يا ٻيون شيون، جيتريون واپرائبيون اوترو وِتُ وڌندو.
پوهَه (ڊمسبر/ جنوري) جي مھيني ۾ سخت سيءَ سان گڏ، اتر اولھه کان ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. تنھنڪري وڻن ٽڻن جا پن ڇڄي ڇڻي پوندا آهن. ان ڪري چوڻي آهي:
“پوهه، ڪُچين کوهه.“
پوهه جو مھينو، خاص ڪري ٻاڪري مال لاءِ سخت ٿيندو آهي. هن موسم ۾ ٻڪرين ۾ کنگهڻ واري بيماري ٿيندي آهي. گاهه به گهٽجي ويندو آهي، تنھن ڪري سگهي کان سگهيون ٻڪريون به اگهيون ٿيو پون. ان لاءِ چوندا آهن؛
“جي پوهَه نه ورتُئه ٻڪري ۽ مانگهه نه ورتئه ڏاند،
پڇي وت ڪريندا ٻڪري ۽ وَتُ ڪريندا ڏاند.”
مانگهه (جنوري/فيبروري) جي مھيني ۾ ڪَچي جا ڀاڳيا خاص ڪري ٻڪرار، گاهه ۽ چاري جي اڻاٺ ڪري، پنھنجو مال پڪي جي تَر ڏانھن ڪاهي ايندا آهن. ان ڪري چوڻي آهي؛
“مانگهه، چر سانگ”
جيئن ته هن مھيني ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. شاديون، مراديون ۽ دعوتون وغيره به گهٽ ٿينديون آهن. ان کانسواءِ ماڻھو يارن دوستن سان ملڻ به گهٽ نڪرندا آهن. ان ڪري چوڻي آهي؛
“مانگهه، نه ڪر تانگهه.”
ڦڳڻ (فيبروري/مارچ) سياري جو آخري مھينو ٿيندو آهي. گاهه ۽ ڪَکَ پَنَ جي اڻاٺ سبب، مالوند ماڻھو ويچارا آزار ۾ هوندا آهن. چوڻي آهي؛
“ڦڳڻ ڦوڪارو، نه ٽِنگَ نه ٽارُو”
ڦڳڻ، سياري جي پڇاڙي ۽ بھار جو اهڃاڻ آهي. ان ڪري هن مھيني ۾، مند به مٽبي آهي. ان لاءِ چوندا آهن؛
“ڦڳڻ ڦوڪارو؛ ڏينھان پگهارو، راتيان سيارو.”
مددي ڪتاب
1. ٻوهيو الھداد، ڊاڪٽر؛ سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج: سنڌالاجي 1978ع حيدرآباد.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌي لغت، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
3. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ تحقيق لغات سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
4. ٽه-ماهي مھراڻ؛ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1987ع.
5. ماهوار ڪينجهر رسالو؛ ايڊيٽر ناز سنائي، مئي 1994ع-18 سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ.
6. بروهي، علي احمد؛ سڏن مٿي سڏڙا، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1987ع.
7. رنگريز، غلام حسين؛ وکر سو وهاءِ، مضمونن جو ڪتاب، ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن ٺٽو 1988ع.
8. ڀٽائي جرنل؛ سنڌي ڊپارٽمينٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، شمارو 5 سال 1995ع.
[1] پھر، ٽن ڪلاڪن جو ٿيندو آهي
[2] سنڌ جو اُتريون ڀاڱو گهڻو تڻو ساريال آهي
[3] استادن
[4] آڏواڻي، ڪلياڻ، شاھ جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، صفحو ۳۴۲
[5] ٻوھيو، الھداد، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو ۳۲۹
[6] ڀاڱا
[7] آڏواڻي، ڪلياڻ، شاھ جو رسالو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، صفحو ۳۵۰
[8] اي رڍون! سھيل جي بيھڻ تائين نه مرو.
No comments:
Post a Comment