آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
“پھاڪا، انسان ذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظھار آهن. جن ذريعي هر گروه پنھنجي ملڪ ۽ ماحول، پنھنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق، صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پھاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪھاڻي آهن. اهي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي، ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجلسي رنگ ۽ ڍنگ، انساني سڀاءَ ۽ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ، ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف، پھاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مھيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچائيون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.”[1]
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب، ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ”اها ڳالهه روشن سج وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم، ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان علاوه، سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پھاڪا، هڪ خاص سماج ۾ اسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پھاڪا، پنھنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفھوم، وڃائي ويٺا آهن. ان جي بدران نئين سماج ۾ نوان پھاڪا اسري رهيا آهن ۽ پراڻا پھاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق تبديل ٿي رهيا آهن.“[2]
سواري به نر جي، ياري به نر جي. (ساهتي، چوڻي)
جت سچائيءَ تي چڙهي ته، کڙھ تي کير پياري. (ساهتي، پھاڪو)
اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت ته لاهيءَ کي به لعنت. (ٿري پھاڪو)
اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (سنڌ، پھاڪو) وغيره.
هاڻي جڏهن سواريءَ لاءِ ريلون ۽ موٽرون ايجاد ٿيون آهن، تڏهن پھاڪا ڪجهه هن ريت وجود ۾ آيا آهن:
گاڏي ڇٽي وئي اٿئي ڇا؟ (ساهتي، چوڻي)
ائين ويٺو آهين، جيئن بيواهي ٽيشڻ تي! (ساهتي، ورجيس)
ڊرائيور ته وَرُ، نه ته ڊرائيور ڪيئن؟ (ساهتي، چوڻي)
سواري ته ڦيٿي جي، چال ته چيتي جي، ڳالهه ته کاڌي پيتي جي. (سنڌ چوڻي)
ڊرائيور جي زندگي عجيب کيل آ، جيل کان بچو ته اڳيان سينٽرل جيل آ. (اردو، چوڻي)
ڊرائيور جي زندگي عجيب چڪر آ، صبح ڪراچي ته شام سکر آ. (اردو، چوڻي)
چلتي ڪا نام گاڙي، کڙي ڪا نام ڇڪڙا. (اردو، چوڻي) وغيره.
ان کان علاوه، ڪڏهن ته جڙيل پھاڪن ۾ به ترميم/ ڦيرڦار ٿيندي رهي ٿي. يعني اهي آزاد-استعمال (Free expression) جي اثر تحت ڦرندا رهن ٿا. جڏهن ته آفتاب ابڙي جو چوڻ آهي: ”1988ع ڌاري محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ خط لکي، مون کي ڪوٺ ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ پاران “لوڪ ادب رٿا” جو ٻائيتاليھون يا ٽيئيتاليھون، پهاڪن بابت ڪتاب جو، اڳين شايع شده مختلف ڪتابن کي ڀيٽي، معياري متن تيار ڪيان. ان لاءِ پاڻ مھرباني ڪري هڪ خاڪو به تيار ڪيائون. جنھن تي اڪتفا به ڪئيسين. پر پوءِ جڏهن معاوضي وغيره جون ڳالھيون نڪتيون ته سائين جن ماٺڙي ڪري ويا. اسان به خاموش ٿي وياسين. خبر ناهي اهو ڪم الائي ڪٿي پھتو.“[3]
پھاڪن جو متن تيار ٿئي، ڇو جو اهي مروج استعمال (Formular usage) تحت ٺھيل آهن. اهڙو خيال ڊاڪٽر مرليڌر به هيٺين طرح پيش ڪيو آهي.
”انسان ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنھنجي جذبات ۽ ويچارن جو اظھار ڪري ٿو تڏهن هو گهربل لفظ چونڊي، پنھنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انھن کي ڪتب آڻي سگهي ٿو. هن تي فقط اها پابندي آهي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏهن ڪنھن کي ڪو ڪتاب گهرجي ته هو الڳ الڳ جملن ذريعي پنھنجي خواهش ظاهر ڪري ٿو:
مون کي هيءُ ڪتاب کپي.
هيءُ ڪتاب گهرجيم.
هن ڪتاب جي گهڻي ضرورت اٿم.
مان هيءُ ڪتاب خريد ڪندس.
مون کي هيءُ ڪتاب هٿ ڪرڻو آهي. وغيره
مٿين جملن جي بيھڪ چاهي هڪ ٻئي کان بدليل آهي. پر انھن ذريعي جيڪا خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي، اها گهڻي قدر هڪجھڙي آهي. ٻوليءَ جي اهڙن جملن کي آزاد استعمال (Free expression) جملا چئجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انھن جي ڪتب آڻڻ وقت، ڳالھائيندڙ کي اختيار آهي ته هو پنھنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انھن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿو.
اهڙن آزاد استعمال جملن جي ڀيٽ ۾، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙي قسم جا استعمال آهن، جن جي بيھڪ مقرر ٿي ويئي آهي. ان ٻوليءَ جو هرڪو ماڻھو ڪنھن گهربل مطلب جي ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي استعمال بلڪل ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. اهڙن استعمالن کي مروج استعمال (Formular Usage) چئجي ٿو، ڪجهه مثال ڏسو:
هو هميشه پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي. اهو ڪونه ٿو ڏسي ته ٻين کان وڌيڪ پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آهي. ”مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانه، ڳئونءَ کي چوي ته هل ڙي پڇ ڪاري!“
ٻوڏ ۾ ستايلن جي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿئي ته پوءِ دير ڇو ٿو ڪرين؟ ”ترت دان، مھا پڃ“.
مٿين مثالن ۾، ڏنگين ۾ استعمال ٿيل جملن کي ٻوليءَ ۾ نرالي اهميت ملي چڪي آهي. اهي ٻوليءَ ۾ اهڙا فارمولا آهن، جيڪي هر ڪو ماڻھو ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. انھن جي اندروني بيھڪ ۾ تبديلي ڪرڻ جو کيس اختيار ڪونھي. جيڪڏهن ڳالھائيندڙ انھن جي لفظن ۾ ڪابه تبديلي ڪندو ته استعمالن جو گهربل مطلب حاصل نه ٿيندو يا انھيءَ بدليل بيھڪ ۾ اهو استعمال مروج ليکيو نه ويندو.“[4]
جيئن ته پھاڪا/ چوڻيون، نه الھامي ڪتاب جو جز آهن، نه ئي ڪنھن هڪ شاعر جا چيل/ جوڙيل گفتا آهن. تنھنڪري لازمي ناهي ته انھن کي هڪ مخصوص/ مقرر متن يا مروج استعمال روپ هجي. شاهه جو رسالو مختلف ماڻھن ترتيب ڏنو آهي، جنھنڪري مڙني ۾، ڪٺي ڪيل ڪلام جي متن ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي. شاهه جي رسالي جو مخصوص متن مقرر ڪرڻ ته ٺيڪ آهي، پر پھاڪن جو نه. ڇو جو اهي ڪنھن هڪ ماڻھوءَ جا ٺاهيل/ جوڙيل نه آهن. ٻگهيو صاحب جو چوڻ آهي ته؛ ”پھاڪا تاريخ جي ٿلھن ڪتابن مان هٿ ڪونه ايندا آهن. ڇو جو انھن جو جنم ڪتابن ۾ نه، پر عوام جي دلين ۾ ٿيندو آهي.“[5]
جيڪا شيءِ عوام جي دل جي هجي، ان کي مرتب به ائين ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ قاسم ٻگهيو صاحب لکي ٿو؛ ”پھاڪا هڪ سيني کان ٻئي سيني تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندا، موجوده روپ ۾ پھتا آهن. تنھنڪري لفظن ۾ ٿوري ڦير ڦار ضرور آئي هوندي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي پڙهندڙ اهو محسوس ڪن ته اهو پھاڪو ايئن نه، هيئن هئڻ گهرجي.
مثال طور:
ماريو نه مري ٿو، نه منجو ڇڏي ٿو.
ڪنھن وري اهو پھاڪو هيئن ٻڌو هجي ته؛
مئو نه ٿو مري، نه ڪو ٿو منجو ڇڏي.
انھن ٻنھي پھاڪن ۾ نه صرف لفظن جو فرق آهي، پر مفھوم ۽ مقصد به ڌار ڌار آهي. هڪ ٻيو مثال آهي:
مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانه، گانءِ کي چوي؛ ”هل ڙي پڇ ڪاري!“
يا
مينھن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ ”هل ڙي پڇ ڪاري!“
هن پھاڪي ۾ رڳو لفظن جي ڦير ڦار آهي. گانءِ هندي ۽ ڳئون مسلمانڪو لفظ آهي.“[6]
پھاڪي جي خاصيتن جي باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو چوڻ آهي؛ ”ڪو به سخن پھاڪي جو درجو حاصل ڪري، انھيءَ لاءِ ان ۾ چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي. اهي آهن:
(1) ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
(2) ويچارن جي گھرائي.
(3) سلوڻائي، ظرافت يا اظھار جي نزاڪت.
(4) لوڪ/ عوام ۾ انھيءَ جو پرچار.“[7]
جڏهن ته مٿيون سموريون خوبيون، هيٺ پيش ڪيل پھاڪن/ چوڻين ۾ موجود آهن.
1.1 ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون/ نون کاوڻ آيا. (سرائڪي، پھاڪو)
1.2 ٻليءَ شينھن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا. (سرو، پھاڪو)
1.3 ٻليءَ شينھن پڙهايو، ڦر ٻلي نون کاوڻ آيو.
چڱا ٿيا جو مين تيڪون چڙهڻ نه سيکاريو. (سرو، پھاڪو)
1.4 ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪو کاوڻ آيا،
چڱا ٿيا جو مين تيڪون چڙهڻ نه سکلايا. (سرائيڪي پھاڪو)
1.5 ٻلي شينھن پڙهايو، ڦري ٻليءَ کي کائڻ آيو،
چڱو ٿيو جو مون توکي، چڙهڻ نه سيکاريو. (ساهتي، پھاڪو)
مطلب: پنھنجا سمورا گر، بحيثيت استاد جي، هڪ شاگرد کي سيکاري نه ڇڏجن.
2.1 جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي،
اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي. (هندي، پھاڪو)
2.2 جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل،
لوها کا گيا گهن، ڇوري ڪو ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.3 جئسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
لوهي ڪو چوها کاگيا، لڙڪا ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.4 جيسي ڪو تيسا ملا، سن لي راجا ڀيم،
لوهي ڪو کاگيا چوها، ڇوري ڪو ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.5 جئسي ڪو تيسا ملا، سنئي راجا ڀيل،
پيتل ڪو گهُڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.6 جيسوءَ کي تيسو.
مطلب: جيڪو ٻين سان جھڙي جٺ ڪندو، تنھن سان به تھڙي ئي جٺ ٿيندي.
3.1 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.2 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک به سھي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.3 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، تنھن جو مِٽُ هر ڪو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.4 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، دوزخ وڃي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.5 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍؤ ڪري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.6 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڦاٽي مري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.7 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، گاريون جهلي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
مطلب: ورهاست، الله واري ڪجي يا دنيا واري، ڪير به راضي نه رهندو.
ورهائڻ واري مان ڪير به خوش نه هوندو آهي.
مٿين ٽن مثالن مان سمجهه ۾ آيو ته پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪن حالتن پٽ-اندر، آزاد استعمال (Free expression) روپ ۾ به هوندا آهن. ڇو جو اهي عوام جا آهن ۽ عام استعمال ۾ هئڻ سبب، پنھنجو مخصوص مفھوم قائم رکيل اٿن. ”ڪنھن پھاڪي ۾ ٻيون ٽي خاصيتون ڀلي نه ملن پر هڪ خاصيت لوڪ پسنديءَ جو ان ۾ هئڻ نھايت ضروري آهي. پر انھيءَ ۾ شڪ ناهي ته ڪنھن به سٺي پھاڪي ۾ ٻين ٽن گڻن جو هئڻ پڻ لازمي آهي.“[8]
اهڙيءَ طرح لازمي ناهي ته هر عام پھاڪي/ چوڻيءَ کي هڪ مخصوص مروج استعمال (Formular usage) روپ هجي. ڇو جو؛ ”ڪنھن سياڻي زندگيءَ جو ڪجهه تجربو حاصل ڪيو ۽ ننڍڙي گفتي جي صورت ۾ ان جو اظھار ڪيو. ٻين اهو ٻڌو ته هڪدم انھيءَ جي سچائي، سندن دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وئي. پوءِ وهنواري زندگيءَ ۾ پاڻ به انھيءَ گفتي کي هوبھو ساڳئي روپ ۽ معنى ۾ دهرائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هڪ شخص جو چيل نڪتو، ٻين جي اپنائڻ تي عوام جو نڪتو بڻجي ويو ۽ انھيءَ کي پھاڪي جو پد حاصل ٿي ويو.“[9]
ٻارھين ڪوهين ٻولي ٻيءَ تحت، جملا/ چوڻيون/ پھاڪا ڦرندا گهرندا رھندا آهن. جنھنڪري آزاد استعمال واري روپ کان آجا ناهن. اهي مختلف ماڻھن وٽ، مختلف لفظن جي جوڙجڪ سان اپنايل آهن. انھن جي هر روپ کي پھاڪو/ چوڻي تسليم ڪبو. ڇو جو انھن جو مفھوم ۽ سلوڻائي، انھيءَ روپ ۾ به برقرار آهي.
جيڪڏهن پھاڪن/ چوڻين جو هڪ مخصوص متن تيار ڪيو ويو ته ان کي هيٺين مثال وانگر لوڪ مڃتا نه هوندي. لوڪ مڃتا نه ملڻ سبب، اهي پھاڪي جو روپ نه وٺي سگهندا.
”سترهين عيسوي صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ جيمس هاول نالي هڪ وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي، هن انگريزي پھاڪن جو هڪ مجموعو تيار ڪري ڇپايو. ان ۾ هن پنج سؤ کن ننڍڙا، نصيحت آميز نڪتا ۽ نيتيءَ جا وچن خود تيار ڪري، شامل ڪري ڇڏيا. سندس ٺاهيل ڪن سخنن جو مطلب هن ريت آهي:
گهُمنڊُ، هڪ اهڙو گل آهي، جيڪو دئيتن جي باغيچي ۾ ٽڙي ٿو.
شرڌا، هڪ وڏ-گهراڻي عورت آهي، سٺا ڪم سندس نوڪر آهن.
هاول جا اهڙي قسم جا سخن، سندس ڪتاب جي ورقن ۾ ئي محفوظ آهن. اهي پھاڪا بڻجي نه سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انھن کي عوام ۾ مشھوري حاصل نه ٿي سگهي. لوڪ انھن کي پنھنجو نه بڻايو.“[10]
مٿئين مثال مان سمجهه ۾ آيو ته ڪن پھاڪن جو متن گهڙي ۽ سنواري، مروج استعمال (Formular usage) روپ ڏيڻ سان، انھن کي عوام ۾ مشھوري حاصل ٿي نه سگهي. اصل پھاڪا/ چوڻيون، ماڻھن جي ماحول ۾ جڙندا آهن، پوءِ پھاڪي/ چوڻيءَ جو روپ ڌاريندا آهن. انھن ۾ آزاد-استعمال جھڙي خاصيت به هوندي آهي ۽ گڏوگڏ مفھوم به قائم رکندا آهن.
نموني جي طور تي ڪجهه پھاڪا/ چوڻيون پيش آهن:
1.1 ابو مئو، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا. (ساهتي، پھاڪو)
1.2 ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا. (ساهتي، پھاڪو)
1.3 ادي مئي، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا. (لاڙ، پھاڪو)
2.1 اٻھري ڪتي، انڌا گلر. (لاڙ، پھاڪو)
2.2 اَتَڪي ڪتي، انڌا گلر. (سرو، پھاڪو)
2.3 تڪڙي ڪتي، انڌا گلر. (سرو، پھاڪو).
3.1 اٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت گوڏن کي. (سرو، پھاڪو)
3.2 پنڌ پاڻ کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن کي. (ساهتي، پھاڪو)
3.3 ٽنگون چيو نه ڪن، لک لعنت گوڏن کي. (سرو، پھاڪو)
3.4 پنڌ پيرن کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن کي. (لاڙ، پھاڪو)
مٿين مثالن مان واضح ٿيو ته ساڳيو پھاڪو، مختلف هنڌن تي مختلف روپ ۾ مروج آهي. جيڪڏهن هڪ صورت کي معياري متن طور ڳڻبو ته، ٻيا روپ لوڪ ادب جو لوڪ پسند حصو هوندي، لوڪ ادب مان خارج ٿي ويندا. جيڪا عوامي/ لوڪ مڃتا جي خاصيت کي تسليم نه ڪرڻ واري ڳالهه ٿيندي.
ان ڪري لازمي ٿيندو ته پھاڪي/ چوڻيءَ جا سمورا آزاد-استعمال روپ، مجموعن/ لغتن ۾ شامل ڪيا وڃن، ته جيئن هر لوڪ جي نمائندگي ٿي سگهي.
هيٺ اهڙن پھاڪن/ چوڻين مان ڪجهه نموني طور تي پيش ڪجن ٿا، جيڪي آزاد-استعمال هوندي، ٿور-اکرائي، لوڪ پسندي، عام مروج ۽ سلوڻائيءَ جھڙين صفتن سان مزين آهن.
1. غلط العوام، صحيحًا جي مصداق، آزاد-استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
1.1 آٿر اهي ئي، گڏهه ٻيا. (پھاڪو، غلط العوام)
آٿر نوان، گڏھ پراڻا. (پھاڪو، سنڌ)
مطلب: سٺي پوشاڪ ڍڪڻ سان نه عقل وڌندو آهي، ۽ نه ئي جواني موٽي ايندي آهي.
1.2 آيا مير، ڀڳا پير. (پھاڪو، سرائڪي/ سنڌ)
آيا پير، ڀڳا مير. (پھاڪو، غلط العوام)
طاقتور اچي ته هيڻو ڀڄي وڃي.
جڏهن طاقت وارا مير/ ٽالپور آيا ته وقت جي هيڻن حڪمرانن ڪلھوڙن/ پيرن کي ڀڄائي ڪڍيائون.
1.3 صبح جو ڀليو، شام جو گهر آيو، سو به نه ڀليو. (اردو، پھاڪو)
شام جو ڀليو، صبح جو گهر آيو، سو به نه ڀليو. (غلط العوام، پھاڪو)
ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (سنڌ، پھاڪو)
غلط رستي تي هلندي، آخر صحيح راه تي اچي ته، ان کي به دڳَ-ڀُليو نه چئبو.
2. ضد وارن لفظن تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
2.1 آپ مريئه، سرڳ نه جاءِ. (هندي، پھاڪو)
آپ نه مريئه، سرڳ نه جاءِ. (هندي، پھاڪو)
1. آپ گهات ڪرڻ وارو جنت ۾ نه ويندو.
2. پاڻ مرڻ ڌاران، جنت ۾ نه وڃبو.
2.2 انڌي اڳيان روئڻ، اکين جو زيان. (لاڙ، چوڻي)
سياڻي اڳيان روئڻ، اکين جو زيان. (ساهتي، چوڻي)
1. بيوقوف جي آڏو روئبو ته به کيس احساس نه ٿيندو.
2. سياڻي ماڻھوءَ جي آڏو روئڻ جي ضرورت ئي ناهي. اهو ائين ئي سمجهي ويندو.
2.3 سڌين آڱرين سان، گيھه/ مکڻ نه نڪري. (پھاڪو، لاڙ)
گيھه/ مکڻ نڪري، ٽيڏين آڱرين سان. (اردو، پھاڪو)
شرافت/ سادگيءَ سان ڏکيا ڪم ڪين ٿين ٿا.
2.4 پير جي پٺ، ناڻي جي مٺ. (هندي، چوڻي)
هٿ جي پٺ، ناڻي جي مٺ. (هندي، چوڻي)
هٿ/ پير جي پٺيءَ تي نڪتل ڦرڙيءَ کي ناڻي جي مٺ ڇٽائي.
3. پھرئين حصي جي ڦيرڦار تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
3.1 اکئين لونگ لڳا، جافر ويا وسري. (هندي، پھاڪو)
لڳا لونگ اکين ۾، جافر ويا وسري. (هندي پھاڪو)
هڪڙن آئي، ٻيا وسريو وڃن.
3.2 ٻار؛ ٻاڪرو ڦر (ساهتي چوڻي)
ٻاڪرو ڦر ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار (هندي، چوڻي)
ڇيلي ۽ ننڍڙي ٻار جون خاصيتون هڪجھڙيون هونديون آهن. هِنَ جو هر شيءِ ۾ هٿ ۽ هُنَ جو هر شيءِ ۾ وات هوندو آهي. ٻنھي کي انگريزيءَ ۾ Kid چيو ويندو آهي.
3.3 ڀاڱا ڀائيوارن لھڻا، توڙي ھجن اڏ جا ڪانا. (ساهتي چوڻي)
ڀائيوارن ڀاڱا لھڻا، توڙي ھجن اڏ جا ڪانا. (ساهتي چوڻي)
حصيدار/ حقدار کي جائز حصو/ حق ملڻ گهرجي.
3.4 تڪڙ ۽ طمع، ڇا گڏجي؟ (هندي، چوڻي)
طمع ۽ تڪڙ، ڇا گڏجي؟ (سنڌ، چوڻي)
هڪڙي لالچ، ٻي تڪڙ ته پوءِ پڪڙ به جلدي ٿيندي.
3.5 پرائو مال، بده شاهي. (هندي، چوڻي)
مال پرائو، بده شاهي. (هندي چوڻي)
پرائي مال تي، ڪنجوس به دل کولي گھورون گھوريندا ڪندا آهن.
3.6 پيٽ، دائيءَ کان ڳجهو ڪونھي. (سرو، پھاڪو)
دائيءَ کان، پيٽ ڳجهو ڪونھي. (ساهتي، پھاڪو)
ڄاڻوءَ/ تجربيڪار کان سنھيون/ هلڪيون/ مخفي ڳالھيون، لڪل ڪين رهنديون آهن.
3.7 ڌڪ هڻ ڌيءُ کي ته سکي ننھن. (ساهتي، پھاڪو)
هڻ ڌڪ ڌيءُ کي ته سکي ننھن. (ساهتي، پھاڪو)
پنھنجي ڄائيءَ کي سزا ڏبي ته پرائيءَ تي به اثر ٿيندو.
ڌارئي کي مھميز ڏيڻ کان، پنھنجي جي گوش-مالي ڪجي ته بھتر آهي.
3.8 ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه. (ساهتي چوڻي)
توڙي ڪڍي ڏئي ساهه، ته به ماسي نه ٿئي ماءُ. (ساهتي چوڻي)
ماءُ جھڙو، ٻيو ڪو مٽ آهي ئي ڪونه.
3.9 مڇ جو وار ۽ ننڍڙو ٻار، جيئن وراءِ تيئن وري. (ساهتي پھاڪو)
ننڍڙو ٻار ۽ مڇ جو وار، جيئن وراءِ تيئن وري. (ساهتي، پھاڪو)
ننڍي ٻار ۽ مڇ کي، جھڙيءَ طرح هيرائبو، تھڙيءَ طرح، ھرندا/ پلبا.
4. پوئين حصي جي ڦيرڦار تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
4.1 تيل پئي، ڪڏهن سينڌ سڙي؟ (سرو پھاڪو)
تيل پئي، ڪڏهن مٿو سڙيو؟ (سرو پھاڪو)
گيھه/ مکڻ پئي، ڪڏهن سينڌ سڙي؟ (سرو پھاڪو)
گيھه/ مکڻ پئي، ڪڏهن مٿو سڙيو؟ (سرو پھاڪو)
چڱائيءَ ڪرڻ سان به ڪنھن کي چڙ آئي آهي!؟
4.2 دهليءَ جو لڏو، نه کائبو ته به پڇتائبو، کائبو ته به پڇتائبو. (هندي پھاڪو)
دھليءَ جو لڏو، کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (هندي پھاڪو)
دهليءَ جا لڏون ڏسڻ جا سھڻا، پر بد هاضم آهن. نه کائبا ته کائڻ جي سڌ سبب، ساري عمر پيو پڇتائبو. کائبا ته بدهاضمي ۽ پيٽ خراب ٿيڻ ڪري، پيو سڄي عمر پڇتائبو.
5. ٻنھي حصن جي ڦير ڦار تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
5.1 پيو ڌيئاڻو، ويو پيئاڻو. (هندي چوڻي)
ڌيءَ جو پيو، پيءُ جو ويو. (هندي چوڻي)
ڌيءَ جي ڪمائي گهر ۾ اچي ته، پيءُ جي ڪمائيءَ کي به اڏايو کنيو وڃي.
5.2 جھڙا اڍائي، تھڙا ساڍا ٻه. (سنڌ، پھاڪو)
جھڙا ساڍا ٻه، تھڙا اڍائي. (سنڌ، پھاڪو)
ڳڻپ، سڄن انگن ۾ ڪجي يا ڀڳن ۾، تعداد يا ٽوٽل ساڳيو ئي بيھندو.
5.3 چڪر پڄي لتر سان، لتر پڄي چڪر سان. (سنڌ، پھاڪو)
لتر پڄي چڪر سان، چڪر پڄي لتر سان. (سنڌ، پھاڪو)
لتر گڏهه سان چڪر گڏهه/ڪتو، ۽ چڪرڪتي/گڏھ سان لتر گڏھ ئي پڄي ايندو.
ڏاڍي سان ڏاڍو ئي پڄندو، هيڻي جي جاءِ ناهي.
5.4 گڏهه جو ماس، ڪتي جو وات، هو پٽجي نه، هي ڇڏي نه. (سرو، پھاڪو).
ماس گڏهه جو، وات ڪتي جو، هو ڇِڄي نه، هي ڇَڏي نه. (سرو، پھاڪو)
تمام ضدي ۽ نٺر سان، جيڪو هٺئون هيٺ نه ٿئي، ضدي نٺر ئي منھن ڏئي سگهندو آهي.
6. اڳيون حصو، پويان ۽ پويون حصو، اڳيان ٿيڻ تي مشتمل پھاڪا/ چوڻيون:
6.1 آه غريبان، قھر خدائي، دعاءِ درويشان، مھر الاهي. (نصيحت، چوڻي)
دعاءِ درويشان، مھر الاهي، آه غريبان، قھر خدائي. (نصيحت، چوڻي)
درويش صفت انسانن جون دعائون به رضاءِ الاهي حاصل ٿيڻ لاءِ اگهنديون آهن.
6.2 آهي ته به پچ، نه آهي ته به پچ. (هندي چوڻي)
نه آهي ته به پچ، آهي ته به پچ. (هندي، چوڻي)
جن وٽ آهي سي سنڀالڻ جي ڏکن ۾ آهن، جن وٽ ناهي سي محروميءَ جي ڏکن ۾ آهن.
6.3 اٺن تڏهن ٿي رڙيو، جڏهن ٻورا ٿي سبيا. (سنڌ، پھاڪو)
جڏهن ٻورا ٿي سبيا، اٺن تڏهن ٿي رڙيو. (سنڌ پھاڪو)
مصيبت اچڻ کان اڳ، واڪو واڪاڻ ڪرڻ.
6.4 اڌارو ڏجي تنھن کي، جنھن کان گهرجي نه - اڌارو وٺجي تنھن کان، جيڪو گهري نه. (سنڌ، چوڻي)
اڌارو وٺجي تنھن کان، جيڪو گهري نه - اڌارو ڏجي تنھن کي، جنھن کان گهرجي نه. (سنڌ، چوڻي)
پوءِ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي ۽ بي ايمان کي قرض نه ڏجي توڙي ٿورڙو ڇو نه ھجي.
6.5 اک ڪاڻي ڪجي، ڏِسُ ڪاڻي نه ڪجي. (هندي، پھاڪو)
ڏِسُ ڪاڻي نه ڪجي، اک ڪاڻي ڪجي. (هندي، پھاڪو)
ڏِسُ ڪاڻيءَ کان، اک ڪاڻي چڱي. (سنڌ، پھاڪو)
قرض کڻي ڀڄڻ واري بدناميءَ کان، ڪاڻو ٿيڻ بھتر آهي.
6.6 اَنَ جو منھن جنڊ ڏانھن، جنڊ جو منھن اَنَ ڏانھن. (ساهتي، پھاڪو)
جنڊ جو منھن اَنَ ڏانھن، اَنَ جو منھن جنڊ ڏانھن. (ساهتي، پھاڪو)
زندھ ماڻھوءَ جو زندھ سان واسطو ضرور پوڻو آهي.
ساڳئي زماني ۾ موجود شيون، ھڪٻئي سان لازمي ملنديون.
6.7 اڻندو اها، جا ڪوريءَ جي من ۾. (هندي، پھاڪو)
ڪوريءَ جي من ۾ جيڪي هوندو، سو ئي اڻندو. (هندي، پھاڪو)
هر شيءِ جڙڻ وقت، ڪاريگر جي ذهن موافق شڪل/ روپ ڌري ٿي.
دنيا ۾ اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو ڌڻي سڳورو گهري ٿو.
6.8 اوٻاسيون آيون، ننڊ نياپو موڪليو. (لاڙ، چوڻي)
ننڊ نياپو موڪليو، اوٻاسيون اهڃاڻ. (لاڙ، چوڻي)
اوٻاسين جو اچڻ؛ ننڊ جي نشاني آهي. اوٻاسيون اچن ته سمھڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.
6.9 اوجهه نه ڇڏي اوجهري، توڙي ڌوپي منجهه درياھ. (سرو، پھاڪو)
توڙي ڌوپي منجهه درياهه، اوجهه نه ڇڏي اوجهري. (سرو، پھاڪو)
بدچال ماڻھوءَ سان ڪيترو به ڀلو ھلجي، ته به ڪين سڌرندو.
6.10 اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ. (هندي، پھاڪو)
ٻار ٻچا سڀ پوءِ، اول پيٽ پنجوءَ جو. (هندي، پھاڪو)
هر ڪنھن کي پنھنجو پيٽ، اولاد کان به وڌيڪ پيارو آهي.
6.11 اها انڌي، اهو جنڊ. (ساهتي، پھاڪو)
اهو جنڊ، اها انڌي. (ساهتي، پھاڪو)
بيوقوفن جا ڪم، نه ڪڏهن نبريا آهن ۽ نه ئي منزل ماڻي اٿن.
6.12 با ادب، با نصيب، بي ادب، بي نصيب. (فارسي، چوڻي)
بي ادب، بي نصيب، با ادب، با نصيب. (فارسي، چوڻي)
ادب ڪرڻ وار ي جو نصيب کلي ٿو، بي ادب جتي ڪٿي بي مانو ٿئي ٿو.
6.13 بخشش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ. (فارسي، چوڻي)
حساب جَوَ جَوَ ، بخشش سَوَ سَوَ. (فارسي چوڻي)
الله جي نالي تي ته ڀلي لک لٽائجن، پر سنگت ۾ ٽڪي ٽڪي جي حساب کي ياد رکڻ گهرجي
6.14 ٻاجهه نه پوي ٻرڙي، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري. (سرو، پھاڪو)
ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري، ته به ٻاجهه نه پوي ٻرڙي. (سرو، پھاڪو)
جنھن جو خون سفيد ٿي ويو آهي، تنھن کي پنھنجن جي تڪليف تي به رحم نه ٿو اچي.
6.15 ٻارڻ ٻھون ڪجن، ته به رڙا رجهن ڪين ڪي. (لاڙ، پھاڪو)
رڙا رجهن ڪين ڪي، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻِه-پُڙا. (لاڙ، پھاڪو)
مٽر جو کريل داڻو، رڌڻ سان ڪين ڳرندو آهي. نؤد ماڻھو به، مارڻ ڪٽڻ سان ڪين سڌرندو آهي.
6.16 ٻه ته ٻارنھن هڪ اڪيلو آهي. ( سرو ، چوڻي)
هڪ اڪيلو آهي، ٻه ته ٻارنھن. (سرو، چوڻي)
اڪيلي ٿيڻ ۾ نقصان آهن. ٻڌيءَ ۾/ گڏجي رهڻ ۾ گهڻا فائدا آهن.
6.17 ٻه تراريون، هڪ مياڻ ۾ نه ماپن. (فارسي، پھاڪو)
ھڪ مياڻ ۾، ٻه تراريون نه ماپن. (فارسي، پھاڪو)
هڪ زال جا، ھڪ ئي وقت، ٻه مڙس نه ٿا ٿي سگهن.
دنيا ۽ آخرت، ٻئي هڪ ئي وقت هٿ نه ٿيون اچي سگهن.
6.18 ٻه شينھن، هڪ ٻيلي ۾ نه ماپن. (سنڌ، پھاڪو)
هڪ ٻيلي ۾، ٻه شينھن نه ماپن. (سنڌ، پھاڪو)
ٻه مخالف طاقتون، هڪ هنڌ جمع نه ٿيون ٿي سگهن.
6.19 ٻيو سڀ رهندو هت، نيڪي نيندين پاڻ سان. (نصيحت، چوڻي)
نيڪي نيندين پاڻ سان، ٻيو سڀ رهندو هت. (نصيحت، چوڻي)
نيڪي نيندين ساڻ، ٻيو سڀ ڇڏيندين هت. (نصيحت، چوڻي)
دنيا مان نيڪي کان سواءِ، ڪير به، ڪا شيءِ نه کڻي ويو آھي.
6.20 ڀولڙي کي به پنھنجي زال پياري آهي. (هندي پھاڪو)
ننگ/ زالون/ ٻچا، ڀولڙن کي به پيارا آهن. (ساهتي، پھاڪو)
ٻار/ زالون وغيره، هر ڪنھن کي پيارا آهن. هر ڪنھن کي مٿن غيرت ايندي آهي.
6.21 ڀؤنڪ ميڏي ڪتي، مين ننڊ نال ستي. (سرائڪي، چوڻي)
تون ڀؤنڪ نال ڪتي، مين ننڊ نال ستي. (هندي، چوڻي)
تون ڀؤنڪ ميڏي ڪتي، ته ميڪون ننڊ آوي. (سرو، پھاڪو)
تون ڀؤنڪندو ره، مون کي ڪابه پرواهه ناهي
6.22 تازيءَ کي اشارو، ٽٽونءَ کي ٽارو. (سنڌ، پھاڪو)
ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. (سنڌ، پھاڪو)
عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آهي، بيعقل کي ڪٽڻ سان به ڪي ڪين ورندو.
6.23 تخم تاثير، صحبت اثر. (فارسي، چوڻي)
صحبت اثر، تخم تاثير. (هندي، چوڻي)
هر ماڻھو، سنگت جو اثر ۽ والدين جي اڍ ڇڪجي ٿو.
6.24 تيل سڙي ٿئي گيھه، گيھه سڙي ٿئي وهه. (طبي، ساهتي، چوڻي)
گيھه سڙي ٿئي وھ، تيل سڙي ٿئي گيھه. (طبي، هندي، چوڻي)
تيل کي ساڙبو ته گيھه ٿي پوندو، گيھه سڙڻ سان زهر ٿي ويندو آهي.
6.25 پاڻي وهندو ڀلو، ساڌو/ فقير رمندو ڀلو. (هندي، چوڻي)
ساڌو/ فقير رمندو ڀلو، پاڻي وهندو ڀلو. (هندي، چوڻي)
پاني بھتا ڀلا، ساڌو رمتا ڀلا (اردو)
وهندڙ پاڻي پاڪ/ صاف هوندو آهي. هلندڙ فقير لاءِ به هر ڪنھن وٽ عزت هوندي آهي.
6.26 پائجي لوڪ پسند، کائجي من پسند. (ساهتي، چوڻي)
کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند. (ساهتي، چوڻي)
من پسند کائجي، لوڪ پسند پائجي. (ساهتي چوڻي)
لوڪ پسند پائجي، من پسند کائجي. (ساهتي، چوڻي)
کائجي اهو، جو دل کي وڻي. پائجي اهو، جيڪو ڏسي ٻيا سھي سگھن.
6.27 پائيءَ پلو مھانگو، رپئي پلو سستو. (ساهتي، پھاڪو)
رپئي پلو سستو، پائيءَ پلو مھانگو. (ساهتي، پھاڪو)
پئسو آهي ته هر شيءِ سستي پئي لڳي. قوت خريد ناهي ته هر شيءِ مھانگي پئي لڳي.
6.28 پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو، ڌيءَ ڄائي ته تو ڄڻي. (هندي، پھاڪو)
ڌيءَ ڄائي ته تو ڄڻي، پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو. (هندي پھاڪو)
نيڪيءَ جا ڪم، پنھنجي کاتي ۾ لکڻ. ڏوهه جا ڪم، ٻين کي کنڌي ۾ مڙهڻ.
6.29 پنھنجي پٺ ورائي، ڪنھن نه ڏٺي آھي. (ساھتي، پھاڪو)
ڪنھن، پنھنجي پٺ ورائي نه ڏٺي آهي. (ساهتي پھاڪو)
ڪنھن کي به پنھنجا عيب/ ڪوتاهيون نظرنه ايندا آهن.
6.30 جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان. (سرو/ساهتي، پھاڪو)
ستلن جا ڪونھان، جاڳندن جون وڇون. (سرو/ساهتي، پھاڪو)
جاڳندڙن جو ڀاڳ به سجاڳ، ستلن جو ڀاڳ به ستل.
6.31 جاءِ جوڙائي ڏس! شادي ڪري ڏس! (سنڌ، چوڻي)
شادي ڪري ڏس! جاءِ جوڙائي ڏس! (سنڌ، چوڻي)
جاءِ چوي ته ”جوڙائي ڏس!“ جوءِ چوي ته ”پرڻجي ڏس!“ (ساهتي ، چوڻي)
جاءِ ٺھرائڻ ۽ جوءِ پرڻجڻ کان پوءِ، ٻئي سنڀالڻ ڏاڍيون ڏکيون آهن.
6.32 جڏا جيئاري، ملوڪ ماري. (ساهتي، چوڻي)
ملوڪ ماري، جڏا جيئاري. (ساهتي، چوڻي)
خدا تعالى، حياتيءَ جي ڊيگهه سٺي صحت تي ڪا نه رکي آهي.
6.33 جنين مٿي مامرا، سي ڪيئن سک سمھن! (هندي، چوڻي)
سي ڪيئن سک سمھن، جنين مٿي مامرا! (هندي، چوڻي)
عشق وارن کي نه ننڊ، نه قرار هوندو آهي.
6.34 ڇوڪر بغل ۾، ڍنڍورو شھر ۾. (اردو، چوڻي)
ڇورا بغل ۾، ڍنڍورا شھر ۾. (اردو، چوڻي)
ڇوڪر ڪلھي تي، ڳولھي ٿو ميلي تي. (سنڌ، ورجيس)
صافو ڪلھي تي، صافو ڙي صافو! (سنڌ، ورجيس)
بي ڌيان ماڻھوءَ کي هٿ ۾ موجود شيءِ جي به سمڪ نه پوندي آهي.
6.35 خاڪ پساري زر، زر حلوائي خاڪ. (هندي، پھاڪو)
زر حلوائي خاڪ، خاڪ پاساري زر. (هندي پھاڪو)
پساريءَ وٽ پيل خاڪ به رکئي پئسا ڪري. حلوائيءَ جي قيمتي مٺائي، رکڻ سان خاڪ کان به پري ٿي وڃي.
6.36 ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ. (سرو/ ساهتي چوڻي)
شاهدي ڏجي الله لڳ، ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ. (سرو/ ساهتي، چوڻي)
حق جي شاهدي نه لڪائجي. ڌر ڀلي ڀاءُ جي ٿجي، پر سچ کان منھن نه موڙجي. مطلب ته ڀاءُ تي چٽي پوي ته پاڻ ڀرجي. ان جو ڪنھن ڏي حساب ٿئي ته ان جي پاسي ڏانھن وڙهجي.
6.37 ڌوٻيءَ جي گهران ويندي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽندو مالڪ جو. (سنڌ، پھاڪو)
ڪپڙو ڦاٽندو مالڪ جو، ڌوٻيءَ جي گهران ويندي ڇوو. (سنڌ، پھاڪو)
پنھنجو ڪم پاڻ ڪجي، نوڪرن کان ڪرائڻ ۾ نقصان پون ٿا.
6.38 ڌيءَ سڀ ڪو پنھنجي ساراهي، ننھن پرائي. (سنڌ، پھاڪو)
ننھن سڀ ڪو پرائي ساراهي، ڌيءَ پنھنجي. (سنڌ، پھاڪو)
ڄڻئي اولاد کي هرڪو ساراهي ٿو، جڏهن ته ننھن/ زال پرائي وڻندي آھي.
6.39 ڏکن پٺيان سک، سکن پٺيان ڏک. (سنڌ، نصيحت، چوڻي)
سکن پٺيان ڏک، ڏکن پٺيان سک. (سنڌ، نصيحت، چوڻي)
هيءَ دنيا، ڏک ۽ سک جي ميلاپ سان ٺھيل آهي. ڪڏهن اڻ هوند تي به سک، ته ڪڏهن هوند تي به ڏک پيا ڏسجن!
6.40 ڏکڻ مينھن نه پوڻو، پوي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي ته جهوري. (ٿر، پھاڪو)
ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته ٽوڙي. (ٿر، پھاڪو)
ڏکڻ جو مينھن وسندو ناهي، وسي ته ٻائڙ ٻوڙ ڪري. ڊڄڻو/ گيدي ڪنھن تي هٿ سڌو نه ڪندو آهي، پر جي دل ٻڌي ڌڪ هڻي ته ٽوڙي رکي.
6.41 ڏنڀجي گڏھ، سور ٿئي ساٽيءَ کي! (ساهتي، پھاڪو)
سور ٿئي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏهه! (ساهتي پھاڪو)
گڏهه جي ڦٽ کي ڏنڀ ڏيڻ وقت، گڏهه کي سور ٿيندو آهي. جڏھن ته وڌيڪ سور ساٽيءَ (جيڪو مياڻيءَ مان مڇي کڻي، اچي شھر ۾ کپائي) کي ٿيندو آھي. ٿو جو گڏھ جي ڏنڀجڻ سبب، سندس ڪاروبار ٻه چار ڏيھاڙا بند ٿي ويندو آھي.
تڪليف هڪ کي پھچي، دعوى ٻيو ڪري!
6.42 رن رُلٖي ته ڀُلٖي، مرد رُلٖي ته کُلٖي. (سنڌ، چوڻي)
مرد رُلٖي ته کُلٖي، رن رُلٖي ته ڀُلٖي. (سنڌ، چوڻي)
عورت رلڻ سان بد-راهه ٿيندي، مرد جو گهمڻ سان ذهن کلندو آهي.
6.43 سج لٿي کان پوءِ دير ڪانھي، ڦُرئي کان پوءِ ڊپ ڪونھي. (لاڙ، چوڻي)
ڦُرئي کان پوءِ ڊپ ڪونھي، سج لٿي کان پوءِ دير ڪانھي. (لاڙ، چوڻي)
جنھن جو سج ئي لھي ويو، تنھن کي دير جو ڪھڙو ڀؤ؟
جنھن کان مال ئي ڦرجي ويو، تنھن کي باقي ڪھڙو اُلڪو آهي؟
6.44 سستي روئي سؤ وار، مھانگي روئي هڪ وار. (سنڌ، چوڻي)
مھانگي روئي هڪ وار، سستي روئي سؤ وار. (سنڌ، چوڻي)
سستي شيءِ جلد ڀڄي پوي ۽ وري وري وٺڻي/ ٺھرائڻي پوي. مھانگي شيءِ تي هڪ دفعو خرچ ٿئي ٿو، پوءِ سدائين لاءِ جان ڇٽي ٿي پئي.
6.45 سؤ براهمڻ، هڪ نياڻي، سؤ نياڻيون، هڪ نياتي. (هندي، چوڻي)
هڪ نياتي، سؤ نياڻيون، هڪ نياڻي، سؤ براهمڻ. (هندي، چوڻي)
هندو مذهب ۾، تعظيم جي لحاظ کان سؤ براهمڻ، هڪ نياڻيءَ جي برابر آهن ۽ سؤ نياڻيون هڪ نياتيءَ (برادريءَ واري) جي برابر آهن.
6.46 شرم ويو شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي! (ساهتي، پھاڪو)
لڄ وئي لاڙڪاڻي، شرم ويو شڪارپور! (ساهتي، پھاڪو)
لڄ وئي لال تي، شرم ويو شڪار تي! (ساهتي، پھاڪو)
شرم ويو شڪار تي، لڄ وئي لال تي! (ساهتي، پھاڪو)
جيڪو حد کان وڌيڪ بي حيا ٿي بيھي رهي، ان لاءِ ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آهي.[11]
6.47 ڪٿي اگهي ڪين، ڪٿي لڀي ڪين! (سرو/ ساهتي، چوڻي)
ڪٿي لڀي ڪين، ڪٿي اگهي ڪين! (سرو/ ساهتي، چوڻي)
کنئي کپي ڪا نه، ڳولھي لڀي ڪا نه. (سنڌ، چوڻي)
ڳولھي لڀي ڪا نه، کنئي کپي ڪا نه. (سنڌ، چوڻي)
هڪڙيءَ شيءِ لاءِ هڪڙي هنڌ ماڻھو سڪن ٿا ته ٻئي هنڌ اها ٿڏجي ٿي پئي.
6.48 ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگو تيلي! (هندي، پھاڪو)
ڪٿي گنگو تيلي، ڪٿي راجا ڀوڄ! (هندي پھاڪو)
غريب ۽ امير جي ياري ٺھي ئي ڪونه ٿي
6.49 ڪم لاءِ ٻرو، کائڻ جي کڏ! (هندي، پھاڪو)
کائڻ جي کڏ، ڪم لاءِ ٻرو! (هندي، پھاڪو)
ڪم لاءِ ٻرو، کائڻ لاءِ کڙو تڙو! (ساھتي)
کائڻ لاءِ کڙو تڙو ، ڪم لاءِ ٻرو! (ساھتي)
ٽوٽي، نڪمو، سست، کائڻ کانسواءِ ٻيو ڪم نه ڄاڻندو آهي.
6.50 ڪن جو روئڻ به راحت، ڪن جو کلڻ به خواري! (ساهتي، چوڻي)
ڪن جو کلڻ به خواري، ڪن جو روئڻ به راحت! (ساهتي، چوڻي)
هڪڙا ماڻھو روئن ته به پيا وڻن، هڪڙا کلن ته به ٻوڙ هاري وجهن ۽ طبيعت ئي خراب ڪري وجهن.
6.51 ڪي چانور مان چڻو ڪن، ڪي چڻي مان چانور! (هندي، پھاڪو)
ڪي چڻي مان چانور ڪن، ڪي چانور مان چڻو! (هندي، پھاڪو)
ڪي پنھنجي اخلاق سبب، ٿوريءَ مان گهڻي ملڪيت ڪن، ڪي بداخلاقيءَ سبب گهڻي مان ٿوري ڪن.
6.52 لٺ به نه ڀڄي، نانگ به مري. (سنڌ، پھاڪو)
لٺ به ڀڳي، نانگ به نه مئو. (سنڌ، پھاڪو)
نانگ به مري، لٺ به نه ڀڄي. (سنڌ، پھاڪو)
نانگ به مري، ليڪو به نه ڊهي. (سنڌ، پھاڪو)
نانگ به مارجي، لٺ به نه ڀڃجي. (سنڌ، پھاڪو)
نانگ به نه مئو، لٺ به ڀڄي پئي. (سنڌ، پھاڪو)
خرچ به گهڻو اچي ويو ۽ ڪم به نه ٿيو. نقصان به ٿيو، دشمن به نه مئو. دشمن سان وڙهڻ مھل احتياط ڪرڻ گهرجي.
6.53 ليمون نه کٽاڻ، ماکي نه مٺاڻ. (هندي، طبي، چوڻي)
ماکي نه مٺاڻ، ليمون نه کٽاڻ. (هندي، طبي، چوڻي)
کٽٖي هئڻ جي باوجود، ليمي ۾ کٽاڻ واريون صفتون ناهن. مٺٖي هئڻ جي باوجود، ماکيءَ ۾ مٺاڻ جون صفتون ناهن.
6.54 نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي، نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي. (سنڌ، پھاڪو)
نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي، نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي. (سنڌ، پھاڪو)
تشھير سبب هر شيءِ جو نالو ٿئي. نيڪ نام کي مان ملي، بدنام کي مان نه ملي.
مٿي چند مثال، ٻوليءَ ۾ موجود پھاڪن ۽ چوڻين جي آزاد-استعمال بابت، نموني جي مٺ طور ڏنا ويا آھن ته جيئن محقق حضرات لاءِ تحقيق جون ڪي راھون کلي پون.
مددي ڪتاب.
1. سنتل، سنت داس پنھومل ڪشناڻي، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا، پي وي ڪشناڻي ٽرسٽ، پڻي (مھارا شٽر) ڀارت.
2. پيسومل تيرٿ داس، پھاڪن جي پاٻوھ، بمبئي ڀارت.
3. آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، گل شڪر، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
4. سنڌي، حافظ حبيب، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.
5. شيخ، محمد فاضل، ماٿيلي، اوٻاوڙي جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.
6. سھتو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، سنڌي لغات (پھاڪا ۽ چوڻيون) قلمي.
7. سائل، سترامداس جڙيا سنگھاڻي، درن جي دٻلي عرف سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون، جھونا واڙيج، احمدآباد ۱۳، ڀارت، ۱۹۸۲ع.
8. مختلف ڪتاب، رسالا، ۽ اخباري ڪالم وغيره.
[1] قاسم ٻگھيو، مھاڳ، رٺي آھي گھوٽ سان (پھاڪا ۽ چوڻيون) مصنف، الطاف شيخ، ص ۳۳، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، فيبروري ۱۹۹۶ع.
[2] ايضًا ص ۳۵.
[3] آفتاب ابڙو، مھاڳ/ پيش لفظ، رٺي آھي گھوٽ سان (پھاڪا ۽ چوڻيون) مصنف، الطاف شيخ، ص ۴۴، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، فيبروري ۱۹۹۶ع.
[4] جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس) ص۲۱-۲۲، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع.
[5] قاسم ٻگھيو، مھاڳ، رٺي آھي گھوٽ سان (پھاڪا ۽ چوڻيون) مصنف، الطاف شيخ، ص ۳۹، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، فيبروري ۱۹۹۶ع.
[6] ايضًا ص ۳۵ ۽ ۳۶.
[7] جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس) ص۴۲، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع.
[8] جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس) ص۴۷، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع.
[9] جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس) ص۴۶، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع.
[10] جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (ھڪ اڀياس) ص۴۶ ۽ ۴۷، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۶ع.
[11] سھتو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، ماڳ مڪان جي نالن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، ماھوار ڪينجھر ۵۷، مھينو جولاءِ ۱۹۹۷ع.
No comments:
Post a Comment