Sunday, March 20, 2011

سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا - سليم ميمڻ


سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا
پروفيسر سليم ميمڻ


پهاڪو اهڙي چوڻيءَ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل، مشاهدو ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. اسان پنهنجي رومزهه جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ٻڪريءَ جي اڳيان جيڪا شيءِ اچي ٿي، ان کي کائي ٿي وڃي ۽ کيس جنهن به وڻ سان ٻڌجي ٿو، پوءِ اهو ڪڙو هجي ڪسارو هجي يا ڪسو، ان کي به کائي وڃي ٿي ته ان مشاهدي کي اسان پهاڪي طور هيئن بيان ٿا ڪيون؛ “ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي، ان وڻ کي کائي.”

ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن اسان چئون ٿا ته؛ “دوست اهو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي” يا “جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي” ته ان ۾ مشاهدي کان زياده عقل، سمجهه ۽ ڏاهپ سمايل آهي.
سنڌي ادب جي سرموڙ اديب، مرزا قليچ بيگ، پنهنجي ڪتاب “پهاڪن جي حڪمت” جي ديباچي ۾ پهاڪي جي وصف، مختصر طور هيئن بيان ڪئي آهي: “پهاڪو هڪڙي ننڍڙي چوڻي يا ڪهاوت آهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو  عملي طرح ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي.”
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب “پهاڪن جي پاڙ” ۾ ڄاڻايو آهي ته: “پهاڪو سنسڪرت جو لفظ آهي؛ پٿڪ = پٿ+ آڪو = سُٽ سلجهائڻ، سلت، ويچار ڪرڻ.”
پهاڪو، پُر-معنيٰ هجڻ سان گڏ سلوڻو، وڻندڙ ۽ مزيدار هوندو آهي. سنڌي پهاڪن جي اِها خوبي آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر شعريت ۽ ميٺاڄ هوندو آهي ۽ ڪيترن پهاڪن ۾ تُڪ-بندي ۽ قافيابندي به هوندي آهي، جنهنڪري وڌيڪ سلوڻا ۽ سهڻا ٿي پوندا آهن، جيئن:
1.                    اٽو، چي؛ گهوٻاٽو.
2.                    هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
3.                    ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرنهن.
پهاڪا ٻولين جو قيمتي سرمايو آهن ۽ انهن جي سونهن ۽ سينگار پڻ. ڪنهن به ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جو اندازو ان جي پهاڪن مان لڳايو ويندو آهي. دنيا ۾ ترقي يافته ٻولين جون جيڪي خوبيون ڄاڻايون وڃن ٿيون، تن منجهان هڪ خوبي اها به آهي ته ان ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو تعداد چڱو هجي.
سنڌي، هڪ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ نه صرف لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو بي انت خزانو آهي پر اُها پهاڪن ۾ به مالا مال آهي. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ” ۾ لکي ٿو: “سنڌي ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي.”
دنيا جون مختلف ٻوليون جڏهن، ڪنهن نه ڪنهن سبب يا نموني، هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيون آهن ته انهن هڪٻئي جي جهوليءَ ۾ يا ڪجهه وڌو آھي يا منجھانئس ڪجهه ورتو آهي. اهو هڪ قدرتي امر آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پڻ، وقت به وقت، ڪيترين ئي پرڏيهي ٻولين سان ويجهڙائي ۽ قربت رهي آهي، جن مان سنسڪرت، پالي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. انهيءَ کانسواءِ، سنڌي پنهنجي پاڙيسري زبانن جهڙوڪ؛ سرائيڪي، بلوچي، گجراتي، بروهڪي ۽ ڪڇيءَ سان لهه وچڙ ۾ رهي آهي. جنهنڪري انهن جون ڪي اصلوڪيون شيون، ساڳي صورت ۾ سنڌي زبان ۾ موجود آهن. انهن زبانن مان سرائيڪيءَ جو سنڌي زبان سان وڌيڪ سنٻنڌ رهيو آهي. جنهنڪري سرائڪي زبان، سنڌي زبان جي دامن ۾ جتي ٻيون شيون ڏنيون آهن اتي پهاڪا به ڏنا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ اڄ به ائين بيان ڪيا وڃن ٿا، جيئن سرائڪي علائقن ۾.
سرائڪي ٻوليءَ کي، عرب سياحن سنڌي زبان سڏيو آهي. اصطخري پنهنجي ڪتاب “المسالڪ والممالڪ” ۾ چوي ٿو: “منصوره، ملتان ۽ ان جي آس پاس علائقن جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي آهي.” ساڳيءَ طرح ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو: “منصوره، ملتان ۽ ان جي آس پاس علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن.” بهاولپور جو هڪ عالم محمد بشير نظامي بهاولپوري، سرائڪي زبان بابت چوي ٿو: “سرائڪي پنهنجي ليکي هڪ خود مختيار زبان آهي جا ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پراڻي زبان آهي. اها هڪ اصلوڪي زبان آهي  ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ ڳالهائي ويندي هئي. انهيءَ مان سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ ڪشميري زبانون ڦٽي نڪتيون آهن.”
تاريخي نقطئه نگاه کان، جيڪڏھن اسان سرائڪي زبان جي خاص علائقن ڏانهن ڏسنداسين ته انهن علائقن جو ۽ سنڌ جو هڪ ٻئي سان گهرو واسطو رهيو آهي. ملتان ۽ ان جو سارو علائقو، نه فقط برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت تائين سنڌ جي حڪومت جو اهم علائقو هو پر مسعودي جي بيان مان واضح ٿئي ٿو ته عربن جي حڪومت جي زماني ۾ پڻ هن علائقي کي سنڌ جو اهم علائقو سمجهيو ٿي ويو. ان وقت سنڌ جي عربي حڪومت جون حدون منصوره کان شروع ٿينديون هيون ۽ اتر ملتان تائين پکڙيل هيون.
ابن بطوطه، سلطان محمد تغلق جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي: “اُچ کان پوءِ آءٌ ملتان پهتس، هي شهر سنڌ جو تختگاهه آهي.”
ڊاڪٽر غلام علي الانا “سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي” ۾ لکي ٿو: “۸۷۳ع ۾ جڏهن اسماعيلي فرقي جا داعي سنڌ ۾ آيا، تڏهن ملتان سنڌ جو تختگاهه هو.”
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ” ۾ لکي ٿو: “سومرن جي دور ۾ بهاولپور واري ايراضي سنڌ جي زير اثر رهي، جنهنڪري سنڌي سرائڪي جو رشتو قائم رهيو.”
مير علي شير قانع “تحفته الڪرام” اندر سمن جي دور ۾، سنڌ جا ملتان سان تعلقات بابت لکي ٿو: “ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، جڏهن سنڌ جو حاڪم هو، هن ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو ڳنڍي ڇڏيو.” تحفته الڪرام ۾ وڌيڪ بيان ڪيل آهي ته ارغون گهراڻي جي حاڪم مرزا شاهه حسن، سن ۹۳۰ هه ۾ ملتان فتح ڪيو ۽ اهو بابر بادشاهه کي نذراني طور ڏنائين، پوءِ بابر پنهنجي پٽ ڪامران کي عطا ڪيو. سن ۱۰۰۲ هه ۾ اڪبر بادشاهه ملتان جي گورنر کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. ۱۰۵۹ هه ۾ شهزادي اورنگزيب کي ٺٽي جو مالڪ بنايو ويو ۽ ملتان جو صوبو کيس تنخواه ۾ مليو.
ايڪسٽريڪٽس فرام دي ڊسٽرڪٽ ۽ اسٽيٽس گزيٽئرس آف دي پنجاب (پاڪستان) ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪمران ٿيو ته هن صادق آباد ڪارداري ۽ خانپور ڪارداري کي فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏيو. هن ديره اسماعيل خان جي هوتن سان جنگيون ڪيون. ليہ (Leiah) سنڌ ساگر دو-آبي کان چناب تائين هٿ ڪيائين. ميان غلام شاهه، جسڪاڻين کي شڪست ڏئي ديره غازي خان تائين ملڪ فتح ڪيو. ان زماني ۾ ملتان مان مراد “سنڌ” ۽ ملتاني مان مراد “سنڌي” ورتي ويندي هئي.
مولائي شيدائي “تاريخ تمدن سنڌ” ۾ لکي ٿو: “شيخ الاسلام بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو فرزند شيخ صدرالدين، “سنڌي” جي لقب سان سڃاتو ويندو هو. سنڌ جا، ملتان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقن سان روحاني رشتا پڻ رهيا آهن. قديم زماني ۾ ملتان ۾ سورج ديوتا جو وڏو مندر هو، ان ڪري ان کي امول آستان يعني سج جو آستان ڪري سڏيندا هئا. جتي سنڌ ۽ هند مان ڪيترا ياتري ايندا هئا. سومرن جي دور ۾ سهروردي طريقي جي وڏي صوفي درويش بهاؤالدين زڪريا جي تبليغ جو سنڌ تي وڏو اثر پيو. خاص طرح سما قبيلا هن بزرگ جا مريد ٿيا. تغلقن جي دهليءَ تي حڪمراني واري دور ۾ پهريان محمد تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو، مگر سنڌ کي فتح ڪري نه سگهيو. ان گهٽتائيءَ جو انتقام وٺڻ لاءِ، سلطان فيروز شاهه تغلق، ڄام ڀنڀي سمي جي ڏينهن ۾ ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، مگر کيس فتح نصيب نه ٿي. تاريخ فيروزشاهي جي مصنف شمس سراج عفيف جي بيان مطابق شيخ الاسلام صدرالدين ملتاني ۽ اُچ جي بزرگ مخدوم جهانيان جهان گشت ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پئي صلح ڪرايو.”
اڄ تائين سنڌ جا هزارين ماڻهو شيخ بهاؤالدين زڪريا جي درگاهه جا مريد آهن ۽ هر سال سندس عرس جي موقعي تي ملتان ويندا آهن. سنڌ ۾ قديم دور کان وٺي ملتان ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ خطن مان ماڻهو لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. ڪلهوڙن جي وقت ۾، ڪڪرالي جي ڄام راڻي اجمال نصرپور جي ڪپن وٽ ڦُر-لٽ ڪئي. سرائين جي فوج کين آڻ مڃرائي. اهي سرائي ملتان جي آس پاس جا زميندار هئا ۽ ٻارين ٻچين ملازمت خاطر لڏي آيا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سندن ٽالپر مريد، ديره غازي خان مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. اڳتي هلي ايترو زور ورتائون جو پنهنجن مرشدن جي جاءِ تي سنڌ جا حاڪم ٿي ويٺا، جنهنڪري اهو پهاڪو مشهور ٿيو؛ “آيا مير، ڀڳا پير[1].
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي “سنڌ جي هندن جي تاريخ” ۾ لکيو آهي؛ سنڌ جون خاص ذاتيون لوهاڻا ۽ ڀاٽيه وغيره اصل ملتان جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.
سنڌ ۾ سرائڪي ڳالهائيندڙن جي ڪثرت سان آمد سبب، سنڌ جي سري واري علائقي ۾ سرائڪي ڳالهائڻ جو رواج پيو. خاص طرح ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ جن جي زبان سرائڪي هئي. سنڌ ۾ سرائڪي شاعريءَ جو رواج پڻ پيو. ڪي سرائڪي وايون شاهه عبداللطيف رحه ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪن پراڻن رسالن کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نئين مرتب ڪيل رسالي ۾ به ملن ٿيون. ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست سرائڪي ۾ ڀرپور ڪلام چيو، جنهنڪري سنڌ ۾ سرائڪي  شاعري جو رواج عام پئجي ويو. سندس مريدن؛ بيدل، نانڪ يوسف، ميان غلام محمد گدا قادري ۽ ٻين پڻ سندس پيرويءَ ۾ سرائڪي ڪلام چيو.
سنڌ ۾ سرائڪي ڳالهائيندڙن جي رهائش سبب، سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪيترائي سرائڪي پهاڪا مروج ٿي ويا، جي سنڌي ماڻهو ائين استعمال ڪرڻ لڳا جيئن سنڌي پهاڪا. منجھانئن ڪجهه هيءُ آهن، جيڪي اڄ به جيئن جو تيئن اصلوڪي صورت ۾ سنڌ ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.
1.                  ٻلي شير پڙهايا، ڦر ٻلي نون کاوڻ آيا[2]
ڪهاڻي ائين مشهور آهي ته ٻليءَ شينهن کي چستين ۽ چالاڪين جا هنر ۽ حرڪتون پڙهايون ۽ سيکاريون، پر وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريو. جڏهن شينهن پڙهي ڀڙ ٿيو ته ٻليءَ کي کائڻ لڳو. ٻلي ٽپ ڏئي وڻ تي چڙهي ويئي. هي پهاڪو ان وقت ڏنو ويندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ڪم-ظرف ماڻهوءَ کي علم، هنر ۽ حرفت ڏيندو آهي ۽ اهو ماڻهو وري پنهنجي محسن جي خلاف ٿي  بيهندو آهي ۽ ان جا سيکاريل حربا ان جي ئي خلاف استعمال ڪندو آهي.
2.                  ماءُ ڄڻيسين ٻچڙي، ونڊ نه ڏيسين ڀاڳ[3]
ماءُ اولاد ته ڄڻيندي پر ڀاڳ ان جي هٿ ۾ نه آهي. اِهو رب جي هٿ ۾ آهي، تنهنڪري هڪ ئي ماءُ جو اولاد هڪ تونگر ۽ ٻيو سڃو. جيڪڏهن ڀاڳ، ماءُ جي هٿ هجي ها ته ان جو سمورو اولاد، ھڪ-ڪرو سکيو ۽ ستابو هجي ها.
3.                  پاڻ نه پلي، ڏوجهان متيان ڏيوي[4]
هن پهاڪي جومطلب آهي ته انسان پاڻ ته ڪنهن گندي، ڪُڌي يا ڪني ڪم ۾ ڦاٿل هجي پر ٻين کي وتي نيڪ نصيحتون ۽ چڱا مشورا ڏيندو.
4.                  شينهن نه ويکيائي ويک ٻلاڙا، چور نه ويکيائي ويک سونارا[5]
عام طرح چيو ويندو آهي ته سونارو اهڙو ڪُپتيو ۽ چور آهي جو ماءُ جي نٿ مان به سون کوٽ ڪري ڪڍي وٺندو آهي. سياڻن پهاڪي ۾ مزو ۽ مزاح پيدا ڪندي، سونارن تي طنز ۽ ٺٺولي ڪندي چيو آهي ته شينهن نه ڏٺو اٿئي ته ٻلو ڏس ۽ جي چور نه ڏٺو اٿئي ته سونارو ڏس. هي پهاڪو ان وقت به ڪم ايندو آهي، جڏهن ماڻهو ڏسڻ ۾ سادو نظر ايندو آهي پر هوندو بڇڙو آهي.
5.                  لچان چوران پت نه ڪائي، توڙي هوون سڳي ڀائي[6]
هن پهاڪي ۾ بڇڙن ۽ خراب ماڻهن جي فطرت  ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته بڇڙي فطرت وارا ماڻهو کڻي ڪيترا به ويجها عزيز ۽ رشتيدار هجن، پر انهن تي ڀروسو ۽ پت نه ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪڏهن به پنهنجي بڇڙي فطرت کان مجبور ٿي ڪو ڇيهو رسائي وجهن.
6.                  مينهان اُٺان دا ڪيها ميلا، او چرن جهنگ ته او چرن ٻيلا[7]
هن پهاڪي ۾  مختلف طبيعتن وارن جانورن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته جهڙيءَ طرح مينهنِ ۽ اُٺن جو پاڻ ۾ ميل ميلاپ ۽ سنگت ٿي نه ٿي سگهي، اهڙيءَ طرح ٻن مختلف طبيعتن ۽ لڇڻن وارن انسانن جي پاڻ ۾ ياري ٿي نه ٿي سگهي. نيڪ ۽ بد، ڪڏهن به هڪ ٻئي جا يار ٿي نه سگهندا.
7.                  لڳي هووَءِ ته ڪل پَوَءِ، نه ته پڇ لڳي واليان نون[8]
جنهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف، درد يا ڏک رسندو آهي ته ان جو سور ۽ پيڙا اهو ئي چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهندو آهي، ٻئي کي ان درد جي شدت جو اندازو ٿي نٿو سگهي. ٻيو ماڻهو زباني همدردي ته ڪري سگهندو پر جنهن ڪيفيت ۾ اڳيون مبتلا آهي ان جو پتو کيس  تڏهن ئي پئجي سگهي ٿو، جڏهن پاڻ ساڳيءَ مصيبت ۾ ڦاسي. هي پهاڪو عام طرح ان ماڻهوءَ جي طرفان ڏنو ويندو آهي جيڪو عشق ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ ڪو ماڻهو کيس سمجهائڻ لاءِ متيون ڏيڻ لڳندو.
8.                  هنڌ اهو سڙي جتي باهه ٻلي، ڪهڙا سيڪ آوي پاڙي واليان نون[9]
هي پهاڪو به مٿئين پهاڪي واري ساڳي معنيٰ ۽ ساڳيو مفهوم رکي ٿو. هن ۾ چيو ويو آهي ته، جت باهه ٻرندي هوندي ڄَر ۽ تپش انهيءَ ھنڌ وارن کي ايندي. پاڙي وارا جيڪي ان باهه جي ڀنڀٽ کان دور آهن، تن کي ان باهه جي جلائڻ ۽ ساڙڻ جو ڪهڙو سيڪ هوندو.
9.                  اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَءِ[10]
ڪن موالين ڀنگ گهوٽي. هڪ سواليءَ کين چُڪيءَ لاءِ سوال ڪيو. کيس ڪونڊي مان جمني ڀنگ جي ڀري ڏنائون. ٿوري وقت کانپوءِ، سواليءَ چيو ته؛ توهان جي ڀنگ ته ڪو نشو ئي نه ڪيو. ان تي موالين چيس؛ “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَءِ”. هن پهاڪي جو مطلب آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي همت ۽ محنت تي ڀاڙڻ گهرجي نه ڪه مفت خورو ٿي ويهڻ گهرجي. پنهنجي ڪمائيءَ ۾ جو مزو آهي، اهو خيرات ۾ ڏنل مفت جي ٽڪر ۾ نه آهي. پنهنجي ڪمائيءَ جي رکي سکي ٽڪر ۾ اهو مزو آهي، جيڪو بادشاهن کي ست-رڇي طعا ۾ به نٿو ملي.
10.              اپڻا مال هي، روسان ڀي کاسان ڀي[11]
هڪڙي ماڻهوءَ بصرن سان ماني پئي کاڌي. بصرن جي تيز بوءِ تي سندس اکين مان پاڻي پئي وهيو. تنهن تي ڪنهن ماڻهوءَ کيس چيو ته؛ بصرن سان ماني ڇو ٿو کائين؟ جڏھن ته تنهنجي اکين مان پاڻي پيو ٿو وهي. ان تي هن چيو ته: اپڻا مال هي، روسان ڀي کاسان ڀي”.
مطلب: پنهجي شيءِ آهي، اهنج ڏئي يا سهنج، هر حالت ۾ اھا استعمال ڪرڻي آهي.
11.              مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون[12]
هوش محمد قمبراڻي جو لڳايل مٿيون نعرو جيڪو هن انگريزن خلاف لڳايو هو، اڄ به پهاڪي طور استعمال ٿيندو آهي. سنڌ جي حڪمران ميرن جڏهن انگريزن جي ان مطالبي ته سنڌ سندن حوالي ڪئي وڃي، جي سلسلي ۾ جڏهن پنهنجي برادري، اميرن  وزيرن ۽ مختلف خيرخواهن سان مشورو ٿي ڪيو تڏهن هوش محمد آواز بلند ڪري چيو هو ته: مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.” اڄ به جڏهن سنڌ جي سلامتي ۽ حقن جو آواز بلند  ڪيو ويندو آهي ته سنڌ جي هر فرد جي زبان تي هوندو آهي:مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون”.
مٿي بيان ڪيل پهاڪا ڪاسي مان ڪڻو آهن. مگر تحقيق، ميڙ چونڊ ۽ سهيڙڻ سميٽڻ سان ٻيا سوين سرائڪي پهاڪا ملندا، جيڪي اسان رزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪندا آهيون.
حوالا
1-                   پهاڪن جي حڪمت، مرزا قليچ بيگ، ڪوڙومل سنڌي ساھت منڊل، کاھي رستو، حيدرآباد سنڌ.
2-                   پهاڪن جي پاڙ،  عبدالڪريم سنديلو، انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو 1975ع
3-                   گلشڪر، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي، سنڌي ادبي بورڊ.
4-                   سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، سنڌي ادبي بورڊ
5-                   المسالڪ والممالڪ (اردو ترجمو؛ هندوستان عربون ڪي نظر مين)، اصطخري، دارالمصنفين اعظم ڳڙه ڀارت 1960ع
6-                   هندوستان عربون ڪي نظر مين، مسعودي، دارالمصنفين اعظم ڳڙه ڀارت 1960ع
7-                   عهدهائي قديم مين سرائڪي زبان ڪا ارتقا، محمد بشير نظامي، مرڪز سرائڪي زبان تي ادب، حبيب ڪالوني بهاولپور
8-                   سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڇاپو ٻيو 1983ع
9-                   سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1880ع
10-                تحفته الڪرام، مير علي شير قانع (مترجم مخدوم امير احمد)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع)
11-                تاريخ تمدن سنڌ، مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد
12-                ابن بطوطه جو سفر، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع
13-                تاريخ فيروز شاهي، شمس سراج عفيف، اردو اڪيڊمي اردو بازار ڪراچي 1980ع
14-                Extracts from the District and States Gazetteers of Pakistan University of Punjab 1977
15-                ٽه-ماھي مهراڻ جو پرچو1-2/1994ع



[1]  آئي مير، تي ڀڳي پير.
[2]  ٻلي شير پڙھايا، شير ڦير ٻلي نون کاڻ آيا، ٻلي آکيا؛ چڱا ٿيا جو مين تيڪون چڙھڻ نه سکايا.
[3]  ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ونڊ نه ڏيندي ڀاڳ.
[4]  پاڻ نه پلي پوپري، ڏوجھان متيان ڏيوي.
[5]  شير نه ڏيکيا تي ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا تي ڏيک سونارا.
[6]  چور چوران دي ڀائي، لچان چوران پت نه ڪا ئي.
[7]  اٺان ۽ مينھان دا ڪيھا ميلا، اي چرن ڊڀ تي او چرن ٻيلا.
[8]  لڳي ھوئي ته ڪل پوئي، نهين تي پڇ لڳيان والايان ڪڻ.
 [9] جاءِ اھا جلي، جت باھ ٻلي، ڪھڙا سيڪ آوي پاڙي واليان نون.
[10]  آپڻي گھوٽ تي نشا ٿيوئي.
[11]  اپڻا مال ھي، روسون ڀي کاسون ڀي.
[12]  مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون

No comments:

Post a Comment