اردو
امثال جي تاريخ
(ضرب الامثال – پروفيسر محمد انصارالله)
طارق سعيد
انجنيئر
عبدالوهاب سھتو
اهو سمجهڻ ته چوڻين (ڪھاوتن) ۽
پھاڪن (امثال) جو تعلق عوامي/ لوڪي يا ادنى طبقي سان آهي، پاڻ کي شديد مغالطي بلڪ
دوکي ۾ مبتلا ڪرڻ آهي. بقول مولانا زڪاءُ الله جي حقيقت هيءَ آهي؛ “پھاڪن (ضرب
الامثال) جو ادب، منشورالادب آهي. ويچار يا ڏاهپ يا دانائيءَ جو خلاصو، ڏاهن جي
ڏوري جو تائٿ، سپورنجن لاءِ جادو ۽ ٽوڻو ڦيڻو، حڪمرانن لاءِ دستورالعمل ۽
خبرداريءَ جو ڪارنامو، عام خلق جي لاءِ بزرگن جو ورثو، عشرت ۽ غم ۾ ڦاٿلن لاءِ ترياق.”
پھاڪا ڪنھن قوم جي بھترين فردن
جي بھترين تجربن جو بھترين خلاصو هوندا آهن. پھاڪا جيئن ته تجربي ۽ عمل سان وجود
وٺندا آهن، تنھنڪري قابل عمل به هوندا آهن. اتئون اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته
جڏهن انسان پھريون دفعو تجربو يا عمل ڪيو هوندو، انھيءَ زماني ۾ پھرئين پھاڪي جو
بنياد قائم ٿيو هوندو. انھيءَ تجربي جي وري وري عمل ۾ اچڻ ۽ ان جي يادگيريءَ واري
نتيجي ۾ پھريون پھاڪو وجود ۾ آيو هوندو.
پھاڪن سان ڪنھن قوم بابت زمانهء حال ۾ سوچڻ، سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي انداز جو ئي رڳو
پتو نه ٿو پوي بلڪ انھن سان زمانهء حال ۾ انھيءَ قوم جي روايتن ۽ ڪاميابين جي
سرسري طور عڪاسي ٿئي ٿي.
پھاڪا، عام خلق جي زبان تي جاري
ٿيندا آهن ۽ مشھور آهي ته؛ زبانِ خلق کي نقاره خدا سمجهو. انھن کي خلق ئي نه پر
خالق جو آواز تصور ڪرڻ گهرجي. غور ڪبو ته اندازو ٿي ويندو ته ڪيترائي پھاڪا،
انساني زندگيءَ لاءِ عمدو لائحه عمل فراهم ڪن ٿا ۽ منجهانئن گهڻن ۾ ته خدائي حڪمن
جي مطابقت به ملي ٿي. اهو صحيح آهي ته پھاڪن جي وضع ڪندڙ جو تعين عام طور نه ٿو
ڪري سگهجي، ليڪن سندن مفھوم ۽ مضمون چٽيءَ طرح ٻڌائين ٿا ته انھن جو تعلق خدا جي
پھتل ٻانھن جي انھيءَ جماعت سان آهي جيڪي هر زماني ۾ انسانيت کي نيڪيءَ جو رستو
ڏيکاريندا رهيا آهن.
جھڙيءَ طرح گلن جي ڍير مان
اوتري ۽ ان حد تائين خوشبوءِ نه ٿي حاصل ٿئي جيتري ۽ جنھن حد تائين عطر جو هڪ
ننڍڙو ڦڙو ذهن کي معطر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ڪنھن قصي، تجربي يا تاريخي واقعي جي
بيان سان انسان جي ذهن ۽ شعور ۾ اهو تاثر مرتب نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو هڪ پھاڪي سان
ٿئي ٿو. حڪمت جي ماھرن، انسان جي ظاهر نه بلڪ باطن جي حالات جي جاچ جوچ کانپوءِ،
پھاڪن مان اهي فائدا حاصل ڪيا آهن، جيڪي ڊگهين تقريرن، داستانن ۽ تاريخ جي سبقن
مان به حاصل نه ٿي سگهن. حقيقت آهي ته جيڪو ڪم سُئي ڪري سگهي ٿي، سو تلوار هرگرز
نه ٿي ڪري سگهي.
مختلف زمانن ۽ حالتن ۾، مختلف
ماڻھن جا تجربا مختلف رهيا آهن. انھيءَ سبب، سچ هئڻ جي باوجود پھاڪن ۾ ڪن وقتن تي
ابتڙ مفھومن جو بيان به ٿيو آهي. عملي زندگيءَ ۾ انھيءَ نقطي کي به وساري ڇڏڻ نه
گهرجي ته هر ڪم جي هڪ مھل ۽ هر ڳالهه جو هڪ موقعو هوندو آهي. ضروري ناهي ته هر
پھاڪو هرموقعي تي هر شخص جي لاءِ سچ ۽ قابلِ عمل به هجي.
پھاڪو هڪ مدت جي تجربن جو نچوڙ
هوندو آهي. ان ۾ جن لفظن جو استعمال ٿيندو آهي، سي به پراڻا ٿي چڪا ھوندا آهن.
عوامي زبان نسبتاً وڏي ڊگهي عرصي تائين پنھنجي اصليت مطابق رهندي آهي. پھاڪن جي
زبان ۾ قديم هئڻ جو جيڪو رنگ نظر اچي ٿو، تنھن گهڻن کي دوکي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي
ته سندن زبان عوامي آهي. محض قدامت (قديم هئڻ) ڪنھن زبان جي عوامي هجڻ جو دليل
ناهي.
پھاڪي ۾ ڪنھن تجزيي يا عمل جو
تت بيان ٿيل هوندو آهي. مٿن درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ واري ڳالهه سچي ثابت ٿيندي
آهي. انھيءَ لحاظ کان پھاڪي کي انتھائي جامع ۽ مانع هئڻ گهرجي. پھاڪو عام طور تي
ٻه يا ٻن کان مٿي لفظن جو مجموعو هوندو آهي. اهو هڪ جملي (مفرد يا مرڪب) تي به
مشتمل هوندو آهي، ليڪن پنھنجي ترڪيب جي لحاظ کان اهو جملي کان مختلف هوندو آهي. ڪو
به جملو، بغير فعل جي ممڪن ئي نٿو ٿي سگهي، ليڪن پھاڪي ۾ ڪنھن فعل جو شامل هئڻ
لازمي ناهي بلڪه شايد فعل جي حذف هئڻ کي به پھاڪي جو حسن قرار ڏئي سگهجي ٿو. مثال
طور؛
۱ |
آم ڪي آم، گٺليون ڪي دام |
انب جو انب، ککڙين جي اگهه |
۲ |
انڌا ملا، ڦوٽي ميت |
نيم ملا، خطرهِ ايمان |
۳ |
اپنا دام کوٽا تو پر کا ڪون
ڪيا دوس |
هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه
طبيب |
۴ |
اونٽ ڪي چوري، نُھرين نُھرين |
اُٺ جي چوري، پکي ۾ ڪين لڪندي |
پھاڪن ۾ ضروري لفظ آندا ويندا
آهن. اهي واڌو لفظن کان پاڪ ۽ اختصار يا تات پرج جو بھترين نمونو هوندا آهن. پھاڪي
۾ هر لفظ وقتائتو ۽ منڊيءَ تي ٽِڪ جيان جڙيل هوندو آهي.
هڪ مدت تائين استعمال جي رڳڙ ۾
اچڻ کانپوءِ، ڪو فقرو/ جملو مثالي ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن اهو هر قسم جي تراش خراش
کانپوءِ پھاڪو ٿي پوندو آهي ته نھايت محڪم ۽ مضبوط هوندو آهي. منجهس ڪنھن قسم جي لفظي
وڌاءَ، ڦير گهير ۽ مٽ سٽ جي وڌيڪ تر جيتري ضرورت نه هوندي آهي. بلڪ ڪنھن وقت منجهس
تبديلي کيس بگاڙڻ جو سبب به ٿيندي آهي. انھيءَ لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو ته؛
“پھاڪي ۾ تبديلي ۽ ڦير گهير
جائز ناهي. جيئن ٻڌو ويو آهي، تيئن استعمال ڪرڻ گهرجي”.
مثال طور هڪ پھاڪو آهي؛ “آگي
دؤڙ، پيڇي چوڙ”. تقريباً سڀني پراڻن ڪتابن ۾ “چوڙ” نه بلڪ “ڇوڙ” لکيل آهي. شيخ
امام بخش صھبائيءَ انھيءَ جي وضاحت ڪئي آهي ته؛
“ظاهراً “چوڙ” جيم فارسي مفتوح
(زبر) ۽ واو ساڪن (جزم) ۽ ري هندي (سنڌيءَ) سان مستعمل آهي. اصل ۾ “ڇوڙ” جيم فارسي
مضموم مخلوط الھاء (هه سان جڙيل) هيو. (رساله قواعدصرف و نحو اردو ص:۲۱۷)
مولوي نجم الدين انھيءَ باري ۾
لکيو آهي؛
“محفف چھوڙ جو آهي چوڙ، چپٽ جو
قائم مقام آهي”. (نجم الامثال) عالمن جڏهن پھاڪي کي تحرير ۾ محفوظ ڪيو ته ان جي
ساخت ۽ هيئت جي محافظت جي ذميداري به کنيائون، جيئن مٿي ٻڌايل مثال مان ظاهر آهي.
ليڪن جنھن دنيا ۾ اسان رهون ٿا، ان ۾ هر شيءِ جي عمر مقرر آهي. ماڻھن وانگر گفتن ۽
قومن وانگر جملن ۽ فقرن جي لاءِ به مدت بھرحال مقدر ۾ آهي. هن دنيا ۾ ڪنھن به
شيءِ، ڪنھن به ڳالهه کي ٽڪاءُ ناهي. ڦيرگهير ۽ تبديلي، انھيءَ جو مـَرڪ آهي. پھاڪا
به انھيءَ قانونِ فطرت کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن.
هيءَ ڪائنات ارتقا پذير آهي.
انساني علم به بلڪل تبديلين جو شڪار آهي. سندس تجربن جو انداز ۽ مزاج به بدلجندو
رهي ٿو. انھن تجربن جي پيشڪش جا طريقا به مسلسل ساڳيا نه رهيا آهن. وقت خود انسان
کي ذاتين ۽ قومن ۾ ورهائي ڦٽو ڪيو آهي. قومن جي زبان، سندن مزاج ۽ سوچڻ جو انداز
به مختلف ٿي ويو آهي. هر قوم جا پھاڪا ۽ چوڻيون به جدا جدا ٿي ويا آهن. عالمي
ارتقا جي ڏاڍ جي نتيجي ۾ اهي حالات اڄ ناهن جيڪي ڪلهه هئا. جيڪي معاملا اڄ درپيش
آهن، سي سڀاڻي نه هوندا. ڪالھوڪيون گهڻيون شيون اڄ به گذريل شيون ٿي چڪيون آهن.
سڀاڻي ڪھڙو سامان هوندو، اڄ ان جو تصور به ممڪن ناهي. ڪالھوڪين ڳالھين جا مثال/
پھاڪا اڄ وساريل ڇپٽي/ پڇٽيءَ مٿان اڪريل چِٽَ بنجي چڪا آهن. سڀاڻي جيڪي پھاڪا/
مثال وجود ۾ ايندا، اڄ سندن مذڪور به امڪان کان ٻاهر آهي. ڪالھوڪيون چوڻيون جيڪي
اڄ رائج ۽ باقي آهن سي اڄ جي حالات، اڄ جي ضرورتن ۽ اڄ جي ٻول چال مطابق ڍلبيون
وڃن ٿيون. اها تبديلي ئي در اصل سندن بقاءَ ۽ زندگيءَ جي ضامن آهي. نئين آئين کان
ڊڄڻ ۽ پراڻي ڍنگ تي ڳَتَ ڏيڻ، موت کي سڏ ڪرڻ برابر آهي.
پنھنجي مفھوم ۽ ان جي اظھار جي
معيار جي اعتبار سان پھاڪن جا ٻه قسم آهن؛
(الف) اهي جن جو تعلق خاص سان
آهي، (ب) جيڪي خاص ۽ عام؛ ٻنھي لاءِ آهن. پھرئين کي عليحده/ مٿانھون ڪرڻ لاءِ
“نادره” جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آهي. عربيءَ ۾ “نادره” مان اهي الفاظ مراد ورتا
ويندا آهن جن ۾ استعارو نه هجي ليڪن اردوءَ ۾ انھيءَ مفھوم جي پابندي نه ڪئي وئي
آهي. هتي انھيءَ پابنديءَ جي ضرورت به ناهي. پنھنجي اصطلاحن جي مفھومن ۽ استعمال
جي موقعي جي لحاظ کان اردو آزاد آهي. اردوءَ ۾ نادره اهي پھاڪا آهن جيڪي صرف خواص
جي زبان تي چڙهيل آهن. عام پھاڪا ان جي برخلاف خاص ۽ عام ؛ ٻنھي جي زبان تي جاري
آهن.
خواص پنھنجي زبان جي باري ۾
ڏاڍا محتاط هوندا آهن، ليڪن سموري احتياط جي باوجود عوامي/ لوڪي جملا سندن زبان ۾
داخل ٿيندا رهندا آهن. ايرانين جي فارسيءَ ۾ به اسان جي زبان (اردوءَ) جا ڪي جملا
قديم زماني کان جاري آهن. هندستانين جي فارسيءَ ۾ شامل ٿي وڃڻ ته انھن لاءِ تمام
سولو هيو. پھاڪن ۾ انھن جا مثال گهڻا موجود آهن. انھن (دخيل) ڪاهي پيل لفظن جي
ڪري، پھاڪن جي دلچسپي ئي نه بلڪ معنويت ۽ اهميت ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آھي. مثال
طور؛
۱ |
عقل چہ ڪتي
است ڪہ پيش مرد بيايد |
مردن آڏو،
عقل ڪھڙي ڏاڙھي آھي |
۲ |
عاشقان را اور جہان لنگي بس
است |
عاشقن لاءِ
سڄو جھان لانگوٽي ۾ آھي |
۳ |
فارسي را ٽنگڙي توڙم کہ لنگڙي
شود |
فارسيءَ جي
ٽنگڙي ٽوڙ ته منڊي |
۴ |
زر نيست،
عشق ٽين ٽين |
بنا پئسي
پرشاد، ھرو نه ڏئي ھٿ ۾ |
وقت سان گڏ عام چوڻين ۾ جيڪي
تبديليون رونما ٿيون آهن، تن جا به ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
اورنگزيب جي زماني ۾:
۱ |
موڊ
مونڊايا، اور اولي پڙي |
مٿو
ڪوڙائيندي ئي، ڳڙا ڪريا |
۲ |
قاضي نياؤ نه ڪريگا تو گھر نه
جان ديگا (عوارف لوندي) |
پير پٽ نه
ڏيندو ته زال ته نه کسيندو |
شاهه عالم ثانيءَ جي زماني ۾ :
۱ |
سر منڊاتي
ھي اولي پڙي |
مٿو
ڪوڙائيندي ئي، ڳڙا ڪريا |
۲ |
قاضي نياؤ نه ڪريگا گھر تو آن
ديگا (خزينة الامثال) |
عمر نيئي
نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته
ڪين ٿيلھيندو. |
بھادر شاهه ثانيءَ جي وقت اهي
پھاڪا هيٺينءَ طرح رائج هيا؛
۱ |
سر منڊاتي
اولي پڙي |
مٿو
ڪوڙائيندي ئي، ڳڙا ڪريا |
۲ |
قاضي انصاف ڪريگا گھر مين نه
آني ديگا (رسالہ قواعد صرف و نحو اردو) |
نيئي نيئي،
عمر مارئي نيندو، ٿرئون ته
ڪين ٿيلھيندو. |
مٿين مثالن مان زبان جي بتدريج
تبديليءَ جي شاهدي ملي ٿي ۽ اها صورتحال لسانيات سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ توجهه
جي لائق آهي. مٿين تفصيلات مان ظاهر ٿيو ته پھاڪن ۾ انتھائي آسان ۽ عام فھم لفظن
جو استعمال ٿيندو آهي. ليڪن انھيءَ مان اها راءِ نه وٺڻ گهرجي ته منجهن ڳالهه کي
بلڪل سادڙي سودڙي مثال سان پيش ڪيو وڃي ٿو. دراصل مطلب/ مفھوم جي پيشڪش جو انداز
ئي پھاڪن جي قبولِ عام جو سبب آهي. انھيءَ جون ٻه صورتون آهن.
(الف) استعاري جو استعمال؛
انھيءَ ۾ خوبي اها هوندي آهي ته شڪ جو سبب گهڻين شين مان حاصل ٿئي ٿو. مثال طور؛ “صدا طوطی کی سنتا کون ہے نقارخانے میں۔”
انھيءَ ۾ طاقتور ۽ زورآور جي مقابلي ۾ ضعيف ۽ ڪمزور بابت نه پڇڻ جي ڳالهه ڪئي وئي
آهي ۽ شڪ جو سبب گهڻين شين مان ظاهر آهي.
(ب) مجاز جي صورت جو آڻڻ ۽ جنھن جاءِ تي اهي ٻئي
شڪليون نه هجن، جملو ڀلي ڪيترو ئي توجھ ڇڪائيندڙ ۽ معنى خيز هجي پر پھاڪي جي وصف ۾
نه ايندو.
هر پھاڪو پنھنجي لفظن جي اصلي
معنى جي اعتبار سان مربوط ۽ با معنى هوندو آهي. ڪن پھاڪن جي ظاهري معنى ۾ به
عموميت وارو پھلو هوندو آهي، ليڪن هر پھاڪي جو هڪ سبب خاص هوندو آهي ۽ جڏهن انھيءَ
تي اهو پھاڪو يا مثال وارد ٿيندو آهي ته ان جي مفھوم جو صحيح لطف حاصل ٿيندو آهي.
پھاڪا موزون به ٿي سگهن ٿا ۽
غير موزون به. موزون پھاڪا ڪڏهن هڪ شعر ۽ عام طور هڪ مصرع جي صورت ۾ هوندا آهن.
غير موزون مان مراد نثري پھاڪا آهن جيڪي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ گفتن/ لفظن تي مشتمل
هوندا آهن. مختصر ترين پھاڪن جا ڪجهه مثال هي آهن.
۱ |
چڪنا گھڙا |
چڪنو گهڙو/ سڻڀو مٽ |
۲ |
اٺائو چولھا |
وچ - ڪُٽيو |
۳ |
انڌون ڪا ھاٿي |
انڌن پيو، مئي هاٿيءَ سين
مامرو |
۴ |
انڌي ڪي ھاٿ بٽير |
انڌي جي هٿ ۾ ٻٽير |
۵ |
تيتر ڪي منه لڇي |
تتر آڏو اڏوهي |
۶ |
جوگي ڪا/ڪي ميت |
جوڳي نه ڪنھن جا مٽ |
نثري پھاڪا جڏهن ڪنھن قدر ڊگها
هوندا آهن ته مقفى به ھوندا آھن ۽ ساده به هوندا آهن. انھن جا مثال هن طرح آهن جو
اهي مسجع به هوندا آهن.
مسجع |
۱. اونٽ
بوڊين، ڀيڙ ٿاھ لي |
اٺ جو بود،
رڍ لتاڙي |
۲. انڌا ملا، ڦوٽي ميت |
نيم ملا، خطرهِ ايمان |
|
مقفى |
۱. ڇبري ني
دوڌ ديا، پر مينگني ڀرا |
ٻڪري کير
ڏئي پر ڦولھڙين گاڏڙ |
۲. مين چنگا، تو ڪٺوئي گنگا |
جيءُ خوش، جھان خوش |
|
مسجع مقفى |
۱. اگون
دوڙ، بڇو چور. |
ڀڄندو وڃجي، رهائيندو به وڃجي |
۲. تانت باجا، راگ بوجھا |
تار وڳي، سُر سمجهيو |
|
ساده |
۱. ڀوين پر
آسمان چائي. |
آسمان مٿي تي کڻڻ |
۲. بلي ڪي بختون ڇينڪا ٽوٽا |
ٻليءَ جي ڀاڳين ڇڪو ٽٽو |
سمورن پھاڪن ۾، چاهي اهي ڪنھن
به قسم جا هجن، گندي جي گلا ۽ سھڻي جي ساراھ جو عمل قدرِ مشترڪ جي حيثيت رکي ٿو ۽
ان مان مقصود، جيئن ٻڌايو ويو ته انساني معاشري جي فلاح ۽ بھبود جو حاصل ڪرڻ آهي.
معاشري ۾ اڪثريت عوام/لوڪن جي هوندي آهي، انھيءَ سببان پھاڪن جي لاءِ لازمي آهي ته
اهي عوام/لوڪ ۾ مقبول هجن. ڪنھن به قول تي پھاڪي جو تيستائين اطلاق نه ٿو ٿي سگهي،
جيستائين ان کي قبولِ عام/ لوڪ-پسند بلڪ عام رواج جي سند حاصل نه ٿي ٿئي. انھيءَ
مقام تي اها ڳالهه به دلچسپيءَ جو باعث ٿيندي ته پھاڪن جو استعمال عورتن جي زبانن
تي تمام گهڻو هوندو آهي. انھن کي استعمال ڪرڻ به خوب ڄاڻنديون آهن.
دنيا جي مڙني ٻولين وانگر اسان
جي زبان (اردوءَ) ۾ به پھاڪن جي تاريخ پراڻي آهي. جيئن خبر آهي ته اتر هندستان جو
گاديءَ جو هنڌ دهلي رهيو آهي. انھيءَ شھر کي اسان جي تھذيبي تاريخ جي مرڪزي حيثيت
حاصل رهي آهي. انھيءَ شھر متعلق گهڻا پھاڪا رائج آهن، مثال طور؛
۱ |
دلي دور ھي |
اڃا دهلي دور آهي. |
۲ |
گھوڙون ڪو دلي ڪتني دور |
گهوڙن آڏو دهلي ڪيترو پري آهي. |
۳ |
دلي ڪي ديوالي، منہ چڪنا پيٽ
خالي |
دهليءَ جي ديوالي، وات سڻڀو
پيٽ خالي. |
۴ |
دلي ڪي بيٽي، مٿرا ڪي گائي، ڪرم ڦوٽي تو باھر جائي |
دهليءَ جي ڄائي ۽ مٿرا جي
گانءِ، نڀاڳ کڻين ته ٻاهر وڃن. |
جيئن جيئن ٻين ماڳن/مقامات کي
تھذيبي اعتبار کان اهميت حاصل ٿيندي وئي، سندن متعلق به پھاڪا/چوڻيون رواج ۾ ايندا
ويا. مثال طور:
۱ |
دکن گئي نه
باھوري اور رھي چنديري ڇالي |
نه دکن ويو
نه باھوري، سڏائي چنديڳڙھ جو ڇالو |
هڪ دلچسپ حقيقت اها به آهي ته اسان جي زبان
اردوءَ جا جيڪي پراڻا فقرا محفوط پيا آهن سي به پھاڪا ئي آهن يعني؛
۱ |
پونون ڪا
چاند بالا ھي |
پونا جو چنڊ
اوچو آھي. |
۲ |
جو منڊا سا بانڌي سو پائين
پسري |
. |
ستين صدي هجريءَ (تيرهين صدي
عيسويءَ) جي منڍ ۾ نقل ٿيندڙ انھن مثالن، اسان جي ٻوليءَ جي اصل صورت کي محفوظ
رکيو آهي. ان مان خبر پوي ٿي ته هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ، مسلمان صوفين ۽ اڪابرن،
هتان جي زبان کي سمورين لطافتن ۽ نزاڪتن سان اختيار ڪيو هيو. مسلمان صوفين جي
منظوم عشقيه داستانن ۾، جن جو هن زبان ۾ هڪ ڊگهو سلسلو آهي، پھاڪن جو وڏي خوبيءَ ۽
بي ساختگيءَ سان استعمال ٿيندو رهيو آهي. اهو انھيءَ ڳالهه جو به ثبوت به آهي ته
پھاڪن/ چوڻين جي زبان، جاهلن ۽ نيچ طبقي جي ماڻھن جي نه آھي، بلڪ اهي پھاڪا
شرفائن، اميرن ۽ بادشاهن جي زبانن تي به جاري هيا. گجرات جي نالي سان گڏ سلطان
محمود بيگڙي جي باري ۾، جنھن جو دور نائين صدي هجري/ پندرهين صدي عيسويءَ جو وچ
هيو، مشھور آهي ته هڪ موقعي تي چيو هئائين؛
۱ |
نيچي بيري،
سب ڪوئي جھوري |
ڀريل ٻير ۾، سڀڪو جنب هڻي. |
اهو ۽ ان قسم جا ججها پھاڪا،
عام ۽ خاص جي زبان تي جاري هلندا اچن ٿا.
پھاڪن کي ڪٺو ڪري، انھن جي
مفھوم کي به قلمبند ڪري ڇڏڻ ڏانھن سڀ کان پھريان عالمگير ۽ اورنگزيب جي آخري زماني
۾ مارهري جي مشھور صوفي بزرگ شاهه برڪت الله پيميءَ جي ڌيان ويو. شاهه صاحب ٻه سؤ
کان مٿي پھاڪا ڪٺا ڪري، تصوف جي معاملات ۽ مسائل جي روشنيءَ ۾، فارسيءَ ۾ انھن جي
شرح لکي ۽ پنھنجي انھيءَ رسالي کي “عوارف هندي” جو نالو ڏنو. هڪ نسخي جي ڪاتب ان
کي “شرح امثله هندي” به چيو آهي.
اها دعوى نه ٿي ڪري سگهجي ته
‘پـيميءَ’ کانپوءِ، ٻارهين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جي خاتمي تائين، ان ڪم
ڏانھن وري ڪنھن ڇو ڌيان نه ڌريو، ليڪن هن وقت تائين اُن زماني جي اهڙي ڪا ٻي ڪاوش
اسان جي علم ۾ نه آئي آهي.
اڻويھين صدي عيسويءَ جي پھرئين
سال ۾، جڏهن ڪلڪتي ۾ فورٽ وليم ڪاليج جو بنياد پيو، لکنوءَ جي سيّد حسين شاهه
‘حقيقت’ عربي، فارسي ۽ اردو، ٽنھي زبانن جي پھاڪن کي، اکرن جي هِجي جي اعتبار سان
هڪڙي رسالي جي صورت ۾ مرتب ڪيو. ان رسالي جو نالو “خزينته الامثال” آهي. توجھه
لائق ڳالهه هيءَ آهي ته مؤلف انھيءَ رسالي جو ديباچو اردوءَ ۾ لکيو آهي. انھيءَ
ديباچي ۾ چوي ٿو؛
“اهڙو ڪتاب جيڪو ‘مجمع امثال’
هجي، نظر نه آيو.”
گمان اهو آهي ته اهو ڪتاب،
پيميءَ جي رسالي تائين سمورو ٿي سگهيو پئي. جنھن ۾ پيميءَ ۾ پھاڪن کي ڪٺو ڪرڻ ئي
ڪافي سمجهيو ۽ انھن جي مطالب کي قلمبند نه ڪيو. ‘حقيقت’ جي رسالي کي مؤلف جي پٽ،
سيد محسن علي ‘محسن’ موسويءَ ڪن واڌارن سان گڏ ڇپائي ڇڏيو هيو. انھيءَ ڪتابي
مجموعي جو عڪس، مقتدره قومي زبان اسلام آباد ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪيو آهي.
اڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري، شيخ
امام بخش صھبائيءَ جڏهن پنھنجو رسالو “قواعد صرف و نحو اردو” مرتب ڪيو ته ان جي
آخر ۾ به ان هڪ باب پھاڪن جي متعلق شامل ڪيو. صھبائيءَ جي آڏو پھاڪن متعلق مٿي
ڄاڻايل ٻئي ڪتاب نه هيا. پاڻ اردوءَ جون لڳ ڀڳ سوا ٽي سؤ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڏنيون
اٿائين ۽ لکيائين:
“جيڪا پھاڪي جي معنى، ظاهر ۽
توجيھه جي قابل نه هوندي سا لکڻ، قلم جو مقصد ۽ معنى جو اظھار نه ٿيندو، ۽ باقين
جي معنى به لکي ڇڏبي.”
صھبائيءَ ائين نه ڪيو جو پھاڪن
جي تشريح ڪيائين بلڪ ڪي پھاڪا جيڪي ڪھاڻي طلب هيا، تن متعلق ڪھاڻي به مختصر طور تي
تحرير ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح صھبائيءَ ڪم کي ٿورو اڳڀرو ڪيو آهي. صھبائيءَ جي
ڪتاب ۾ پھاڪن جو متن گهڻين جاين تي اڳي ٻڌايل ٻنھي ڪتابن جي اندراج کان مختلف به
آهي. اهو اختلاف زماني ۽ مڪاني فرق جي ڪري ٿي سگهي ٿو ۽ اهو فرق پھاڪن جي تدريجي
ارتقاءَ جو مظھر پڻ آهي. اڻويھين صديءَ جي پھرئين اڌ جي نثري تصنيفات جو تعداد
تمام گهڻو ناهي. انھيءَ اعتبار کان به صھبائيءَ جي رسالي کي اهميت حاصل آهي.
۱۸۰۷ع کان
پوءِ جڏهن، ڏيھي ٿورو پيرن-ڀر ٿيا ته ماضيءَ ڏانھن ڌيان وين ۽ پنھنجي آڳاٽي خزاني
کي محفوظ ڪرڻ جي ڳڻتي ٿين. روهيلڪنڊ لٽرري سوسائٽي بريليءَ پنھنجي ڇاپ خاني مان
ڇپائي ۱۸۶۸ع ۾ ڪالي چرن نالي هڪ شخص جو
ڪتاب “امثال هنديءَ” کي ٻن حصن ۾ شايع ڪيو. انھيءَ ڪتاب ۾ پھاڪن کي حروفِ تھجيءَ
جي اعتبار سان مرتب ڪيو ويو آهي، ليڪن انھن جي شرح ڪين لکي وئي آهي.
اينگلو عربي اسڪول دهليءَ جي
رياضيءَ جي استاد مولوي نجم الدين اردو زبان دانيءَ جي سلسلي ۾ گهڻا ئي ڪتاب لکيا.
منجهن پنجون ڪتاب “نجم الامثال” آهي. انھيءَ ڪتاب جو پھريون ڇاپو ۱۸۷۶ع ۾ نڪتو هيو. ڪتاب مقبول ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ۱۸۸۸ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ چيو ويو آهي ته؛
“اردو زبان دانيءَ جو پنجون حصو
نجم الامثال جي نالي سان، جنھن ۾ ۳۰۶۸ کان
وڌيڪ پھاڪا هيا. هن دفعي منجهس هڪ هزار ٻيا به وڌايا ويا آهن.”
ديباچي ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته؛
“ٻيو ڪو به جامع ڪتاب” موجود نه هيو، انھيءَ ڪري مؤلف اهو ڪم شروع ڪيو. ٻئي ڇاپي ۾
پھاڪن بابت آکاڻيون به ڏنيون ويون آهن. ڪي محاورا (اصطلاح ۽ ورجيسون) جيڪي پھرئين
ڇاپي ۾ شامل ٿي ويا هيا، سي ڪڍيا ويا ۽ هاڻي هن ۾ “خالص پھاڪا ئي رکيا ويا آهن.”
مؤلف پنھنجي ماخذ جو اتوپتو نه ڏنو آهي، ليڪن پھاڪن ۽ سندن تشريح ۾ جيڪو لکيو ويو
آهي اهو گهڻي حد تائين صھبائيءَ جي تحرير سان مطابقت ۾ آهي ۽ انھيءَ باري ۾ شڪ چٽو
نه ٿو ٿئي ته صھبائيءَ جو رسالو هن ڪتاب جي بنيادي ماخذن مان هڪ آهي.
مرزا محمد مرتضى عاشق لکنوي عرف
مُڇو بيگ به انڳيءَ سال ۾ “بھارِ هند” جي نالي سان هڪڙو ڪتاب شروع ڪيو جنھن کي،
“معدنِ لغات و مخزن اصطلاحات و گنجينه محاورات و مثل” سڏيو ويو آهي. هن ڪتاب جو
پھريون حصو، جيڪو الف اکر سان شروع ٿيڻ وارن لفظن ۽ فقرن تي مشتمل آهي، مطبعِ شوڪت
جعفري لکنوءَ مان ۱۸۸۹ع ۾ ڇپجي شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب
هڪ قسم جي لغت آهي، جنھن ۾ پھاڪن جي معنى به درج ڪيل آهي ۽ هرهڪ جي لاءِ سَنَدَ ۾
شعر به نقل ڪيو ويو آهي.
شمس العلماء مولوي ذڪاءُ الله
پنھنجي عالمانه انداز سان پھاڪن ڏانھن ڌيان ڌريو آهي ۽ اردو رسالا “فلسفه امثال” ۽
“منتخب امثال” جي نالي سان ترتيب ڏنا اٿائين. پھرئين رسالي جي ديباچي ۾ پھاڪن جي
حقيقت ۽ اهميت تي بحث ڪيل آهي. پوءِ مختلف حروف تھجيءَ جي تحت ترتيبوار عنوان قائم
ڪري، مختلف يورپي ٻولين مثلاً انگريزي، فرانسيسي، پرتگالي وغيره ۽ گهڻين ايشيائي
ٻولين جھڙوڪ يوناني، عربي، فارسي، چيني وغيره ۽ چند هندستاني ٻولين جھڙوڪ بنگالي،
اردو، تامل، تيلگو، پنجابي وغيره جا پھاڪا ڪٺا ڪيا آهن. ٻئي رسالي ۾ به مختلف
ٻولين جا پھاڪا ڪٺا ڪيا ويا آهن. ٻنھي رسالن ۾ ملائي سلائي، پھاڪن جو تعداد ساڍا
چار هزار کان مٿي بيھي ٿو. اهي ٻئي رسالا، مطبع مجتبائي دهليءَ مان ۱۸۹۸ع ۾ ڪٺا ڇپيا هيا.
مولوي ذڪاءُ الله جي انھن رسالن
جي مطالعي مان ڪي گهڻيون دلچسپ ڳالھيون اڳيان اچن ٿيون. مثال طور؛
الف جي اکر سان شروع ٿيڻ وارن
پھاڪن جو تعداد نو سؤ کان وڌيڪ آهي. پوءِ ب سان ۲۶۵، د سان ۲۵۶ ۽ ح سان ۲۵۳ آهي. ي جي اکر سان هڪ به ناهي. ط سان ۳، ف سان ۸، ظ سان ۹، ل سان ۱۴، ف سان ۱۵ ۽ هه سان ۱۶ آهن.
عنوانن ۾ ماڻھوءَ متعلق ۱۵۱ پھاڪا آهن. ڪليات متعلق ۱۰۲، ڪوڙ
سچ جي باري ۾ ۹۰، دولت ۽ متعلقات لاءِ ۸۵، ازدواجي ۽ سس ننھن جي رشتن متعلق ۸۴، ۽
الله تعالى متعلق فقط پنجاهه پھاڪا/ چوڻيون آهن.
حيوانن ۾ ڪتي جي باري ۾ ۵۶، گڏهه متعلق ۳۷، گهوڙن بابت ۲۸ ۽ متفرق ۳۰ پھاڪا آهن. پھاڪن بابت هيل
تائين جيڪي ڪتاب راقم جي نظر مان گذريا آهن، تن مان سڀ کان وڌيڪ علمي ۽ نتيجه خيز،
مولوي ذڪاءُ الله جا اهي ٻئي رسالا آهن.
مڙني کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هيءَ
آهي ته ويھين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي جي آخر ۾ دهليءَ جي ٻن خواجه صاحبان پنھنجي
پنھنجي طور تي پھاڪن متعلق ڪھاڻين کي قلمبند ڪيو آهي.
پھريون ڪتاب “قصص الامثال”
خواجه محمد باقر حسن قادريءَ جو آهي. برقي پريس دهليءَ مان غالباً ۱۹۳۷ع ۾ ڇپيو هيو. ديباچي ۾ لکيل اٿس؛
“اڍائي سون کان مٿي ڪھاوتون جن
بابت قصا/ڪھاڻيون وغيره وڏي جاکوڙ ۽ محنت کان پوءِ هٿ آيا آهن، هيءُ انھن جومجموعو
آهي ۽ قصص الامثال جي نالي سان موسوم ڪيو ويو آهي.”
انھيءَ ۾ مؤلف طرفان هي اطلاع
به ڏنل آهي ته پاڻ پنج هزار کان وڌيڪ هندستاني ڪھاوتون پنھنجي هڪ ڪتاب
“بدرالامثال” ۾ ڪٺا ڪيا آهنس، ليڪن اهو ڪتاب اسان جي نظر مان نه گذريو آهي. انھيءَ
ڪري ان جي باري ۾ ڪجهه به چوڻ ممڪن ناهي.
ٻيو ڪتاب “قصه طلب ضرب الامثال”
نالي سان، خواجه محمد عبدالمجيد دهلويءَ ترتيب ڏئي، مڪتبئه جامعه دهليءَ مان ۱۹۳۸ع ۾ ڇپرايو، جنھن ۾ اٺھتر پھاڪن متعلق حڪايتون/ آکاڻيون قلمبند ڪيل آهن.
پھاڪن کي ڪٺو ڪري، ترتيب ڏيڻ جو
سلسلو اڄ به جاري آهي. جيئن جناب وارث سرهندي جو ڪتاب “جامع الامثال” ۱۹۸۶ع ۾ مقتدره قومي زبان اسلام آباد جي طرفان شايع ٿيو آهي. منجهس عربي، فارسي
۽ اردوءَ جا اهڙا پھاڪا ڪٺا ڪيا ويا آهن، جيڪي پڙهيل ڳڙهيل اردو دان طبقي ۾ رائج
آهن. دعوى ڪئي وئي آهي ته اڄ تائين اهو ئي سڀ کان وڌيڪ جامع ڪتاب آهي. منجهس پھاڪن
جي تشريح به ڪئي وئي آهي. مٿي جيڪي تفصيل بيان ڪيا ويا آهن، انھن جي روشنيءَ ۾ هن
ڪتاب کي سڀ کان وڌيڪ جامع تسليم ڪرڻ ناممڪن آهي.
انھيءَ ۾ شڪ ناهي ته پھاڪن
متعلق ٻيا به گهڻا ڪتاب، مختلف انداز سان لکيا ويا هوندا، ليڪن اها ڳالهه افسوسناڪ
آهي ته “خزينة الامثال” کان “جامع الامثال” تائين شايد ئي ڪنھن ڪتاب ۾ ماخذ جي
نشاندهي نه ڪيل هجي. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته پھاڪن جي تعداد ۾ واڌارو ڪرڻ جي شوق ۾
عموماً انھيءَ پھلوءَ تي به نظر نه رهي آهي ته جنھن فقري کي پھاڪي جي نالي ۾ ڪتاب
اندر داخل ڪيو پيو وڃي، اهو حقيقت ۾ پھاڪو آهي به يا نه. نجم الامثال غالباً اهو
آخري ڪتاب آهي، جنھن ۾ انھيءَ پھلوءَ تي نگاهه رکي وئي آهي.
“مخزن الامثال”؛ هي ڪو باضابطه
۽ ربط سان تصنيف ٿيل ناهي. دانياديال مھرشي شيو برت لال ورمن صاحب پنھنجي دوست جناب
گوري شنڪر لال اختر جي فرمائش تي “ضرب الامثال/ پھاڪن” جي “ظھور جا سبب” لکيا هيا،
جيڪي قسطين ۾ رمتا رام رسالي ۾ ڇپبا رهيا. جناب اختر صاحب انھن کي پنھنجي مقدمي
ساڻ ملائي، “مخزن امثال” جو نالو ڏنو. افسوس جي ڳالهه آهي جو رمتا رام رسالي جو
فائيل اسان کي هٿ ڪين اچي سگهيو، تنھنڪري انھيءَ مجموعي جي تصنيف جي سال جو تعين
به ممڪن نه ٿي سگهيو. ليڪن انھيءَ بنياد تي ته مھرشيءَ جن فيبروري ۱۹۳۹ع ۾ هيءُ چولو بدلايو هيو ۽ جناب اختر صاحب جو چوڻ ته سندن علم ۾ اهڙو ڪو
ٻيو ڪتاب ناهي، خيال ڪيو ٿو وڃي ته دهليءَ جي ٻنھي خواجه صاحبان کان اڳي هيءُ ڪم
مھرشيءَ جن ڪيو هيو.
اختر صاحب ٻڌايو آهي ته پھاڪن
متعلق ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا بازار ۾ وڪامندا رهيا آهن. انھن ئي ننڍڙن ڪتابڙن کي ڏسي
اختر صاحب جي ذهن ۾ مذڪوره فرمائش جو خيال پيدا ٿيو هوندو. چڱيءَ طرح ممڪن آهي ته
اهي ڪتابڙا مھرشيءَ جي نظر مان به گذريا هجن. انھن کي ئي هن “مخزن امثال” جو،
بنيادي ماخذ سمجهڻ گهرجي. افسوس آهي جو انھن مان ڪنھن هڪ جو به نالو، اختر صاحب نه
ٻڌايو آهي.
مھرشي شيو برت لال ورمن
هندوستان ۾ اوڀر کان اولھه تائين ۽ اتر کان ڏکڻ تائين ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ آمريڪا کان
جاپان تائين جو سفر ڪيو هيو. فنا في العلم ۽ صاحبِ نظر هيو. عام ۽ خاص، سڀني سان
سندس معاملات هيا. نھايت گهڻ مطالعه ۽ ذهين شخصيت جو مالڪ هيو. بي شمار پھاڪا سندس
حافظي ۾ محفوظ هيا. هڪڙي مدت جي تجربي، مشاھدي ۽ غور و فڪر کان پوءِ شعوري طور تي
صوفين ۽ سنتن جي روش کي اختيار ڪيو هئائين، جيڪي پنھنجي عقيدتمندن جي بھترين طريقي
سان تعليم ۽ تربيت ڪندا هئا. مھرشيءَ جن، انھيءَ نقطي کان بخوبي واقف هيا ته نثر ۽
نظم ۾ بلاغت ۽ دلڪشي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ئي ڪا تصنيف اهڙي هجي جنھن ۾ پھاڪن جو
استعمال نه ٿيو هجي. تنھنڪري اختر صاحب جي مذڪوره فرمائش کي سھڻي طريقي سان پورو
ڪري ڇڏڻ سندن لاءِ مشڪل ڪم نه هيو.
مھرشيءَ زماني جي اصلاح لاءِ
سندرو ٻڌو هيو ۽ انھيءَ نيڪ مقصد جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هئائين، ليڪن هن
نقطي کان غافل نه هيا، “ڪارِ دنيا، تمام نه ڪرد.” انھيءَ ڪري پاڻ پنھنجي تعليمات
لاءِ انھيءَ حلقي کي مرڪز بڻايائون جنھن سان خود سندن تعلق هيو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ
ناهي ته پاڻ دنيا جي تقريباً مڙني وڏن مذهبن کان واقفيت حاصل ڪئي هئائون ليڪن،
“اول خويش، بعدهٗ درويش” جي مصداق هندستاني معتقدات متعلق آڳاٽن ۽ بنيادي سرمايي
جي، جديد دور جي تقاضائن مطابق تعبير، توضيح ۽ تشريح کي زندگيءَ جو مقصود بڻايو
هئائون. انھيءَ موضوع متعلق، بقول جناب موهن لال ‘نير’، ان عھد جي مخصوص (main) زبان اردوءَ ۾ سوين ڪتاب لکي
ڇڏيائون ۽ هندستان جي اڪثريت واري طبقي لاءِ خود ان زبان کي مقدس بنايائون. انھيءَ
عظيم الشان ڪارنامي جي لاءِ مھرشي، اڄ به بي نظير ۽ بي عديل آهي ۽ زماني جي روش کي
ڏسندي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته آئنده به سندن جواب پيدا نه ٿو ٿي سگهي.
مھرشيءَ جي، جن امتيازات ڏانھن
مٿين سٽن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي، ساڳيو امتياز هن “مخزن امثال” جو پڻ آهي. بيشڪ اهو
هڪ مختصر رسالو آهي. ليڪن انھيءَ مختصر ۾ به اڌ کان وڌيڪ اهي پھاڪا آهن جيڪي ٻين
ڪتابن م داخل ناهن. اختر صاحب جي فرمائش ته محض ايتري هئي جو پھاڪن متعلق واقعات
قلمبند ڪيا وڃن. مھرشيءَ اهو اضافو ڪري ڇڏيو ته جن لاءِ ضروري سمجهيائون، انھن
ڪھاوتن جي تشريح به ڪري ڇڏيائون.
(اسلوب اور
اسلوبيات؛ طارق سعيد، صدر شعبه اردو، ساکيت پي جي ڪالج، فيض آباد، ايجوڪيشنل
پبلشنگ ھائوس دھلي، سال ۱۹۹۶ع، ص ۲۱۲ کان ۲۲۴ تائين تان ترجمي سان کنيل)
No comments:
Post a Comment