سنڌي لوڪ چوڻيون
نارائڻ ڀارتي
لوڪ ساهتيه جا مکيه ٽي انگ آهن. (1) لوڪ گيت (2) لوڪ ڪٿائون ۽ (3) لوڪ چوڻيون. عام طرح هر هنڌ، هر ڳوٺ ۾، هر پرانت يا هر ديش ۾ اتي جا رهاڪو ڳالهائيندي ڪي نقطا به چوندا آهن. انهن کي اسان چوڻيون ڪوٺيندا آهيون ۽ پهاڪا به اهڙي قسم جا آهن. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اهي چوڻيون ڪتب آڻڻ سان لکڻي يا ٻولي وڌيڪ مايدار لڳندي آهي ۽ پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ لطف ايندو آهي. جهڙيءَ طرح لوڻ بنا کاڌو بي مزي لڳندو آهي، اهڙيءَ طرح ئي ٻوليءَ جي کيتر ۾ بنا چوڻين ۽ پهاڪن جي اثر ڪندڙ ڳالهيون اهڙيون دلچسپ نٿيون لڳن. نه فقط ايترو بلڪ “گهاگهر ۾ ساگر” ڀرڻ جو گڻ به انهن لوڪ چوڻين مان ظاهر آهي. وقت جا مسئلا ۽ آزمودا هنن ننڍن ۽ چٽڪيلن جملن ۾ سمائجي هميشه لاءِ هلندا ٿا اچن ۽ اهي هر وقت سڀيه توڙي اسڀيه، سڀني شخصن ۾ پرچلت آهن. جيون جو سڀاو سان تمام گهرو سنٻنڌ آهي. اُتساه ۽ زنده دلي انهن لوڪ چوڻين جي جڳت ۾ سهايڪ ٿئي ٿي. ان ڪري ئي شايد لوڪ ساهتيه ۾ لوڪ چوڻين جي ڪافي اهميت آهي. آزمودن جي پٺيان زندگيءَ جون گهٽنائون ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
لوڪ_ چوڻيون پنهنجي پراچينتا جي لاءِ لوڪ ساهتيه جي گهڻن ئي انگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت واريون آهن. انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ ٿيون اچن، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن.
چوڻيون ڇا آهن؟
ڊاڪٽر واسديو شرڻ اگروال لکي ٿو ته: “لوڪ چوڻيون، انساني گيان جا چڱا چوکا چڀندڙ تت آهن. جيئن سوريه راش ڌاتن کي اننت ڪال تائين پنهنجن ڪرڻن سان تپائي جدا جدا قسمن جي رتنن ۽ هيرن کي پيدا ٿي ڪري، تهڙيءَ طرح لوڪ چوڻيون به انساني زندگيءَ جا چمڪندڙ رتن آهن، جن کي سمجهه ۽ آزمودن جي روپي ڪرڻن مان نڪرندڙ روشنيءَ جي تپت ئي پيدا ڪيو آهي.”
چوڻين بابت ڪن پرڏيهي ودوانن به ڪي پريڀاشائون ڏنيون آهن، جن مان هيٺيون مکيه آهن.
“تتو وگيان کنڊرن مان چونڊجي نڪتل ڪي ٽڪرا يا بچايل ڪجهه حصا ئي اهي چوڻيون آهن.” _ارسطو
“جنتا ۾ هلندڙ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ جملا ئي، لوڪ چوڻيون آهن.” _ جانسن
“روزاني زندگيءَ ۾ مارگه درشڪ (راه ڏيکاريندڙ) وچن ئي ته لوڪ چوڻيون آهن.” _ فيسٽ
“چترائيءَ سان چونڊ ڪيل ننڍا ننڍا جملا، لوڪ چوڻيون آهن.” _ سرونيٽز
“لوڪ چوڻين ۾ گهڻن جي سياڻپ ۽ هڪ جي چترائيءَ جو چمتڪار، بخوبي ظاهر آهي.” _ رسيڪ
“The wisdom of many and the wit of one”
مان ته ائين چوندس ته لوڪ چوڻيون ننڍي روپ ۾ وڏين وڏين ڳالهين جو نڇيڙو/نچوڙ آهن. نه فقط ايترو بلڪ اهي نيتي ساهتيه جو به هڪ حصو آهن. ان جي ثابتي مصر، بئبيلان، هندستان وغيره جي پراچين گرنٿن مان به ملي ٿي. ڇو جو انهن مان نيتي ساهتيه جي سامگري ملي ٿي. بائيبل جي “پهاڪن” وارو باب، “پنچتنتر” جون ڪهاڻيون ان جو مثال آهن.
اهي لوڪ چوڻيون نه فقط ڳالهائڻ ۾ ڪم اچن ٿيون پر اديبن جي تصنيفن ۾ به اچي چڱو سواد ٿيون پيدا ڪن. سنڌي ليکڪن مان پروفيسر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي گهڻو ڪري سڀني لکڻين ۾ ۽ خاص ڪري “لطيفي سير” ۾، ڪاڪي لالچند جڳتياڻيءَ جون سموريون ڪهاڻيون، “چوٿ جو چنڊ” ناول ۾ مکيه مثال آهن. پروفيسر اين.آر. ملڪاڻي، پرمانند ميوارام “جوت” ۾ مکيه مثال آھن.
هندي ليکڪن به انهن لوڪ چوڻين جو آڌار ورتو آهي. منشي پريمچند جو “گئودان”، “غبن” ۽ “مايا ڄار” ان جا مثال آهن. بابو جئه شنڪر پرساد جو “تتلي” اُپنياس به اهڙو ئي آهي.
خاصيتون
انهن لوڪ چوڻين جي مکيه خاصيت آهي “چوٽو پٽڻ”. لوڪ چوڻيون پنهنجي مقدار ۾ ننڍيون هجڻ جي ڪارڻ سڀني جي زبان تي ٿيون رهن. آزمودن جو وستار ننڍي هجڻ ڪري هرديه تي يڪدم ئي اثر ٿو ڪري. لوڪ چوڻي جي ننڍائي ته ان کي تت جو روپ ٿي ڏي.
لوڪ چوڻيءَ جي ٻي خاصيت آهي، جو اها آزمودي بعد ئي تيار ٿي ٿئي. انسان جي زندگي هر هميشه آزمودن کي ٿي پيئي جنم ڏئي. چوڻين ۾ اسان کي هن روءِ زمين تي آڌار رکندڙ سڌانتن جو درشن ٿو ملي.
لوڪ چوڻيءَ جي سڀاوڪتا ۽ لوڪ منورنجن (دل بهلائڻ) به هڪ خاصيت آهي. شري هاويل چوڻين جون مکيه ٽي خاصيتون ٻڌايون آهن. ننڍائي، مطلب ۽ چٽپٽائي. اهي ئي مکيه گڻ آهن جي لوڪ چوڻين ۾ نظر ايندا.
جنم
لوڪ چوڻين جي ٺاهيندڙن جو نالو نٿو ملي. چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪنهن ٺاهيون. پر انهن جو بنياد به لوڪ ساهتيه جي ٻين انگن جيان پراچين آهي. اهي چوڻيون ڪن ڳالهين تي ٻڌل آهن. مثال طور:
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو واڻيو واه اُڪرندي (پار ڪندي) گهوڙي سوڌو وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو، پئسن جي هڙ ڪا توٻري ۾ پيئي هيس، سا به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس، تنهن تان چوڻي ٺهي ته؛ “رقم ئي ٽوٻري ۾”، “هڙئي هلاک” يا “پئسا ئي پاڻيءَ ۾.”
ٿلهي ليکي جنم مطابق يا پيدائش جي خيال کان لوڪ چوڻين کي هيٺين چئن حصن ۾ ورهايو ٿو وڃي:
1- وشيه مطابق 2- جاءِ مطابق 3- ٻوليءَ مطابق ۽ 4- جاتيءَ مطابق.
سنڌ جون لوڪ چوڻيون به انهن چئن حصن ۾ ورهايون ٿيون وڃن.
سنڌ جون لوڪ چوڻيون به انهن چئن حصن ۾ ورهايون ٿيون وڃن.
وشيه مطابق چوڻيون:
ڪن چيزن سان واسطو رکندڙ ڳالهين مان آزمودو حاصل ڪري ان تي پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ آهي. جيئن ته اَڳي جڏهن اَڃا بئنڪون ڪين هيون، تڏهن اسان جا ماڻهو پنهنجو ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا ۽ ڌرتي سندن اها رقم ڦٻائي ڪين ويندي هئي. تڏهن اها چوڻي ٺهي ته؛ “پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي.” هيءَ چوڻي سيکاري ٿي ته اَمانت ۾ خيانت نه ڪجي.
يا ٻي هڪ چوڻي آهي ته “اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ”. اک اُٿي ته پها پٽيون ٻڌجن ۽ جي ڦٽ ٿئي ته انهيءَ کي به پٽي ٻڌي ڇڏجي، نه ته وائلائڻ ڪري ڦٽ ورڳي ويندو. ليس توڙي تپ ٿئي ته لنگهڻ يا بک ڪڍجي، جو انهيءَ ڪري فائدو ٿيندو.
“اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا”.
جو شخص ماپ يا تور ۾ گهوٻي هڻندو آهي، تنهن لاءِ اها چوڻي چئي ويندي آهي. نه فقط ايترو بلڪ هن چوڻيءَ مان اها به ڄاڻ ٿي پوي ته اڳ سنڌ ۾ وَٽ، تارازيون يا ڪانٽا ڪو نه هوندا هئا ۽ هيءَ چوڻي تنهن زماني ۾ چئي ويئي آهي.
“اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙ وجهه ته به رڙي.”
هيءَ چوڻي ڪرڪرين سان لاڳو ڪبي. مثلاً ڪن گهوٽ مائرن کي اڻڀو اتابو ملي ته به دانهن ڪن، جي ڪجهه سڻڀو ستابو ملين ته به دانهون يا گلائون ڪن.
“Pigs grunt about every thing and nothing.”
جاءِ مطابق چوڻيون:
ڪنهن هنڌ يا دوريءَ بابت ڪي چوڻيون آهن، جن مطابق انهن جي تڪليفن جو انڀؤ ٿو ٿئي.
سسئي پنهنجي پنهونءَ پٺيان پيادل ٿي ويئي. رستي تي جو به ٿي گڏيس، تنهن ٿي چيس ته؛ “اڃا اُٺ توکي ڪيچ تائين پهچائين ته ٻي ڳالهه آهي، نه ته پيادل مشڪل پهچندينءَ.” ان بابت چوڻي ٺهي ته؛ “اڃا اَٺ ڪڍن سسئي” چوڻيءَ جو مطلب آهي ته اڃا ڪم ٿيڻ ۾ وقت کپي يا اڃا گهڻي دير پيئي آهي. انهيءَ چوڻيءَ سان ئي ٻي به هڪ ٺهڪندڙ چوڻي آهي:
“اڃا دهلي دور آهي”.
آزمودن مطابق چوڻيون:
ٻيون وري چوڻيون آهن جي آزمودن بعد چيون ويون آهن. جهڙوڪ:
1- ڪسنگ کان اهيئين ڀلِي: خراب سنگت کان ڪابه سنگَت نه هجي ته اهو چڱو.
2- ڪم پئي ڪل پوي: ماڻهوءَ جي لڇڻن يا ڀائپيءَ جي سڌ تڏهن پوندي آهي، جڏهن منجهس ڪو ڪم پوندو.
3- ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو: ڪم لٿي کان پوءِ واڍو (جنهن ڪم ڪيو سو) وسريو يعني پئسا نه مليس.
4- ڪن ڪن سان ڪين ڌوپندو: گار جي گار ڏبي يا بڇڙي سان بڇڙو ٿبو ته ائين ڪم نه ٺهندو.
ٻوليءَ مطابق چوڻيون:
جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ڳالهه ٻئي کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، پر کيس ان بابت اهو شڪ ضرور هوندو آھي ته ان جو ڪو مطلب ٻيو آهي، تڏهن اهو چوندس؛ “سولي سنڌيءَ ۾ ڳالهاءِ” يا جي ٽوڪ هڻڻي هوندس ته چوندس؛ “ڪانوَ جون ٻوليون ڪانوَ ڄاڻن.”
1- اکر نه کٽي، مڪر کٽي: اکر معنيٰ علم. مطلب ته علم واري کان وڌيڪ حرفت وارو کٽي کائي ٿو. هو گهڻو پڙهيو به ڪونهي، ته به حرفت سان چڱو روزگار پيو ڪڍي.
2- تون ڪير؟ چي “سکيو”: ڪنهن ڪم (اڪثر چڱي ڪم) مان ڪو اڻ وڻندڙ نتيجو نڪري ته ائين چئبو. هن مراد سان ته اڳنا سکيس يا توبـﮧ ڪيم.
“حساب نٿي بيٺس، پرپٺ سڄو حساب ٺاهي رکيومانس ته اُٽلندو اچي ڪاوڙيو. چي منهنجي ڪاغذن کي تو اول هٿ ڇو لاتو؟ هي ڀلائيءَ جا ڀاڙا ٿو ڏئيم! پر ٺهيو.”
3- پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي: اُستاد پاڻ پڙهي ڪين ڄاڻي ۽ وري ماري کتابين کي (ڪتابين) يعني شاگردن کي ٿو.
جاتيءَ مطابق چوڻيون:
انهن چوڻين مان معلوم ٿيندو ته اها جاتي ڪهڙي ٿي ٿي سگهي، جنهن ۾ اهي چوڻيون پرچلت آهن. مثال طور ڏسو. اسين سنڌي ماڻهو تقدير يا قسمت کي مڃيندا آهيون ۽ ائين ڄاڻندا آهيون ته جيڪي ڪي ٿئي ٿو سو ڌڻيءَ جي پاران ۽ ڌڻيءَ جي طرفان آھي ۽ جيڪي ٿيڻو هوندو سو اوس ٿيندو. ان بنسبت چوڻي آهي ته؛ “لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.”
يا اڃا به وري ان کي وياپڪ ڪجي ته پوءِ ڌار ڌار ڌنڌوڙين (جنھن کي به جاتي سڏيندا آهن) جون جدا جدا چوڻيون آهن. جيئن ڪ:
ڌوٻي. “ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو.”
سونارو: “سوناري جا سوَ ڌڪ، لهار جو هڪ.”
ڪسان: “پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿيئي پڙ ۾.” پاڻي سڪي ويندو ته پوءِ پوک نه ٿيندي. تنهن ڪري وقت جو فائدو وٺڻ واجب آهي. “جوانيءَ ۾ جيڪو جس کٽڻو هجيئي سو کٽي وٺ، متان پيريءَ ۾ پڇتائين.”
ڪوري: “ڪوري کڏ کڻي پر پاڻ ان ۾ پوي.” ڪوري کڏ کڻي، انهيءَ دکن (کڏ) ۾ ڄنگهون وجهي اُڻي.
واپاري: “ڊني واڻئي، موُر نه لاڀ”. خريداري توڙي وڪري مهل جو واپاري ڊڄندو ته متان اگهه لهن/ چڙهن سو فائدو ته نه ڪڍندو پر مور به وڃائيندو.
اهڙيءَ طرح چوڻين ۾ وڏي فيلسوفي سمايل آهي ۽ ساڳئي وقت اهي اسان جي تهذيب يا سڀيتا جو آئينو آهن يا اڃا به ائين کڻي چئجي ته ٻوليءَ ۾ اسان جي جيوت جي آتم ڪهاڻي سمايل آهي.
اسان کي انهن چوڻين ۽ پهاڪن مان سماجڪ، سياسي، چتر ٿو ملي ۽ اسان جي آڏو ان زماني جو اچي نقش ٿو بيهي. مثال طور ڏسو هيٺين چوڻين مان، ڪيئن نه اسان جي اکين آڏو اڳئين زماني ۾ هلندڙ سماجڪ ڪُرَسمن جي تصوير ٿي اچي بيهي.
“اٺ پٺيان گهنڊڻي.” وڏي ڄمار واري (اُٺ جيڏي) سان جي ننڍي عمر واري پرڻجي ته ائين چون. (وهانو جي ڦيرن مهل گهوٽ جي پٺيان ڪنوار ٿي هلي.)
ٻي به هڪ اهڙي ئي قسم جي چوڻي آهي، جا مٿين سان ٺهڪندڙ آهي.
“پريو مڙس پئه نه ڪجي وڃائجي نه وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي.”
اڃا به
“ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگ جيڏي ڪنوار”.
اڃا به
“مڙس پوڙهو زال جوان،
تنهن کي ڄاڻ ڪک جي ڪانُ.”
انهن چوڻين مان هر ڪو اندازو لڳائي ٿو سگهي ته سماج جو ڪهڙيءَ طرح نه صاف، سولن ۽ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
اڳ (هاڻ به) ڏيتي ليتيءَ ڪري، مجبور ٿي مائٽ پنهنجون نياڻيون، وڏيءَ عمر وارن سان به پرڻائيندا هئا. اُنهن بابت نه فقط لوڪ_ چوڻيون آهن پر ڪي سنڌي لوڪ_ گيت به آهن. ڪوي ڪشنچند “بيوس” ان سماجڪ حالت ۽ بي جوڙ شاديءَ بنسبت هڪ فصلو ناٽڪ به لکيو هو جو “پوڙهي جو پرڻو” نالي سان مشهور آهي ۽ ڪيترائي دفعا اسٽيج تي به آندو ويو آهي. شرت بابو جي اُپنياس “ديوداس” ۾ پاروتي جي شادي هڪ پوڙهي سان ٿئي ٿي.
جيئري تي جيئري، شاديءَ بابت به چوڻيون آهن. انهيءَ ڪري ڪيترا ئي گهر برباد ٿي ٿا وڃن. اڄ به جڏهن ڪنهن گهرم ٻه زالون وڙهنديون يا جهيڙو ڪنديون آهن ته هڪ ٻئي کي ڳالهه ڏيندي چونديون آهن؛ “تون ته ڪا پهاڄ آهين.”
“جن کي ڏنيون ڄايون، تن سان ڪهڙيون باهيون”.
هن چوڻيءَ مان اها سماجڪ رسم ٿي معلوم ٿئي ته ڌيءُ وارو طرف، پاڻ کي ننڍو سمجهندو آهي. مطلب آهي ته جن سيڻن کي پنهنجون ڌيئر ڏجن، تن سان ساڙ وير نه رکجي.
ان ئي مطلب واري چوڻي مطابق ڌيءُ پاسي وارا چوندا آهن، سائين اسان ڪو ڪلهو ملائي سگهنداسين، اسان جا وار وڇايا پيا آهن.
“اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.”
اڳي زالون ڪنن ۾ سونا ڳن، ڏيڍيون، ڪرڪون ۽ ٻيا زيور سونهن لاءِ پائينديون هيون، پر مڻين جي بار ڪري ڪن پچي يا ڇڄي پوندا هئا. اهڙيون حالتون ڏسي هي پهاڪو چيو اٿن.
ٻيون وري آهن جن چوڻين مان ملڪي حالتن (سياسي) ۽ ڪن اتهاسڪ ڳالھين جي ڄاڻ پوي ٿي، جيئن ته:
“ڪنن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو.”
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ جوڌپور جي راجا، پنهنجا ٻه راجپوت ايلچي ڪري موڪليا. جن مير بجر سان ڪن سن ۾ ڳالهيون ڪندي کيس قتل ڪيو. جنهن تان اها چوڻي چئي ويئي آهي.
“آيا مير، ڀڳا پير.”
هن چوڻيءَ بابت ڪيترا ائين سمجهندا آهن ته هيءَ چوڻي سنڌ جي ميرن ۽ پيرن (ڪلهوڙن) بابت آهي، پر ائين نه آهي. هيءَ فئلن صاحب جي هندي پهاڪن جي ڪتاب موجب “آئي مير، ڀاگي پير” جي بنياد تي آهي. يعني ته:
“امروه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص هڪ جادوءَ جو ڏيئو لڌو. (شايد علاؤالدين وارو ڏيئو هجي) جنهن جي وسيلي هن ڪيترا ئي ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا. جنهن ڪري کيس وڏو پير سمجهي ڪري پوڄيندا هيا. هاڻ ته هو اُتي جي ڪن ماڻهن ۾ به اچي واسو ڪندو هو. امروه ۾ ٻيا به ڪي پير جهڙوڪ زين خان، ننهي ميان به ماڻهن ۾ واسو ڪندا هئا، پر چون ٿا ته جڏهن مير (ميرانجي) اچي، تڏهين ٻيا پير ڀڄيو وڃن.”
هاڻ هن چوڻيءَ جي معنيٰ ٿي ته جڏهن ڏاڍا مڙس اچن تڏهن هيڻا سندن اڳيان بيهي ڪين سگهن. پر هيءَ چوڻي به سنڌ جي ميرن ۽ پيرن سان لڳي ٿي سگهي.
اڳي ملڪ ۾ بچاءَ جا ايترا وسيلا ڪو نه هوندا هئا جو اوچتي ٿيل حملي جو بچاءُ ڪري سگهجي. تنهن زماني ۾ اڪثر ڪري ڌاڙيل، ڀلن گهوڙن تي چڙهي ڦرلٽ ڪرڻ ايندا هئا. جيئن هاڻ به راجسٿان ۽ ڪن ٻين پرانتن ۾ ڪي ڌاڙيل (مانسنگهه، ڀوپٽ وغيره) ڪن ٿا. جيئن ڦرلٽ جو مال ڍوئڻ ۽ جلد ڀڄي وڃڻ ۾ سولائي ٿئي. ڌاڙيلن ماڻهن کي اهڙو ته ڏهڪائي ڇڏيو هو جو اڃا رڳو سندن گهوڙا پريان ايندا ڏسندا هئا ته “گهوڙا، گهوڙا” ڪندا هئا. ائين واڪا ڪندي ٻين کي سڏ ڏيندا هئا ته ڌاڙيل اچن ٿا. يعني مصيبت اچي ٿي. انهيءَ ڪري اها چوڻي؛ “گهوڙا ڙي گهوڙا” ٺهي. هن مان اسان کي ان وقت جي ملڪي ڄاڻ ٿي پوي.
“اڙي توتي ڪهڙو مدد پيو؟”
هيءَ چوڻي ان زماني جي آهي، جڏهن سنڌ ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو راڄ ڪندو هو. هن جي وقت ۾ مدد خان نالي پٺاڻ لشڪر سان اچي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ ڪيترن ئي شهرن کي جلائي پورو ڪيائين. انهيءَ سبب “مدد” لفظ عام طرح آفت يا مصيبت جي معنيٰ سان به ڪم اچي ٿو. جهڙوڪ چون؛ “اڙي تو تي ڪهڙو مدد پيو؟” يعني تو تي ڪهڙي اچي مصيبت پيئي؟ (ڏسو “ازبڪ” صفحو 196). مدد معنيٰ ساٿ به آهي.
“ويئَي وهاڻيءَ دودي ناناڻا آيا.”
دودي چنيسر جي لڙائيءَ ۾، دودي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس ناناڻي پهر (طرف) جا سومرا سندس مدد لاءِ آيا هئا، پر پوءِ ڇا ٿي ٿي سگهيو. هاڻ به شاديءَ غميءَ ۾ ڪو وقت سر نه اچي ته ائين چون.
ٻيون چوڻيون آهن، جن مان نصيحت ملي ٿي، جيئن ته:
“پاڙو اَبو امڙ آهي.”
يعني ته پاڙيوارن کي دک نه ڏيڻ گهرجي، پاڙي ۾ چڱيءَ طرح هلجي، پاڙيوارن جو لحاظ رکجي ۽ انهن کي پنهنجن وڏن مائٽن جهڙو ئي ڪري ڀانئجي.
“استاد جي مار، ٻار جي سنوار.”
اُستاد ماريندو ته سنوارڻ (سڌارڻ) لاءِ، تنهن ڪري اهڙي مار کي خراب ليکڻ نه گهرجي. پارسيءَ ۾ اهڙي ئي معنيٰ رکندڙ هڪ چوڻي آهي ته: “جور اُستاد بہ ز مهر پدر.”
يعني ته اُستاد جو ظلم پيءُ جي مهربانيءَ کان چڱو آهي. ٻيون به اَهڙيون چوڻيون سنڌيءَ ۾ آهن.
“پٽ ٻٽيهه لکڻو، ته موچڙو ڇٽيهه لکڻو.”
“ڇڙهيءَ جو صرفــــو ڪيو ته ٻار کــــريو.”
Spare the rod and spoil the Child.
“سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، ڪڏهن ڪين ٻڏي.”
هيمشه سچ ڳالهائجي. سچ ڳالهائڻ سان تڪليفون ملنديون. پر اُهو سچ ڳالهائيندڙ شخص ختم ڪين ٿيندو بلڪ هن جو درجو اڳي کان به اڳرو ٿيندو.
اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪيتريون ئي چوڻيون آهن، جن مان اُپديش ٿو ملي.
هڪجهڙائي:
لوڪ ساهتيه جي ٻين انگن (لوڪ گيت، لوڪ ڪٿائون) جيان چوڻين ۾ به، جي جدا جدا ٻولين ۾ پرچلت آهن، هڪجهڙائي (سمانتا) آهي. پر اهي گهڻو ڪري ان ئي حصي ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.
جيئن ته سنڌ ۾ عرب آيا، ايراني آيا ۽ انگريز آيا. يعني سنڌ ۾ سنسڪرت ٻولي (پراچين زماني ۾) عربي ٻولي، پارسي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي رواج ۾ آيون. تنهن ڪري انهن جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي ئي نه پر سنڌي چوڻين تي به پيو ۽ ڪي ته اِئين ڀاسنديون ڄڻڪ اهي هڪ ٻئي جو ترجمو آهن. مثال طور:
1- سنسڪرت ۾ آهي: “يٿا راجا، تٿا پرجا.”
سنڌي ۾ اهي: “جهڙو راجا، تهڙي پرجا” (پرجا: رعيت)
2- سنسڪرت: “يٿا لاڀ سنتشٽ”
سنڌي: “جڙيءَ کي جس”.
3- عربي ۾ آهي: “التعجيل فعل الشيطان”
سنڌيءَ ۾ آهي: “تڪڙو ڪم شيطان جو.”
2- عربي: “سنون الڪلابا، لحم الحمارا.”
سنڌي: “ڪتي جا ڏند، گڏه جو ماس.”
1- پارسيءَ ۾ آهي: “تعجيل؛ کارِ شياطين بود.”
سنڌيءَ ۾ آهي: “تڪڙ ڪم، شيطان جو.”
1- انگريزيءَ ۾ آهي: “grapes are Sour”
سنڌيءَ ۾ آهي: “گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا.”
2- انگريزي: “Mountain in labour”
سنڌي: “ٽڪريءَ کي ٿيا سور ڄائي ڪئَي.”
3- انگريزي: Where light and air enter, the doctor doesn’t
سنڌي: “جت روشني ۽ هوا، تت ڪانهي تانگهه طبيب جي.”
1- هنديءَ ۾ آهي: “تم ڀي راني، مين ڀي راني، ڪون ڀريگا پاني.”
سنڌيءَ ۾ آهي: “تون به رئس آءٌ به رئس، گڏھ ڪير هڪلي.”
2- هندي: “بڙا ڪهاوڻ، بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور.”
سنڌي: “جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.”
اُڌاريون ورتل چوڻيون:
سنڌيءَ ۾ ڪي ته چوڻيون اهي به آهن جي سڌيون سنيون ٻين ٻولين مان کنيون ويون آهن ۽ اهي انهن ئي ٻولين جي صورت ۾ ئي پرچلت آهن. مثال طور ڏسو هيٺيون چوڻيون:
هنديءَ مان
1- آپ گهاتي، مها پاپي.
2- ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
پارسيءَ مان
1- آهِ غريبان، قهرِ خدائي.
2- يڪ تندرستي، هزار نعمت.
انگريزيءَ مان
Slow and steady, wins the race
United we stand, divided we fall.
سنسڪرت مان
1- يٿا ديوا، تٿا ڀڪتا.
تحريڪ:
ڀارت ۾ لوڪ چوڻين جو سنگره ڪاريه تمام گهٽ ٿيو آهي. سنه 1886ع ڌاري هڪ پرڏيهي ودوان مسٽر فيلن هندي لوڪ چوڻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري “Faillen’s Dictionary of Indian Proverbs” نالي سان ڇپائي ظاهر ڪيو، جنهن ۾ هن مارواڙي، پنجابي، ڀوڄپوري چوڻين تي روشني وڌي آهي. ڪشمير جي لوڪ چوڻين تي ٿيل ڪم بابت جي.ايڇ. نيوليس جو نالو قابل ذڪر آهي.
ميرٺ ايراضيءَ ۾ رام راجيندر سنگهه ورما، اتي جون لوڪ چوڻيون گڏ ڪيون. گجراتيءَ ۾ “گجراتي ڪهيون سنگره” نالي چوڻين جو مجموعو آهي، جي دنيچند شاه ڪٺيون ڪيون آهن. اهڙيءَ طرح ٿورو گهڻو ڪم، ٻين پرانتن ۾ به ٿيو آهي.
سنڌ ۾، سنڌي لوڪ ساهتيه جي ٻين انگن (لوڪ گيت، لوڪ ڪٿائون) کان لوڪ چوڻين (اصطلاح، پهاڪا ۽ پروليون) جو سنگره ڪاريه وڌيڪ ٿيو آهي جا اسان جي لاءِ هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ان ڪم ۾ پهرين پهرين پروفيسر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ (جنهن جا اسان سنڌي ٿورائتا آهيون) هٿ وڌو ۽ ڪافي مواد ڪٺو ڪيو. “گلقند” (لوڪ چوڻين جو مجموعو) جي مهاڳ ۾ خود لکي ٿو ته: “سنڌي ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي.” وري “سنڌي ٻوليءَ جي تواريخ” ۾ لکي ٿو ته: “هيل تائين اهي چوڻيون فقط ڏيڍ هزار کن ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ليکڪ پاڻ هيل تائين (1941ع تائين) ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن. پر لوڪ چوڻيون اڃا به جام آهن.”
ڪاڪي ڀيرومل نه فقط اُهي چوڻيون گڏ ڪيون، پر انهن مان هر هڪ جي پٺيان رهندڙ اتهاس جو به ذڪر ڪيو آهي.
ان کانسواءِ روچيرام A handbook of Sindhi proverbs نالي سنڌي لوڪ چوڻين جو انگريزيءَ ۾ مجموعو ڇپائي ظاهر ڪيو. (سنه 1892 ع) ۾.
تازو مان دهليءَ ويو هيس، اُتي شري امرو ساڌواڻي گڏيو جنهن ٻڌايو ته هو سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هن پوءِ، مون کي ڪيترا ئي هٿ لکيل نوٽ بوڪ ڏيکاريا ۽ پڙهايا جن ۾ هن صاحب جون ڪٺيون ڪيل لوڪ چوڻيون درج ٿيل هيون. جن جي سامهون هن وري محنت ڪري ساڳي معنيٰ رکندڙ هندي چوڻيون به ڏنيون هيون.
ان کانسواءِ شري ڏيپچند ڀاٽيا (سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽي سڪول نمبر ٻئي ۾ سنڌي ۽ پرشن جو ماستر) ته گويا انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو ڀنڊار پيو معلوم ٿيندو آهي. گفتگو ڪندي ويندو آهي، پهاڪن ۽ چوڻين سان هر ڳالهه جو نڇيڙو ڪندو. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو هي سائين انهن پهاڪن ۽ چوڻين کي قلم بند ڪري سنڌي جنتا اڳيان پيش ڪري، سنڌي ادب کي مالامال ڪري.
(ليکڪ جو خيال آهي ته ڪڏهن هو وڃي سندس اهي چوڻيون نوٽ ڪندو.)
ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سڄڻ (جن جي پوري معلوميت ڪا نه اٿم) ان ڪم ۾ رڌل آهن. ويٺا سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ بس.
نوٽ:
هن ليک ۾ ڪم آندل چوڻين مان گهڻي ڀاڱي شري ڀيرومل مهرچند جي “گلقند” تان کنيل آهن.
هن ليک ۾ ڪم آندل چوڻين مان گهڻي ڀاڱي شري ڀيرومل مهرچند جي “گلقند” تان کنيل آهن.
Shurangama Sutra
ReplyDeleteAmitābha
Ksitigarbha
Bhaisajyaguru
The Twelve Vows of the Medicine Buddha upon attaining Enlightenment, according to the Medicine Buddha Sutra are:
To illuminate countless realms with his radiance, enabling anyone to become a Buddha just like him.
To awaken the minds of sentient beings through his light of lapis lazuli.
To provide the sentient beings with whatever material needs they require.
To correct heretical views and inspire beings toward the path of the Bodhisattva.
To help beings follow the Moral Precepts, even if they failed before.
To heal beings born with deformities, illness or other physical sufferings.
To help relieve the destitute and the sick.
To help women who wish to be reborn as men achieve their desired rebirth.
To help heal mental afflictions and delusions.
To help the oppressed be free from suffering.
To relieve those who suffer from terrible hunger and thirst.
To help clothe those who are destitute and suffering from cold and mosquitoes.