مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مولوي احمد
ملاح، علمي ۽ ادبي ماڻھو هو، ان ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ تي وڏي گرفت هيس. سندس شاعريءَ ۾
جيڪڏهن صنايع بدايع جي خيال کان علم بيان ڏسجي، صنعت لفظي ۽ معنوي ڏسجي، ته سندس
جوڙ جيس جو ڪو شاعر نه ٿو ملي. ٻئي پاسي سندس سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڏسجي ته اهڙن
لفظن جي گهڙاوت ۽ جڙاوت به ڪري ٿو، جيڪا بنھه نرالي ۽ نون لفظن تي مشتمل آهي. ان
حوالي سان ان جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي نھايت گهڻي ضرورت آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل اهڙن اصطلاحن
جو اڀياس مقصود آهي، جيڪي ’پير‘ (foot)
سان سلھاڙيل هجن. ’ڪليات احمد‘ ۾ لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘
(واحد توڻي جمع) ڇاهتر (۷۶) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘
ٻاويھه (۲۲) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (۴) ڀيرا سامھون
اچي ٿو. هن لفظ سان سلھاڙيل لفظ ’پيرو/ پيرا‘ به ملي ٿو؛ البت، لفظ ’پيروي‘ کان پاسو ڪيو ويو آهي.




