Sunday, September 7, 2025

ٽڦڻين سان لابارو ڪرڻ - مير حسن مري

ٽِڦڻين سان لابارو ڪرڻ

(ورجيس/ اصطلاح)

مير حسن مري



اسان مري ٻروچن جا وڏا جڏهن سنڌ آيا، ته کين چيو ويو ته: ”ڪڻڪ جا داڻا کپن ته لابارن جي مُند آهي، هلي لابارو ڪيو.“

ٻروچن کي ٻيو ڪو اوزار گھر ۾ ڪو نه هيو. ماني اٿلائڻ لاءِ فقط ٽڦڻيون هين. سي کڻي اچي لابارن تي پھتا.



مطلب:

۱. ناسمجهيءَ وارو ڪم ڪندڙ.

۲. اڄ به ڪو ناسمجهيءَ وارو ڪم ڪندو آهي، ته ان کي چوندا آهن: ”هليا آهن ٽڦڻين سان لابارو ڪرڻ.“

 

(مير حسن مريءَ جي ۷ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment