Tuesday, August 12, 2025

لوڪ ڏاھپ جي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار - امان الله جوکيو

لوڪ ڏاھپ جي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار


امان الله جوکيو



راڄ ڀاڳ جو اصطلاح، اسان جي اجتماعي زندگيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. انسان آھي ئي گڏ رھڻ واري مخلوق. ھي ھزارين سالن جو جيڪو اسين سفر ڪري اڄ ھن منزل تي اچي پھتا آھيون، سو بتدريج تبديلين جي مرحلن مان گذري رھيو آھي. انھيءَ صدين جي سفر اسان جي، ۽ دنيا جي قومي، ثقافتي ۽ لساني اڪاين وچ ۾، سَنڌا سِيڙھا قائم ڪري انھن کي الڳ الڳ سڃاڻپ عطا ڪئي آھي، جنھن تي ھر قوم فخر ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي. ثقافتون جامد رھي نٿيون سگھن. معاشي تنگي، مذھبي حالتن ۽ سياسي اٿل پٿل سبب ٿيندڙ لڏ پلاڻ انھن تي اثر انداز ٿيندي رھي ٿي. انھيءَ ڪري ڪيترائي منظر، وقت گذرندي ڌنڌلائجي وڃن ٿا. ھن وقت زندگيءَ جون ضرورتون، تبديل ٿيل آھن. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، صورت حال ٻي ھئي. اچو ته ماضيءَ ۾ لياڪا پائي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار ڪريون.


جھنگ ننگ آھي:

ٻھراڙيءَ ۾، خاص ڪري جابلو علائقن ۾ ھڪ اصطلاح عام جام ھوندو ھو/ آھي ته، جھنگ ننگ آھي. تنھن وقت اڃا اکين ۾ ديد ھوندي ھئي. نياڻين سياڻين جو ادب احترام ھوندو ھو. مجال آھي جو ڪو لنب لوفر ڪنھن جا ننگ تاڙي يا لوڙھا لتاڙي. سڄو راڄ اٿي پوندو ھو. ڳوٺ جي پاسي ۾ کوھن، ويئرين ۽ تلائن کي چوندا ئي ھئا نياڻ (جتي ھر وقت نياڻين جو ميڙاڪو متل ھجي). نياڻ جو احترام ايئن ٿيندو ھو جيئن مسيت (مسجد) جو. ھاڻ ته حالت اتي اچي پھتي آھي ته ماڻھو ته ڇا، مال وجھ ۽ جھنگ جا مِرون به محفوظ ناھن ۽ ھاڻ ته مروئن کان وڌيڪ ماڻھن مان ڊپ ٿئي ٿو. جبل جي عورت، مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ مشقت ڪري ٿي، انھيءَ ڪري قد ڪاٺ ۾ مضبوط ھوندي آھي. ڪوھستان ۾ زائفائون کيٽ کري کان وٺي مال وجھ جي ڏھائي ٻڌائي توڙي ڌڻ کي چارڻ تائين پنھنجي ور (مڙس) سان ٻانھن ٻيلي ھونديون آھن. ڪوھستان ۾، مال ۾ گھڻو ٿين اَيون (ٻڪريون). اَيون جبل ۾ ڇيڪ چرن.

ڪوھستان ۾ (اسان جي تر ۾) ٻيا مشھور ھئا پالارين جي اٺن جا وڏا وڳ. اٺن ۽ ڏاچين کي جيڏانھن اچي منھن، تيڏانھن ٽڙي پکڙي وڃن. تنھن ڪري اٺن جا وڳ سنڀالين مرد ماڻھو. ڪوھستان مان راڄن جا روائتي ڌنڌا ڌاڙيون کيٽ ٻنا پڻ ھاڻ ختم ٿيندا پيا وڃن. جبل ۾ گھڻي ڀاڱي ڀاڳيا رھن وانڊا ٿي، ٿوھرن وڻن جي اوٽ ۾. جتي ڪک پن سُجھين، اتي وڃي پکڙا اڏين. سانوڻ ۾ رھن جبل جي مٿاھين جاين ۽ جھڏن جي ڀر ۾. کير مکڻ لسي جام ٿئي. آئيي ويئي واٽھڙي کي لسي پيئڻ کان سواءِ نه ڇڏين. جبل جي سماج ۾ عورت ۽ مرد ٻئي ھڪ جھڙو پورھيو ڪن. ڪوھستان ۾ اسان کي ڪيترين اھڙين عورتن جا منفرد ڪردار پڻ ملن ٿا، جيڪي مردن وانگر پٽڪو ٻڌي، ور کڻي، جبل ۾ وڃي ڌڻ کي چارينديون ھيون. منھنجي مرحومه پڦي، مکان، حشمت واري، مولودين سان گڏ مولود پڙھندڙ، مرداڻي انداز سان ڪھاڙي ڪلھي تي رکي کيٽن تي ويندي ھئي. مجال ڪو چور چڪار ويجھو اچي. ڀٽائي ٻڪرين ۽ جبل جو مشاھدو ھنن لفظن ۾ سر ڪيڏاري ۾ بيان ڪري ٿو، ۽ واھ جو منظر چِٽيو اٿس:

“ڇپر جيئن ‘پھون’، تيئن رڻ ڳجھين رائيو.........!!”

(جابلو لوڪ ٻڪرين کي اَيون ۽ پھون پڻ چون) جبل آھي جھنگ، جھنگ معنا ننگ. مجال آھي جو ڪو راڄ برادري جي ننگ ناموس کي لتاڙي. ڪاري جبل جي اولھائين پاسي مائي رحيمان جا پٽ مشھور آھن، جن تي منھنجو ڪالم اڳ ۾ اچي چڪو آھي. سو، ڇَتي ڪوريءَ واري ڍيگھ نه ڪبي..! ھي سڀ اھڙا اڻ لکيل قاعدا قانون آھن، جيڪي سماج جي گڏيل ڏاھپ Collective wisdom کي ظاھر ڪن ٿا، انھن اڻ لکيل قاعدن قانونن، راڄ ڀاڳ جي اخلاقي قدرن کي جنم ڏنو آھي، تڏھن ئي ته اسين چوندا آھيون جھنگ ننگ آھي ..!!


ڏاڙھي ڏيڻ/ سِينڌ ڏيڻ:

اڳي خالص ۽ نج سنڌي سماج ۾ (ھاڻوڪو آلودگي وارو سنڌي سماج نه) ڪو صنفي متڀيد ڪين ھو. مرد ۽ عورت، ٻنھي جي ساک قبول پوندي ھئي. مڙسالي جي ڏاڙھي ۽ زائفان جي سينڌ، ٻنھي کي ھڪجھڙي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو ھو. زائفان جي سِينڌ تي، جي سندور لڳي ته معنا جنم جنم جو ساٿ....!!. ساڳي طرح اسان وٽ وري زائفان جي مٿي تي ھٿ رکي نياڻيءَ جي عزت ۽ احترام جو دستور آھي. ماضي ۾ راڄن جا رڄ چڱا مڙس نياڻين آئي خون به معاف ڪري ڇڏيندا ھئا. جھانديدہ وڏي عمر جون عورتون پوتيءَ جو پلئو ھٿ تي ويڙھي پاڻ کان ننڍي مِٽ مائٽ کي ھٿ ملائڻ کي عيب نه سمجھنديون ھيون. نياڻيون سڏبيون ھيون ست قرانيون. ھاڻ ھي روايتون تقريبن پوين پساهن ۾ آھن. اڄ کان پنجاھ سٺ سال پوئتي جي ٻاراڻين حرڪتن، معصوميتن ۽ چلولاين تي جڏھن سوچيون ٿا ته پنھنجو پاڻ تي قرب اچيو وڃي....!! تڏھن ڀَت جي کراڻ تي به لٺ لڳندي ھئي..!! پوءِ فيصلو ڪندي ھئي امان، ڏاڏي، ناني.


ڪتو ۽ ٻار لڏ ۾ خوش:

جابلو ماڻھو سرسبز نھري علائقن کي سڏين، سنڌ.!! ڏڪار پئي ته مال وجھ ڪاھي، ٻار ٻچا وٺي، لَڏون کڻي نڪري پون نھري علائقن طرف. ٻه طرفيون لڏون کڻجن، برساتون پون ۽ مڇرن جو آزار وڌي وڃي ته نھري علائقن مان ماڻھو رخ ڪن جبل طرف، جيئن ٿريا ڏڪار جي حالت ۾ نھري علائقن طرف منھن ڪن. پوءِ جبل جي ڀڪن ۾، پوٺن، ڍورن، کرن ۽ کاٽن جي ڪنڌين تي ڀونگيون اڏي رھي پون. اھڙي وقت ۾ سمورو ڪوھستان نيڻ نھار تائين پيو جرڪندو آھي. مال پيو ڇيڪ چرندو آھي. انھيءَ لڏ پلاڻ ۾ ٻار ۽ ڪتن جي خوشي ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. سنڌين (اصطلاحي معنا) جا ٻار سڄو ڏينھن پيا جبل تي ٺينگ ٽپا ڏيندا آھن..!! تنھنڪري چون ته ڪتو ۽ ٻار لڏ ۾ خوش. ٻاروتڻ ۾ اسان به گجي کان مالماڙي ۽ مالماڙي کان گجي تائين اھڙي قسم جي لڏ پلاڻ جو مزو ورتو آھي. ھاڻ ته روڊ رستا ۽ لاريون اچي ويون آھن. اڳي گھڻي ڀاڱي ماڻھو پنڌ ھلندا ھئا. تنھنڪري وڏين واٽن تي نيڪ مرد ۽ زائفائون، پاڻيءَ جا دِلا ۽ مَٽ ڀري وڻن جي ڇانوَ ۾ رکي ڇڏيندا ھئا ته جيئن واٽهڙو مسافر پاڻي پي راڄ ڀاڳ لاءِ دعاگو ٿين. رات جو ڪنھن ڳوٺ جي پاسي ۾ لڏون لاھبيون ھيون. ڪوھستان وشال کليل علائقو آھي، مختلف راڄن جا علائقا ورھايل. جوکيا، برفت، پالاري، جاکرا، جماري، شورا، بروھي وغيرھ سڀني جا پڊ ورھايل. نه جنگ، نه جھيڙو. نھري علائقن مان عارضي ايندڙ سنڌين کي سڏين جبل جا مھمان. لنب لوفر تي ڪرڙي نظر رکن، متان ڪا شڪايت ملي ۽ راڄ ڪاڻيارا ٿين ..!! ڪٿان ڪا چوري چڪاري ٿي پوندي ھئي ته پيري (پڳي) ساڻ ڪري نڪري پوندا ھئا. تيسين سک جو ساھ نه کڻندا ھئا، جيسين چوري واپس نه ٿئي.

ڪوھستان ۾ ڪٿي ڪٿي وڏا شھر ۽ مرڪزي ڳوٺ به آھن پر اڪثر راڄ جبلن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آھن. سندن گھرن کي گھڻو ڪري لوڙھا به لڳل نه ھوندا آھن، جو ميلن تائين ھڪ ئي برادري جا ماڻھو رھن. ڳوٺن جي اوسي پاسي ڪو مٿي اگھاڙو مرد ماڻھو لانگھائو ٿيو ته انھيءَ کي غلط سمجھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڳالھ وڌي وڃي لٺ ڌڪي تائين پھچي....!! وات ڳاڙھا ڇورا يا مٿي اگھاڙو ڇورو، معنا غير ذميوار جوان..!! پر ھاڻ ھي سوچ پڻ پوين پساهن ۾ آھي. ماڊرنائيزيشن روايتن سان گڏ اسان جو ذھني سڪون پڻ ختم ڪري ڇڏيو آھي.

بدقسمتي سان ڪوھستان ھاڻ سڪڙجي پيو. ڌارين جي والار ۽ پنھنجن جي ڪوتاھ انديشي سبب روايتون ڌنڌلائجن پيون. ماحولياتي آلودگي، ريتي بجري مافيا وڻن ٽڻن سان گڏ ڇپر پڻ ڪرٽي کائي ڇڏيا آھن. ھاڻ نه آھن اَين جا ڌڻ، نه آھن اٺن جا وڳ. نه آھن جبل جا مرون..!!

“سنجھي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سور،

جَتن لاءِ ضرور، گھڻا گھاريم ڏينھڙا”. (شاھ)

ھاڻ ته ڪوھستان، مقامي راڄن جي پيرن ھيٺيان تقريبن کسڪي چڪو آھي. جنھن ۾ ڌارين سان گڏ اسان جا پنھنجا به شامل آھن. پنھنجي وڍئي جو؛ ويڄ نه طبيب.

ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،

ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو. (شاھ )

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment