ڪمائي آچر، کائي خچر.
(سرو، پھاڪو)
اقبال جمالي
آچر نالي هڪڙو هاري، پنهنجي پوکيل
واڙيءَ جون ڀاڄيون ۽ بيٺل باغ جا ميوا، پنھنجي ڌاريل خچر تي کڻي شھر وڪڻڻ لاءِ ويندو
هيو. سندس خچر، جڏھن سفر ۾ کيس بي خيالو ڏسندو ھيو ته ڪنڌ ورائي، پٺيءَ تي لڏيل
ميون يا ڀاڄين ۾ چڪ هڻي وٺندو ھيو. منڊيءَ ۾ پھچندي پھچندي، چڱو زيان ڪري وٺندو هيو.
منڊيءَ جا سيٺيون، باقي ميون ۽ ڀاڄين
جو کيس مُلھ گهٽ ڏيندا هئا. آچر ويچار ۾ پئجي ويندو هئو ته ٻنيءَ تان ته ميوا يا ڀاڄيون
خچر جي پٺيءَ تي سٿي ٿو کڻان. ھتي تور گھٽ ڇو ٿي بيھي؟ رکڻ ويل ڀاڄي ۽ ميوا ثابت هيا.
ھتي پھچندي پھچندي، ڪير ٿو ٽُڪي وڃين؟
گمان ٿيس ته رستي تي ڪو شاهينگ،
ميوا ۽ ڀاڄيون، سٽ ڏئي لاهي ٿو وڃي. دل ۾ ٽليائين ته ڪا اٽڪل ويڙھائي، انهيءَ چور
خان کي پڪڙجي.
ٻئي ڀيري، سڄي واٽ اک ٽيٽ ڪندو،
ڏسندو آيو. ڏسي ته پاڻ وارو خچرخان، اها ڪارروائي پيو ٿو ڪري. پوءِ ته خچرخان کي وڏي
کنج ڪڍيائين. هڪڙي ڄاري ھٿ ڪري، سندس ٻوٿ تي ٻوٿاڙو چاڙھي ڇڏيائين.
ان ڏينهن کان پوءِ، مارڪيٽ ۾ کيس
ميون ۽ ڀاڄين جو ملھ، اڳي کان اڳرو ملڻ لڳو.
خچر خان جي ان حرڪت کان پوءِ
مشھور ٿي ويو تہ؛ ”ڪمائي آچر، کائي خچر.“
مطلب؛ ھڪڙن جي محنت تي ٻيا ھٿ
ڦيريو وڃن.
(شبير احمد جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment