Sunday, September 28, 2025

جتي ھاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏھ ڪاڻِ ۾ ويندا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جتي ھاٿين جي تور ٿيندي،

اتي گڏھ ڪاڻِ ۾ ويندا. (لاڙ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪاڻِ؛ گھٽتائي.

تارازيءَ جا ٻئي پُڙَ وزن ۾ برابر رکبا آھن. ڳنيءَ کان سندن مفاصلو، ھڪجيترو ۽ ھم وزن رسين سان جوڙبو آھي ته جيئن تور وقت، تارازي کڙي ڪجي ته ٻئي پُڙَ ھموار ٿين. پوءِ ھڪ پاسي تورا يا وٽ وجھبا آھن ۽ ٻئي پاسي شيءِ يا جنس رکبي آ ته جيئن وزن جي تڪ تور صحيح معلوم ٿئي.


تارازيءَ جي گھڻي استعمال سان ٿيندو ائين آ جو وٽ وجھڻ وارو پڙ ڌڪ لڳي لڳي وزن گھٽائي ويندو آ. جڏھن خالي تارازي ھموار ڪري ڏسبي ته اھو پڙ مٿي ھليو ويندو ۽ ٻيو پڙ پنھنجي اصلي ڳؤرائپ سبب ھيٺ ٿي بيھندو ۽ مٿين ڳنيءَ جي وچ وارو ڪانٽو، سندس طرف لڙي بيھندو. پڙ جي ان گھٽتائيءَ کي ڪاڻِ سڏبو آھي. اھا ڪاڻِ ڪڍڻ لاءِ ان پڙ ۾ يا مٿي جتي سندس ٽنگا ڳنڍيل ھوندا آھن، ڪا واڌاري شيءِ وجھبي آ، جنھن کي ’اَھَنُ‘ سڏبو آھي. اھا ڪاڻ جيستائين نه ڪڍبي، تيستائين چئبو ته تارازي کوٽي آ. يا وري ڪن کي چوندي ٻڌبو آ؛ ’يا وٽ کوٽا آھن، يا ڦودني ۾ ڦير آ‘. ٻين لفظن ۾ ڪاڻ ان ڪاڻ ڪڍبي آ ته جيئن وزن ڪرڻ وقت ڪنھن ڌر کي گھٽ-تور جو نقصان نه پھچي.

اھا ڪاڻِ ننڍي تارازيءَ جي ننڍي، وڏيءَ جي وڏي ٿيندي آ.

جڏھن ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽا نه ھيا، تڏھن تصور ڪيو اگر جيئرا ھاٿي، گڏي يا ڌار ڌار، تورڻا ھجن ته اھڙي قسم جي تڪ تور ڪرڻ لاءِ جيڪا تارازي ڪتب آڻجي ھا، ان جا پڙ ۽ تورا ڪيترا نه ڳؤرا ۽ وزنائتا ھجن ھا. ان نسبت سان انھن جي ڪاڻِ به پڻ چڱي خاصي ھجي ھا.

ان ڪاڻِ کي تصور ۾ آڻيندي، گڏھ تي ٺٺول ٿيل آھي ته جن تارازين ۾ يا جن ھنڌن تي ھاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏھ جي حيثيت ڪاڻِ ڀرڻ واري شيءِ يعني ’اَھَنَ‘ جيتري ھوندي.

مطلب؛

۱. وڏن جي آڏو ننڍن جيثيت تمام گھٽ آھي.

۲. بادشاھين پوندي معاملي، ڄٽي ڪير ساري،

No comments:

Post a Comment