گھل گھوڙا يا گھوڙا ڙي
گھوڙا
(ورجيس)
ڪليم الله لاشاري
ورجيس ٺھڻ جو بڻياد ۽ اصل سبب.
اسان وٽ هتي ڪنهن به مصيبت وقت
روئڻ پٽڻ ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي، ”گھل گھوڙا“ يا ”گھل گھاڙ“ بهرحال، ڏکڻ ڏي ٻڌو
آهي ته چوندا آهن ”گھوڙا گھوڙا“ يا ”گھوڙا ڙي گھوڙا“. جنهن لاءِ اسان وٽ چيو ويندو
آهي ته اڳئين وقت ۾ جڏهن ڦورو يا لٽيرا گھوڙن تي چڙهي ايندا هئا ته انهن کي ڏسي ماڻهو
دانهون ڪندا هئا ته ”گھوڙا ڙي گھوڙا.“
سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جو علائقو
جنهن ۾ ٻولي ترقي ورتي ۽ وڌي آهي. اهي شاهد آهن ته ڪڏهن به هت ڦريون يا ڌاڙا ايڏي
پيماني تي نه ٿيندا هئا جو اهو ڪو روزمره جو ڪم هجي ۽ اهو لفظ روز افزون استعمال
سبب پنهنجي جڳھ ٺاهي سگھيو هجي. پر ان جي ڀيٽ ۾ بيماريون، تڪليفون ۽ موت اهڙيون
شيون آهن جيڪي هر ڳوٺ يا شهر ۾ هر روز نظر اچن ٿيون ۽ انهن شين وقت اسان جي سنڌ جا
رهواسي بيشڪ دانهون ڪندا آهن ته ”گھل گھوڙا“. جيڪي اسان پاڻ مثال ڏٺا آهن.
سو اهو لفظ مصيبتن، تڪليفن، آفتن،
بيمارين ۽ اموات سبب مروج ٿيو جيڪي روزمره جي زندگي جو عنصر آهن. ڪڏهن ڪڏهن جي ڦرين
سبب جيڪي سڄي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن. اسان وٽ ٻولي جي ماهرن ان لفظ کي
”گھوڙا گھوڙا“ چئي ۽ ان جي قياس تي مبني سبب ٻڌائي پنهنجي جند ڇڏائي. ڪنهن به لفظن
جي اصلي ترڪيب ڏسڻ پسند نه ڪئي ته آخر ”گھل گھوڙا“ ۾ ”گھل“ لفظ جي مناسبت ڇا آهي
”گھوڙا“. ڪنهن به تاريخ جو ورق نه اٿلايو ته معلوم ڪري ته لفظ ڪيئن ٺهيو. ڪهڙي
واقعي سبب ۽ پهريان ڪڏهن استعمال ٿيو. سگھڙن استعمال ڪيو يا ازخود ماڻهن منجھان
پئدا ٿيو ۽ مروج ٿي ويو. اهي سوال واقعي به عالمن کي دعوت ڏين ٿا. پر ڪير جواب ڳولهي؟
ڇو ڳولهي؟ جڏهن سائين سنوارين کي ايئن ڊگري مليو وڃي. پوءِ آخر ڪوئي محنت ڇو ڪري..؟
احمد شاه ابدالي جي تاريخ جي
مطالعي دوران منهنجي علم ۾ اهي دلچسپ لفظ نظر آيا. جن مون کي سوچڻ جي لاءِ هڪ نئين
راھ ڏني. احمد شاھ پهريان لاهور تي قبضو ڪيو (۱۷۵۲ع) پوءِ دهلي کي لٽيو (۱۷۵۵ع) ۽ مرهٽن کي (۱۷۶۱ع) کي
پاڻي پٽ ۾ ۽ ۱۷۶۲ع ۾ ستلج ۽ جمنا جي وچ ۾ دوراھ
جي ڀرسان شڪست ڏني جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ هزار سک مارجي ويا. سکن جي تاريخ انهي
واقعي کي ”گھلو گھاڙا“ لکي ٿي يعني ”ناگھاني آفت“ جنهن کان بعد اهو لفظ عام
استعمال ۾ ايندو ويو.
بهرحال فيصلو ڪرڻ منهنجي هٿ ۾
نه آهي. مون ته رڳو ٻه رستا اوهان کي ٻڌايا. هڪڙو رستو قياس آرائي ۽ خيال جو آهي ۽
ٻيو رستو تاريخي اهميت ۽ عام زندگي تي اثر انداز ٿيندڙ آهي.
ڪليم الله لاشاريءَ طرفان منظور ڪوھيار کي لاڙڪاڻو مان ۳۰ آگسٽ ۱۹۷۷ع تي لکيل خط جو مان کنيل. ياد رھي ته ھيءُ خط، منظور ڪوھيار صاحب، ”ڪليم الله لاشاري ۽ سندس ڪجھ خط“ جي نالي سان ھڪڙي خاڪي ۾ آندو آھي، جيڪو سندس فيسبڪ وال تي پڻ رکيل آھي.)
No comments:
Post a Comment